Thursday, May 19, 2016

دل ڏکوئيندڙ واقعا ۽ سماجي بيحسي

خالد ٻانڀڻ

اهي واقعا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو اداس ڪري ڇڏيندا آهن، دل تي بوجهه بڻجي ويندا آهن، جو ڪڏهن مائرون گهريلو پريشانين کان تنگ اچي پنهنجي ٻارن سوڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ٿيون ڇڏين ته ڪڏهن ٻارن کي کوهه ۾ اڇلائي پاڻ به آپگهات ڪري ٿيون ڇڏين. پر اسان جي حڪمرانن تي انهن واقعن جو ڪو اثر نٿو پوي. اسان جهڙيون حساس دليون رکندڙن جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ته آخر ايئن ڇو ٿي رهيو آهي؟ هي جيڪي پيٽ وڏا، جن جي گهرن مان ڪروڙين روپيا نڪرن ٿا، اهي به نوٽ ڳڻڻ وارين مشين سان گڏجي پر ٻي پاسي ڪٿي کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، زندگي گذارڻ لاءِ ڪا اميد ناهي، مستقبل سڌارڻ لاءِ ڪو آسرو ناهي، انهن وٽ ته زندگي گذارڻ ڄڻ گناهه ٿي ويو آهي. هو ڄڻ هر روز پلصراط تان هلن پيا، جن جي اندر ۾ ڪروڌ، بيزاري ۽ بي حسي ڀرجي چڪي آهي، جو ڪجهه عرصو پهريان شهدادپور ۾ ماني دير سان ملڻ تي همراهه زال، پٽ ۽ سئوٽ کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙو ئي هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو تازو ٺل ۾ پيش آيو آهي ته اڍائي سالن جو ٻارڙو گهر ۾ راند ڪندي نانا، ماما چئي رهيو هو، پيءُ کيس بار بار چيو ته بابا چئو، نه چوڻ تي اڍائي سالن جي نينگر کي ٽنگ کان پڪڙي زور سان فرش تي هيٺ اڇلائي ڦٽو ڪيو، ٻار جي ڄنگهه ٽُٽي پئي. ماءُ جي ڇڏائڻ تي ان مٿان سخت تشدد ڪري نينگر ۽ امڙ کي ٻن ڏينهن تائين اڃ ۽ بک تي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جتي ماءُ ۽ ٻار ڌڪن جي سور سبب تڙپندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا. اهڙي خبر عورت جي مائٽن کي پوڻ تي انهن اچي کين آزاد ڪرايو.
هتي انهن قصن ڏيڻ جو هڪڙو مقصد اهو به آهي ته آخر ان ٻار جو ڪهڙو قصور آهي، جنهن کي سندس پيءُ ايڏي سزا ڏني؟ ٻيو  مقصد آهي ته معاشري مان تيزيءَ سان برداشت واري سگهه ختم ٿيندي پئي وڃي، جو اسان ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڏا وڏا قدم کڻي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي زندگي برباد ڪري ٿا ڇڏيون. ساڳي طرح ڏسو ته ڪجهه هفتا پهريان ليئه ۾ ڀاءُ صرف پنهنجي ڀاءُ کان مارڪٽ ڪرڻ جي پلاند ۾ مٺائيءَ جي دڪان ۾ زهر ملائي ڇڏيو. نتيجي ۾ 37 بيگناهه جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون. يعني 37 خاندانن جي گهرن ۾ ماتم برپا ٿي ويو. ڀاءُ سان جهيڙي ۾ انهن گراهڪن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جن جي زندگيءَ جا ڏيئا گل ڪيا ويا؟ مطلب ته پنهنجي انا جي تسڪين خاطر توهان زماني سان اهڙي جنگ ڇيڙي ڇڏيو، جنهن جو ڪو مقصد/ سبب/ ڪارڻ نظر ئي نه اچي. رڳو ان لاءِ ته توهان جي دل کي سڪون ملي، باقي دنيا کي باهه ڏئي ڇڏيو يا زندگي زهر ڪري ڇڏيو.
اهڙي صورتحال رڳو سنڌ ۾ ناهي، پر هاڻي ته ملڪ جي سمورن صوبن مان هر روز اهڙا واقعا رپورٽ ٿين پيا. ايبٽ آباد ۾ سهيليءَ جي پيار جي شادي ۾ مدد ڪرڻ تي هڪ ڇوڪريءَ کي ڪار اندر بند ڪري چوڌاري پيٽرول هاري ساڙيو ويو. اسان ڪيڏانهن پيا وڃون؟ ڪٿي بيٺا آهيون؟ ڪهڙي ذلت واري زندگي پيا گذاريون؟ ايبٽ آباد واقعو هڪ جرڳائي ٽولي جي فيصلي جو نتيجو آهي. سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ٻين صوبن سان گڏ خاص ڪري سنڌ ۾ وري جرڳا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اخبارون کڻي ڏسو روزانو ٻن ٽن جرڳن جون خبرون ملنديون، خون، خونن ۾ پاڙڻ، سڱ چٽي هڻڻ جا نادري حڪمناما جاري ڪيا پيا وڃن، پر سنڌ جو قانون، وزير خاموش آهن، انهن تي ڪو به ايڪشن ڪو نه پيو کڄي. لڳي ايئن رهيو آهي ته ڪجهه سال پهريان قانون جي جيڪا گرفت مضبوط ٿي هئي سا هڪ دفعو ٻيهر ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. ضلعن تي ايس ايس پيز ته سٺا آيا آهن، هاف فرائي، فل فرائي جو نئون قانون ته متعارف ڪرايو اٿن، پر انهن جا جرڳائي وڏيرن، سردارن ۽ سياستدانن ۾ هٿ وجهڻ وقت لڱ ڏڪن ٿا. ڪرسي لڏڻ ۽ بدلي جو پروانو ملڻ جو خوف سندن اندر ۾ گهر ڪري ويٺل آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ جا جيترا حڪمران معاشري جي تباهيءَ جا ذميوار آهن، اوترو عوام به ان ۾ برابر جو شريڪ آهي. ڇو ته هي حاڪم وقت جا بادشاهه، ادارن جي احتساب کان ڪڏهن به ڊڄڻ وارا ناهن، پر عوام جي احتساب کان هو ضرور خوفزده آهن. پر ڇا ڪجي ملڪ جو عوام به مزاحمت لاءِ تيار ناهي. ان جا منهنجي خيال ۾ ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، يا ته اسين چاهيون ٿا ڇڏي ڏيو جيئن نظام هلي ٿو، ايئن هلڻ ڏيو. جيڪڏهن حاڪم ارب، ڪروڙ ۽ لک کائن ٿا ته اتي هزار سئو جي ڪرپشن ۾ اسان به ملوث آهيون، يا وري ٻيو سبب ته اقتدار ڌڻين ملڪ جون حالتون اچي اهڙي چوڪ تي بيهاريون آهن، جو هاڻي ڪنهن به سرخ انقلاب لاءِ ماڻهو تيار ئي ناهن. انڪري جو انهن کي معاشي مسئلن ۾ اهڙو ته الجهايو ويو آهي جو هو ان مان جان آجي ڪرڻ ۾ پورا آهن. تڏهن ته قوت برداشت، رشتن جو ڀرم، پنهنجن سان پيار، سڀ بڪواس لڳي رهيو آهي. سهپ ان ڪري به ختم ٿي وئي آهي، هڪ مهيني کان گرمي پد 48 ڊگري کان 50 ڊگري تي وڃي پهتو آهي، دماغ جو ميڄالو رجڻ سان گڏ مثبت سوچون به رجي ويون آهن. سهپ، سڃاڻپ سڀ پگهر ۾ وهي هليو ويو آهي. ان سڄي صورتحال جو ذميوار وري به وقت ۽ حالتن کي چئي رهيا آهيون، پر اهو نٿا سوچيون ته اهڙيون حالتون به اسان جون پنهنجون پيدا ڪيل آهن. چينلن تي پاناما ليڪس اشو تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊراما شو ڪيون ٿا پر انهن اشوز تي، جيڪي عام ماڻهن جا آهن، جن واقعن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، اهڙا کوڙ سارا واقعا آهن، جيڪي روز ٿين پيا، پر انهن تي نظر ئي ڪو نه ٿي پئي. ڪيئن چئون ته اسان ترقي پسند جديد دنيا سان ڳنڍڻ واري صحافت ۽ سياست پيا ڪيون. اسان ته هاڻي لڪير جا فقير ٿي ويا آهيون. رڳو فالو اپ صحافت هلي رهي. پر اها صحافت جيڪا ليڪس ڪري نٿي پئي ٿي، جنهن سان مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي، ڪلبن جي درن تي روزانو انصاف لاءِ سوين ماڻهو دانهڻ لاءِ اچن ٿا، هر ماڻهو، هر خبر، هڪ وڏي اسٽوري هوندا آهن، پر پاڻ پنهنجي مطلب ۽ مفاد جي خبر کان اڳتي ڏسندا ئي ڪونه آهيون. نتيجن جهڙا حڪمران ۽ سياستدان اهڙو عوام، وري اهڙا ئي صحافي! گاڏو مڙئي گڏجي ويو آهي. ڦر لٽ جي بازار ۾ پيش ايندڙ دردن جون ڪٿائون اسٽيج جي ڪاري پردي پٺيان لڪيون پيون آهن، پر پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ان پردي کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهيون.
                                              happyheartpoint.blogspot.com 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو