Sunday, May 29, 2016

سرهي سوچ ؛ جيستائين اهي مون کي سر پيا چون....

مون چيو فرمايو!ته هو چوڻ لڳو ته آئون توکي عرض ڪيان ٿو ته اوهين منهن جي نماز ۽ ڏاڙهيء تي نه وڃو۽ منهن جي حصي جي رقم الڳ ڏيو.
هن جي اهڙيء طرح سڌا سنوان لفظ چوڻ تي مون کي تڪليف به ٿي،ان ڪري هن چيو ته اوهان دل ۾ نه ڪجو،اهو ته اسان جو ..... انهن ايڪويهن ماڻهن کان جاچ ڪندي خبر پيئي ته سڀ کان پهرين، رشوت وٺندڙ ڪو شخص پنهن جو پاڻ کي هڪ بي عزت ماڻهو سمجھي ٿو ۽ هو سوچي ٿو ته آئون ته ٽڪي جو ماڻهو آهيان.نه منهن جي ڪو اڳيان آهي نه پٺيان.هو ايئن لاشعوري طور تي سمجھندو آهي.بابا چون ٿا ته جيستائين اوهين پنهن جو پاڻ کي عزت نه ڏيندا ڪم نه ٺهندو.
لاهور ۾ هاڻي جنهن هنڌ واپڊا هائوس آهي جڏهن اتي اها بلڊنگ نه هئي ته ڪنهن زماني ۾ اتي هڪڙو پوليس جو سپاهي بٺل هوندو هو.ٽريفڪ جو اشارو موجود نه هوندو هو ءُ اهو سپاهي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪري رهيو هوندو هو.ان سان گڏ نيري وردين وارا ست اٺ خوبصورت ۽ چست نوجوان اسڪائوٽ بيٺل هوندا هئا.هڪ اسڪائوٽ اچي سپاهيء کي سيليوٽ ڪيو ۽ چيائين ته سر! هو ماڻهو خلاف ورزي ڪري ويو آهي ته سپاهيء چيو يار، وڃڻ ڏينس،خير آهي.وري ٻيو اسڪائوٽ آيو ۽ چيائين ته هو موٽرسائيڪل وارو قانون جي خلاف ورزي ڪري ويو آهي.ته به سپاهيء چيو ته يار،پهرين گاڏيء واري کي وڃڻ ڏنو آهي ته هن کي به وڃڻ ڏي.
( هاڻي آئون اتي بيٺوتماشو ڏسي رهيو هئس) پوء جڏهن ٽيون اسڪائوٽ ڪا شڪايت کڻي آيو ته مون سپاهيء کي اچي چيو؛ يار تون باڪمال ۽ چوڌري قسم جو سارجنٽ آهين،سڀني کي ڇڏي ڏين ٿو ۽ هي سمورا اسڪائوٽ توکي سيليوٽ ڪري رهيا آهن!
هو چوڻ لڳو ؛ هي سڀ ايڇي سن ڪاليج جا ڇوڪرا آهن، انهن جا گھر وارا انهن کي گاڏين ۾ ڇڏي ويندا آهن ۽ لعنت آهي جو ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن ته ڪنهن کان هڪڙو پئسو به رشوت نه ورتي اٿم.مون چيو؛ شايد ان ڪري جو اهي سڀ تنهن جي مٿان ٽنگيل بيٺا رهن ٿا.تون پئسا وٺ،ڇا اهي توکي پئسي وٺڻ کان روڪين ٿا؟ ته چوڻ لڳو؛ نه سائين.ان ڪري نه جو اهي منهن جي مٿان بيٺل رهن ٿا.پر ڳالهه هيء آهي جو اهي اچي مون کي سلام ڪن ٿا ۽ ”سر“ چون ٿا.چوان ٿو ته جيڪر هڪڙو پئسو به وٺان ته لعنتي ٿيان.ان ڪري جو انهن جو سيليوٽ مون کي هڪ معزز شخص بنايو ڇڏي ۽ معزز ماڻهو رشوت نه وٺندو آهي.هن چيو ته هن جي زال رشوت جا پئسا نه ڪمائي اچڻ تي ناراض آهي ۽ هي اٺن ڏينهن کان مون کي سليوٽ مٿان سليوٽ ڪندا ٿا وڃن! اهو سپاهي چوڻ لڳو؛ سر! آئون رکي سکي کائيندس پر جيستائين اهي مون کي سر پيا چون ۽ جيستائين مون کي سيليوٽ پيا ڪن تيستائين آئون رشوت هرگز نه وٺندس.

اشفاق احمد ( چيلسي ڪي باعزت ماجھي گامي)

                                                                                                                     sindhsujag.blogspot,com
 .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو