Friday, May 27, 2016

ڳالهيون پيٽ ورن ۾

سلطانه وقاصي
دل ۽ دماغ جي جنگ ۾ هارائڻ ۽ کٽڻ انسان جو معمول آهي. دل نرم نازڪ ٻن لفظن تي راضي ٿيو وڃي. دماغ سخت، ڏاڍو ۽ دليلن سان سوال جواب ڪندو آهي. دل ۽ دماغ جو انسان جي وجود ۾ هجڻ ۾ وڏي ڪا حڪمت هوندي. ڇو ته هيءَ دنيا ڏاڍي ڏکي آهي. جيون گذارڻ ڏاڍو اڙانگو آهي. صبر ڪري درگذر ڪي ڏاڍ جو مقابلو ڪرڻ اڙانگو آهي. اسان جي وجود جا هي ٻه حصا دل ۽ دماغ اڪثر ڪري ارڏا به ٿي پوندا آهن. جنهن وجود ۾ ويٺا آهن ان وجود جي ڳالهه به نه مڃيندا آهن. وجود ته رت، ماس ۽ هڏ چم جو جُڙيل آهي. ان کي ڌڪ لڳڻ سان سور ٿئي ٿو ۽ ان کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ سرهائي به ٿيندي آهي.
هي وجود دنيا ۾ هلي چلي ٿو. ڪوسي ٿڌي سهي ٿو. اکين سان ڏسي، ڪنن سان ٻڌي ۽ وات سان ڳالهائي ٿو. ها پر ڇا ڪري هي ويچارو وجود ڇو ته ان سان گڏ ٻه شيون دل ۽ دماغ جي روپ ۾ جُڙيل آهن. وجود جي اندر انهن جا اختلاف، جهيڙا فساد اندر جو اُڌما وڌائي ڇڏيندا آهن. دل پيار ۽ احساس ڪندي آهي. دل ۾ ڏک ٿيندو آهي دل ۾ آيل پيار ۽ لک درد دماغ پاڻ وٽ گهلي وٺي ويندو آهي. هاڻ دماغ جا ڪيل فيصلا ڏاڍا ڏکيا به هوندا آهن ته ڪنهن ويل سچا ۽ کرا به هوندا آهن. هر قدم تي ساٿ ۽ واسطيداريون هونديون آهن. هڪ ٻئي ۾ ڪم ڪار پيو پوندو آهي. وڏڙيون چونڊيون آهن انسان، انسان جو کاڄ آهي، ڪير به انسان اڪيلو جيون گهاري نه ٿو سگهي. ناتا، رشتا ٽٽي نه ٿا سگهجن، رت دانگيءَ تي به ورندو آهي، پنهنجو ماريندو ته به ڇانو ۾ ڦٽي ڪندو، زخم ڏيندو ته مرهم پٽي به ڪندو. اها به چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک، ايئن ڪير ڪونه چوندو آهي سکن پٺيان ڏک… بس هيءَ جيون جي راند آهي جنهن ۾ تشدد ۽ اڻ سهپ وڌيل آهي. پنهنجن پروان وٽان مليل درد ۽ خوشيون وجود ۾ هلچل مچائيندا آهن. جن مان اميد رک اهي ئي نااميد ڪندا. جن کي اسان وساري ڇڏيندا آهيون اهي ئي وقت تي اچي سار لهندا آهن ڀرجهلا ٿيندا آهن. زندگي جي هن چوپڙ راند ۾ ڪنهن به ڪردار کي پرکڻ ڏکيو آهي. سچ ته اهو آهي ته دنيا مان سچائي ختم ٿي وئي آهي هاڻ ته انسان به پنهنجي وجود سان سچو نه رهيو آهي.
وجود جي سچائي انسان جو انفرادي عمل آهي. ان عمل ۾ جڏهن کاٽ پوي ٿو. ان ويل سڀ ڪو نفسانفسيءَ جي ماحول ۾ پنهنجي مطلب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. ان ڪوشش ۾ جسم جا اهي ٻه حصا جن کي اسان دل ۽ دماغ چئون ٿا انهن جي اهميت وڌي ويندي آهي.
دل ڪونئري آهي، پيار ۽ احساس ڪندڙ آهي. دل جي ذريعي هي اکيون دنيا ۾ سٺائي، محبت، خلوص ڏسنديون رهنديون آهن. دل انسان جي زندگي گذارڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪندي آهي. دماغ سوچيندو آهي صحيح ۽ غلط جي فرق کي سمجهندو آهي. اڪثر دل جي ڪيل فيصلن جي اڳيان دماغ جا فيصلا رستا روڪي بيهي رهندا آهن. دل چوندي آهي ته مان صحي آهيان ۽ دماغ چوندو آهي ته مان صحيح آهيان.
هي انسان جيڪو هڏ چم، ماس ۽ رت سان ٺهيل آهي ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين دل دماغ جي جهيڙن ۾ زندگي گذاري ڇڏيندو آهي. ها ڪڏهن ڪڏهن دل ۽ دماغ ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق به ٿيندا آهن پر اهو به ڪڏهن ڪڏهن.
سچ ته اهو آهي ته مان به پنهنجي وجود جي هارايل ۽ لٽيل جنگ ۾ هن دل ۽ دماغ کي ئي ذميدار سمجهندي آهيان. مون وانگر هر انسان ايئن ئي زندگي گذاريندو آهي. وجود سان گڏ هي دماغ نه هجي ها ته پوءِ هي جيون گهارڻ مشڪل ٿي پوي ها.

شفيق شاڪر  هيپي هرٽ پوائنٽ


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو