Friday, May 27, 2016

خوشامندي، چمچاگيري ۽ اسان جو معاشرو

خوشامد ـــ هن دور ۾ هڪ آرٽ ، هڪ فن جيان آهي .هر ڪنهن کي اهڙو هنر نصيب ۾ نه ٿو اچي هن گڻ کي جيتوڻيڪ مَعيوب سمجهيو ويو آهي يا ڄاتو ويو آهي ، پر هن دور ۾ هي گڻ به ڪاميابيءَ جي هڪڙي ڪِِي ( چاٻي ) آهي . جنهن ڪري نه چاهيندي به هن جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي .جيڪڏهن انڪار ڪري ٿو ته اهو هُوصرف پنهنجي انا کي تسڪين ڏي ٿو يا پنهنجي پاڻ کي دوکي ۾ رکي ٿوتنهنڪري هيءُ هنر ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن وٽ ناهي ته معاشري ۾ يا سندس حلقي احباب ۾ کيس اهو مقام کيس ناهي ملي سگهندو جيڪو هو لهڻو هوندو آهي.ان جو مطلب هر گز اهو نه سمجھڻ گھرجي ته علمي استعدادي قوت يا فني مهارتون ڪا معنى نه ٿيون رکن . انهن جي اهميت اولين درجي آهي خوشامد دراصل واڌو پوائنٽن ۾ شمار ٿي ٿيندي آهي .پاڻ وڻائڻ جي آرزو انسان ۾ روز اول کان رهي آهي ، ان لاءِ هو اڪثر پنهنجن عيبن کي ڍڪڻ ۽ مروج خوبين جي پاڻ لاءِ دعویٰ ڪرڻ ۾ وسان ڪين ٿو گھٽائي . اسان وٽ خوشامدي کي ايترو برو نه ٿو سمجهو وڃي جيترو ان لفظ خوشامد سان گڏ کودڙو ڳنڍي ڪري لفظ خوشامد جو تقدس پائمال ڪيو وڃي ٿو . هاڻي اهڙا حرف اضافت جيڪي بنا ڪنهن مقصد جي لفظن سان چنبڙايا وڃن ٿا . جن جي ڳنڍجڻ سان اڻڄاتي توهين جو احساس ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي اهڙي استعمال جي جيتري نندا ڪجي گھٽ آهي.خوشامد جهڙي آرٽ کي سکڻ ، سيکارڻ جا ٻين ملڪن ۾ ته ادارا ضرور هوندا پر اسان وٽ اهڙا ادارا مورڳو آهن ئي ڪونه ، جو اتي وڃي اهڙي مهارت جا داوَ پيچ ، ڪنهن ماهر کان سکجن . ها ، پر اسان جي ارد گرد جو ماحول اهڙي مشاهداتي تعليم ، مفت ۽ بنا ڪنهن طبقاتي تفريق جي ڏئي ٿو . صرف ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اوهان ۾ سکڻ جي صلاحيت هجي ، جيتوڻيڪ هيءَ صلاحيت موروثي به ٻڌائي وڃي ٿي پر هاڻ سائينس ايتري ترقي ڪئي آهي جو موروثي جزا به هڪٻئي ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا ، جنهن سان قومن جي ڌار ڌار سڃاڻپ جيتوڻيڪ ختم ٿيندي پئي وڃي پر دنيا هاڻ هڪ قوم يا هڪ اصول آڌار هڪ ٿيندي نظر اچي ٿي اهو آهي ذاتي مفاد .... ڪٿي ڪٿي اهو ذاتي مفاد اجتماعي مفاد جي شڪل به اختيار ڪري ويندڙ ڏٺو ويو آهي پر اهو تمام گھٽ مقدار ۾ هجڻ ڪري ڳڻائي نه ٿو سگهجي . لفظ خوشامند يا ان جي فاعل خوشامديءَ کي خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه ڪري خراب ڏٺو ويندو آهي ۽ سمجهيو ويندو اهي جيتوڻيڪ هن گڻ ۾ ايڏي وڏي قباحت به ڪونه آهي.لغتون ٻڌائن ٿيون ته لفظ خوشامد کي چاپلوسي جهڙي فعل سان ڳنڍيو ويندو آهي اهو ته لغت دان ئي درست سمجهي سگهن ٿا پر مان صرف ايترو چوندس ته چاپلوسيءَ جي آخري چئن اکرن لوسيءَ کي زحاف ڪري ڪو ٻيولفظ آڻجي ، ته جيڪر خوشامد جهڙي ڪارائتي لَڇَڻ کي ڪو به سُلڇڻوسڏائيندڙ فرد ڪُلڇڻ نه چئي سگهي . يا ضروري آهي ڇا ته لفظ خوشامد جي معنى چاپلوسي وٺجي يعني چوپل لوسڻ يا چٽڻ ... اهو لفظ ڪو الهامي ته ناهي جو ان جي معنى نه ٿي مٽائي سگهجي .منهنجو هڪ يار آهي ان کي اجايو فلسفو جھاڙڻ جي عادت آهي اهو اڪثر انهن ماڻهن آڏو عام فهم ڳالهين کي به فلسفي انداز ۾ جھاڙيندو آهي جيڪي لفظن جي ڇِپَ جيڏين معنائن ۾ دٻجي نهايت ئي انڪساريءَ سان بنا سمجهڻ جي واه واه ڪندا آهن . هاڻ ڇا انهن جي اخلاص کي به اسان خوشامد ته نه ٿا چئي سگهون نه ، ان کي اسان حضور شرمي چئون ته بهتر ٿيندو . سنڌ ۾ اهڙن حضور شرمن جو تعداد به لکن ڪروڙن ۾ آهي يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جو90 سيڪڙو عوام حضور شرم آهي . يا ڳاله کي هن درست نموني سان سمجهجي ته ، خوشامد ڪرڻ مان جنهن کي فائدو پوي ٿو يا ڪا مراعت ملي ٿي ان کي اسان خوشامدي چئون ٿا ۽ جنهن کي فائدو نه ٿو ملي ته ان کي اسان حضور شرم چئون ٿا .ائين کڻي ڪيترو به درست ڇو نه هجي پر مان ان کي مثبت انداز ۾ وٺندس ته جنهن کي خوشامد يا چاپلوسي ۾ وڌيڪ قابليت آهي ان کي فائدو رسي ٿو ۽ جنهن کي صحيح انداز ۾ خوشامد نه ٿي ڪرڻ اچي ان کي فائدو نه ٿو رسي ، ان کي اسان حضور شرم چئون ٿا. يارڙو فلسفي چئي ٿو ته ، ائين ناهي جيڪو بوٽ لوسڻ يا چٽڻ جو ماهر آهي ان کي فائدو رسندو نه ڪي ان کي جيڪو بوٽ کي چٽي چمڪائڻ بداران بوٽ تي پنهنجي سڪل زبان جا لينگها هڻي چڏي ، اهڙي خوشامدي يا چاپلوس جي ڪنهن وٽ عزت ڪانهي ۽ هجڻ به نه گهرجي اها انهن ماهر خوشامدين جي حق تلفي ٿيندي جيڪي بوٽ چٽي ڪري نه صرف ان کي چمڪائين ٿا ، پر بوٽ کي تيسيتائين چٽيندندا رهن ٿا جيستائين بوٽ ۾ پنهنجو منهن نه ٿا ڏسن .. بحرحال يارڙي فلسفيءَ سان ڪو مناظرو ته آهي ڪونه .. مان اوهان کي اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته خوشامد جي هنر سکڻ لاءِ مڃيل ادارن جي سخت اڻاٺ محسوس ٿي رهي آهي جيڪر هر تعلقي سطح تي سرڪار پاران خوشامد سيکارڻ جا ادارا جوڙيا وڃن جتي ماهر خوشامدين کي رکيو وڃي . ڇاڪاڻ ته خوشامديءَ ۾ ئي ڪاميابيءَ جو راز رکيل آهي . انگريزي ٻوليءَ ۾ خوشامد کي Flattery۽ خوشامديءَ کي Adulatory چون . اصل ۾ انگريزن ئي لفظ خوشامد سان انصاف ڪيو آهي، اها ئي ڪامياب قوم جي نشاني هوندي آهي جنهن وٽ لفظن جو تقدس پائمال نه ٿيندو آهي . هاڻ ادا چاپلوسي به ڪا معنى آهي جيڪا لفظ خوشامد جي ڏني وئي آهي؟؟ . هز هائينس ... ماءِ ميجسٽري .. ماءِ لارڊ .. هانرايبل .. اهڙن لفظن مان عاجزي ۽ انڪساري جي بوءِ ته برابر اچي ٿي پر ڪٿي به چاپلوسِيءَ جي بوِءِ نه پئي اچي .. هر قوم جي هڪڙي نفسيات به ٿيندي آهي ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب” اها نفسيات صدين تمندني ڦيرن بعد جڙندي آهي “ . ان ڳالهه جي حقيقي تهه تائين پهچڻ لاءِ غير جانبدارانه تحقيق جي ضرورت آهي . سماجي سائينس جا دوست ان تي پي ايڇ ڊي ڪن ته اڃان ڀلو ٿئي . هونئن ڀي پڪوڙن ۽ سنبوسن جي دعوتن بعد ملندڙ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ کان ته بهترآهي ته خوشامد جهڙي اهم موضوع تي حقيقي نتيجا اخذ ڪري عوام الناس جي ڀلائي ۾ پنهنجي علمي عرق ريزي ڪجي . يارڙو فلسفي چئي خوشامد سان فرد منجهان ارڏائپ وارا جزا مري وڃن ٿا ۽ هو ٻين لفظن غير مزاحمتي بڻجي وڃي ٿو ۽ هر مسئلي کي رب جي رضا ڄاڻي سمهي پوي ٿو . خوشامد ڪرڻ ڪري هن منجهان جرئت جا جراثيم سڙي ڳري وڃن ٿا جنهن ڪري قومن مان انهن جا دائمي قدر ڇڏائبا وڃن ٿا . يارڙو فلسفي جنهن جو پورو نالو يار محمد آهي پر کيس سمورا دوست ياروءَ جي نالي سان سڃاڻن مان کيس يارڙو جو اسم تسغير هڻي مخاطب ٿيندو آهيان سو اڃان وڌيڪ چوي ٿو ته خوشامدي ماڻهوءَ مان ڪڏهن به ڪنهن کي غذا نه پوندي آهي ، خوشامد هميشه قومي غدارن کي پاليو آهي . خوشامدي ماڻهوءَ کي لوسڻ جو نڪ ٿيندو آهي ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي پر ايترو سو اسان سمجهون ٿا ته خوشامدي ماڻهو پنهنجي مقصد سان 100سيڪڙو سچا هوندا آهن ۽ ڪنهن به ايري گيري نَٿو خيري جي جملن ٿي ڌيان ناهن ڏيندا . خوشامد جي اسان جي زندگيءَ ۾ اهميت ته آهي ئي ، پر هاڻ ته خوشامد اسان جي زندگيءَ جي ضرورت به بڻجندي پئي وڄي ، ڏسو اسان جي هميشه اها روايت رهي آهي ته اسان شين جي اهميت بجاءِ شين جي ضرورت آڌار متوجه ٿيندا آهيون . ۽ ضرورت ايجاد جي ماءُ جهڙيون چوڻيون به اسان ان اصول تحت آنديون سي . خوشامد جي عمل کي جيتوڻيڪ هر معتبر ماڻهو حسد طور نازيباتو عمل قرار ڏيندو آهي پر ان عمل ڪرڻ ۾ پاڻ به سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مصروف عمل هوندو آهي .جنهن ڪري خوشامد جو واهپو زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ عام جام ۽ پڪو پختو ٿيندو پيو وڃي . ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته کيس پنهنجي شعبي ۾ اهميت ڏني وڃي کيس پسند ڪيو وڃي . اسان جي سرڪاري ادارن ، سياسي پارٽين ، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو گھرائيءَ سان مشاهدو ڪجي ٿو ته خوشامد جي گڻ جي درست سُڌِ پوي ٿو .وڏي صاحب وت پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ صاحب جا عيب ڍڪڻ ۽ ان جي انهن خوبين کي ڪوٽي نروار ڪرڻ جيڪي گڻ صاحب ۾ سِري سان هجن ئي ڪونه ٿا . اهڙا عمل خوشامد جي بنيادي نقطن ۾ اچن ٿا .جنهن سان سماج جي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀلي کڻي جمود اچي وڃي ٿو پر خوشامديءَ جي ترقيءَ کي برقي توانائي ملي وڃي ٿي . اهڙن خوشامدين جا پنهنجي اداري ۾ وڏا ٺٺ هجن ٿا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي ڪمن جي بار کان آجا بڻجي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي وڏي صاحب جي گُڊ بُڪُ ۾ هوندا آهن انهن کي لهر نه ڪي لوڏو .. مان ڪجه خوشامدي ماسترڙن کي سڃاڻان جيڪي اسڪول ۾ سمورو ڏينهن وڏي ماستر جي انهن خوبين کي به ڳولهي ظاهر ڪندا رهندا آهن جن جي ان ويچاري کي خبر به ناهي هوندي . سندن اهڙي تحقيق جو ڦل کين ان صورت ۾ ملندو آهي ته اهي ڪلاس ۾ وڃڻ کان آجا هوندا آهن . ۽ وڏو ماستر زمين کان ٻه فٽ مٿي هلندي ڪلاسن جو وزٽ ڪندي پگھريل ماسترن کي درست تدريس جا گُرَ سيکارڻ نڪري پوندو آهي .

خوشـــــــــــامد اســـــــــــــان جي ســــــــياســــــــي پــــــــارٽيــــــــن ۾ عــــــــــام جــــــــام نظـــــــر اچـــــــي ٿــــــــــــي . هتي خوشامديءَ کي ٿورو وسيع پيماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي . پنهنجي سياسي عهدي ۾ ترقي وٺڻ لاءِ اعلى قيادتن جي اڳ پُٺِ ڪرڻي پوي ٿي منهنجو فلسفي يار اهڙي قسم جي خوشامدي عمل کي اڳ پُٺ جو اصطلاح ڏئي ٿو . هن ڪِرت ۾ ننڍا اڳواڻ وڏن اڳواڻن جي لڪل ڪارنامن کي وڏي طمطراق سان سياسي جلسن ۾ فلڪ شگاف رڙين سان ظاهر ڪندا رهن ٿا جيڪي ڪارناما گھڻي ڀاڱي حادثاتي هوندا آهن . ڪرپشن جي ڏوهن ۾ ڪاٽيل جيلن وارن ڏينهن کي پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانين سان ڀيٽا ڏيڻ ۽ انهن سزائن کي جمهوريت لاءِ ڏنل ٻليدان سڏيو وڃي ٿو . ۽ اهڙا خوشامدي انهن تقريرن تائين دنگ نه ٿا ڪن پر ، هڪ مخصوص ٽولو به جلسي گاهه جي ويجھو رکن ٿا جيڪي وڏي قيادت جي قربانين جي نعرن سان گڏوگڏ ان جيتامڙي سياسي ڪارڪن جي به پارٽيءَ لاءِ قربانين جا نعرا هڻي اعلى قيادت کي سندس سياسي اهميت ۽ حيثيت جو احساس ڏيارن ٿا . پــــــــوءِ ڀلي کڻـــــــــــــــــي اهـــــــــو همــــــــــراه پنهنـــــــــــجي پـــــــارٽــــــــيءَ جـــــــي منـــــــــــشور ۽ پـــــــروگــــــــرام کـــــــــان نــــــاواقــــــف ڇــــــو نه هــــــــــــجي . سو سياسي پارٽين ۾ خوشامد جو ڪاروهنوار انهن ڏينهن ۾ اڃان وڌيڪ عروج تي هجي ٿو جڏهن اها سياسي پارٽي اقتدار ۾ هجي ٿي . ۽ مراعتن جي سخا جي بارش ڪارڪنن مٿان پوندي رهي ٿو . خوشامد ــ هاڻ جيتوڻيڪ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ضرورت سان روان دوان آهي . ادبي حلقن ۾ پڻ هيءُ گڻ عام جام ملي ٿو جيتوڻيڪ هن کي ڪجه دوست وبا جي نالي سان سڏين ٿا پر مان هن کي فرد جي قابليت قرار ڏيندس . ڇو ته پنهنجي اهميت جو ڌاڪو ويهارڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي پوءِ هو ان اهميت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو به عمل ڪري ٿو . اسان وٽ سيکڙاٽ اديب هميشه سينيئر اديبن وٽ پنهنجي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ خوشامد ڪرڻ ۾ وَسان نه ٿا گهٽائن . کيس لقب القاب ڏيڻ ادبي محفلن ۾ ٻڌبا رهبا آهن . سائين لطيف ثاني آهي . سائين جي شخصيت جو سنڌي ادب ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . سائين جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو سانحو آهي اهڙو خال ڀرجي نه ٿو سگهجي .مختصر تقرير پر اهڙين تقريرن سان سڀني سينئر اديبن جي هنج ۾ ويهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ملي وڃينس ته گھڻي محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟؟ اسان جي ادبي حلقن ۾ عورت ليکڪائن جي تخليقن تي به وڏي فراخدليءَ سان راءِ زني ڪئي ويندي آهي . موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا تي مون کي هڪڙي به اهڙي ڪمينٽ پڙهڻ لاءِ ناهي ملندي جنهن ۾ ڪنهن عورت ليکڪا جي لکڻيءَ جي عيب جوئي ڪئي وئي هجي ، هر عورت ليکڪا جي هر لکڻي فني ۽ فڪري حوالي سان شاهڪار لکڻي تصور ڪري ڏٺي وڃي ٿي اهڙي عمل کي حضور شرمي چوان يا خوشامد چوان پر مون وارو فلسفي يار ان عمل کي همت افزئي چئي ٿو. پر مان کيس چوان ٿو ته اهڙي همت افزائي مرد ليکڪن جي نه ڪرڻ واري عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي ته ان جو جواب ڪونه ٿو ڏنو وڃي .ڪڏهن به ڪنهن سينئر ليکڪ ڪنهن جونيئر جي انتهائي پختين تخليقن کي لائيڪ ڪرڻ به گناه ڪبيره سمجهو وڃي ٿو . اهڙي عمل سان سنڌي ادب ۾ سينئر ۽ جونيئر ٽهيءَ ۾ وڃوٽيون پيدا ٿيل آهن جنهن سبب ادبي کيتر ۾ تعميري ڪم ۾ جمود طاري ٿيل ڏسجي ٿو . جونيئر اديب پنهنجي هينانءَ سوجھري تي ادبي سفر طئه ڪرڻ تي مجبور آهي . جنهنڪري درست ڊائريڪشن وٺڻ لاءِ جونيئر اديب کي ڪيترو ئي وقت لڳي وڃي ٿو . اسان وٽ جيڪو اديب قلم جي قط کي قرطاص تي هلائي نه ٿو سگهي ته وري ايڊيٽر بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا قلم ڪار ۽ ڏات ڌڻي پنهنجون رچنائون شايع ڪرائڻ لاءِ ايڊيٽر صاحب جي اڳ پُٺِ يا ٻين آسان لفظن ۾ خوشامد ڪندي نظر اچن ٿا .هي ته مار پوي فيس بڪ واري ذڪر بگرڪ کي جنهن جي ڪري ڪجه وائڙا ليکڪ ايڊيٽرن جي ڪاڻ نه ٿا ڪڍن نه اسان جي ايڊيٽرن جو شان ۽ مانُ گذريل صديءَ جي پوين ٻن ڏهاڪن ۾ ڏسڻ وٽان هو . ماکين جا شيشا ، انبن جون پيٽيون ، سچي گيهه جي تحفن جي پارسلن سان گڏ پوسٽ مين جڏهن ليکڪ جا لکيل چار پنا کڻي اچي ايڊيٽر صاحب کي ڏيندو هو ته سندس دل باغ بهار ٿي پوندي هئي.۽ صبح واري پرچي ۾ شيڊول ٿيل ليک کي ملتوي ڪري به تازي آيل ليک کي جاءِ ڏني ويندي هئي جو اهو برننگ اشو تي لکيل هوندو هو . چون ٿا ته سوسائٽي پيپر ليس ٿيندي پئي وڃي سموري لکڻ پڙهڻ جو ڪم هاڻ اليڪٽرونيڪل ٿيندو پيو وڃي . اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ ڪهڙي رٿا ڪئي پئي وڃي ڪا خبر ڪانهي باقي اسان وارو يارڙو فلسفي ته ڏينهن 18 ڪلاڪ فيس بڪ تي گذاري ٿو . سندس فيس بڪ لاءِ چوڻ آهي ته فيس بڪ تي گذاري ويلن تي تعذيتن ۽ جنم ڏينهن جي مبارڪن وارين پوسٽن مان هو بيزار ٿيندو پيو وڃي باقي فيس دنيا سان ڳنڍجڻ جو سگهارو ذريعو آهي . عربن ۾ انقلاب فيس بڪ آندا ۽ بادشاهيون برباد ڪري ڇڏيائين . سنڌي ماڻهو اڄ وڌيرن جي رحم ڪرم تي آهن اڃان تائين وڏيرا هنن جي وات ۾ پادر کڻائن ٿا اڄ اهي معاشي استحصال ڪندي عصمتن کي داغدار ڪن ٿا . سنڌي قوم هن تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ ويڳاڻي ڪيفيت ۾ آهي . سنڌ جي اهڙي ويڳاڻپ جو دارون نه اسان جي اديب وٽ نظر ٿو اچي نه ئي وري سياسي نيم حڪيمن وٽ .. ؟؟؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو