
ڀارتي فلم ” تاري زمين پر “ ۾ اٺن سالن جي ٻار جو ڪردار ادا ڪندي مشهور ٿيل درشيل سفاريڏسندي ئي ڏسندي ٻار مان خوبصورت نوجوان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.هن عامر خان جي ان فلم ۾ هڪ اهڙي شاگرد جو ڪردار ادا ڪيو جنهن کي پڙهائيء ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون
اداڪار درشيل سفاري ،9 مارچ 1997ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو.هن جي پهرين فلم ” تاري زمين پر “ 2007ع ۾ رليز ٿي .ان فلم ۾ جاندار ۽ ڀرپور اداڪاريء سبب تمام گھڻي شهرت
ان فلم ۾ هن هڪ بيماري ” ڊسليڪسيا“ ۾ ڦاٿل هڪ ٻار جو ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي تعليم جي ميدان ۾ تمام گھڻين مشڪلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اان فلم جي ڪاميابيء کان پوء درشيل کي فلم فيئر،زي سينيما ۽ اسٽار اسڪرين ايوارڊس سان پڻ نوازيو ويو.
ان فلم ۾ عامر خان آرٽ ٽيچر جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر فلم جو اصل هيرو ان جو مضبوط،جاندار ۽ نهايت ئي متاثر ڪندڙ اسڪرپٽ آهي جيڪو امول گپتا لکيو هو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو