Thursday, May 19, 2016

سرهي سوچ ؛ قسمت

اسان مان ڪيترا قسمت تي ڀاڙيندا آهن ته ڪافي ماڻهو ڪوشش ۽ جدوجهد کي ڪاميابيءَ جي ڪنجي سمجهندا آهن ۽ اهو آهي به سچ، جيڪي قسمت تي دارومدار رکي ماٺڙي ڪري ويهي رهندا آهن، انهن جي حياتيءَ ۾ ڪوبه اُجرو يا خوشيءَ جو پل ناهي ايندو. هڪ ڀيري مون ماضيءَ جي هڪ خاموش فلم ڏٺي، جنهن ۾ هڪ صوف جي وڻ وٽ هڪ شخص اچي ٿو، وڻ تي لڳل صوف کي ڏسندو رهي ٿو، ايتري تائين جو سندس ڏاڙهي وڌي وڃي ٿي، نيٺ اهو شخص ڊهي پوي ٿو ۽ مري وڃي ٿو، ان جي قبر صوف جي وڻ هيٺان ڏيکاري وڃي ٿي، نيٺ وڻ تان صوف ڇڻي قبر تي پوي ٿو، ايتري ۾ قبر مان ان شخص جو هٿ نڪري ٿو ۽ صوف کڻي وٺي ٿو، جيڪڏهن اهو شخص جيئري ئي وڻ مان صوف پٽي وٺي ها ته کيس ايترو خفو ۽ انتظار نه ڪرڻو پوي. اسان مان ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي صوف جي وڻ هيٺان بيهي صوف ڏانهن ڏسي رهيا آهن، اسان کان اِهو نٿو پڄي ته هٿ وڌائي صوف پٽي وٺون، يعني زندگيءَ جي حاصلات ماڻيون، پوءِ ائين ٿيندو آهي ته اسان کي رڳو انتظار ناڪاميون ۽ نامراديون ملنديون آهن، اسان مان گهڻن کي ته مرڻ پڄاڻان به صوف ناهي ملندو، ان ذڪر تي مون کي هڪ پرڏيهي دانشور جي چوڻي ياد اچي رهي آهي، اوهان به ٻڌو ”جيڪي ماڻهو اِهو ضد ڪندا آهن ته جيڪو ڪجهه قسمت ۾ لکجي چڪو آهي، سو تبديل نٿو ٿي سگهي، اهڙا ماڻهو جڏهن به رستو پار ڪندا آهن ته ٻنهي پاسي ڏسندا آهن. ڳالهه سمجهه ۾ آئي هجي ته هيئين سان هنڊائيندا،
                                     (مشهور ليکڪ سائين حيات علي شاه جي ڪالم تان ورتل)
                                                   happyheartpoint.blogspot.com  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو