Thursday, May 26, 2016

اڻ سهپ وارا معيار.

صفيه حيدر

جيئن ته اسان به هن سماج ۾ رهون ٿا، نوڪري، گذاري، ڪم ڪار ۽ مجبوري ۾ روزمرهه جي ڪمن ڪارن لاءِ اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. هڪ شهر کان ٻئي شهر، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ اها چرپر جاري رهي ٿي، سماج ۾ ٿيل چڱايون، برايون اوچ نيچ اسان کي پڻ متاثر ڪري ٿي. انسان جا رجحان ۽ رويا، برداشت، عادتن کان علاوه سماجي رجحانن کي پڻ ظاهر ڪري ٿي. سماج جيترو بهتر هوندو، انسان جيترو ڌيرج ۾ هوندو اوترو ئي سماج جا فرد متاثر ٿيندا، سٺو يا خراب نتيجو سماجي حالتن پٽاندر ٿئي ٿو.
مطلب ته سماج ۾ جيترو سٺو قانون هوندو اوترو سماج ترقي ڪندو ۽ انهيءَ ترقي ڪري سماج ۾ رهندڙ فرد سُکيا هوندا ۽ سندن ترقي ٿيندي، سماج ۾ اوترو ئي سڪون هوندو.
پر هتي، جتي سماجي ترقي پڻ آهي، اُتي سماجي روين ڪري انسان هڪ عجيب مصيبت، بيسڪوني، اڻ سهپ ۽ عدم برداشت جو شڪار پڻ آهي، جتي سماجي ترقي انسان جي رهڻي ڪهڻي کي متاثر ڪيو آهي، اتي انسان جي ارڏائي ڪري کين نقصان پڻ ٿيندو رهندو آهي. ايڪيهين صدي ۾ دنيا داخل آهي، ترقيءَ جا نوان نوان در کلي رهيا آهن. ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان دنيا هر شعبي ۾ ترقي ڪري رهي آهي. انسان چنڊ تي پهچي، مريخ سياري لاءِ تحقيق ڪندي پلوٽو جي تحقيق ڪري رهيو آهي ۽ چنڊ تي رهائش لاءِ منصوبا جوڙي رهيو آهي، پر انهيءَ سان گڏ اُنهيءَ دهشتگردي جي ورِ پڻ چڙهيل آهي، جيڪا انسانيت جا دشمن ڪري رهيا آهن، جتي انسان چنڊ تي ڪالونيون جوڙڻ جو سوچي رهيو آهي، اُتي اهو ئي انسان دنيا کي وري پٿر جي دور کان پڻ اڳتي ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي انسانيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
انسان ماضي مان مستقبل جي خوابن کي ڏسندي ترقيءَ جي جستجو جي راهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽيڪنالاجيءَ ڪري پنهنجي ماحول، سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ سُک وڌايا، جديد مشينري ٺاهي، ترقيءَ جا سڀ ڪم ڪيا، ترقي ڪئي، ڪنهن ۾ سُک آهي ته ڪا ترقي انسانيت جي موت جو سبب پڻ ثابت ٿي. جيئڻ لاءِ هر ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو ورتو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ موتمار هٿيار ٺاهي هڪ ٻئي سان جنگ پڻ شروع ڪئي. هٿيارن جي جنگ، بمن جي جنگ، هوائي حملا، ڊرون حملا، ايٽم بم، روين جي جنگ، بندوق، ڪهاڙي، زبان جي جنگ.
ها ياد آيو زبان جي جنگ؛ اها پڻ اهڙي ئي خطرناڪ آهي، جهڙي هٿيارن جي جنگ. هٿيار انسان تڏهن کڻندو آهي، جڏهن دلين ۾ نفرت، ڪروڌ، حسد، بغض، ساڙ چوٽ چڙهندو آهي. اهي جذبا تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن رويا بدلبا آهن. انسان، انسان جو دشمن ٿي پوي ٿو، پوءِ نتيجو ڇا ٿو نڪري، جتي انسان روڊ حادثن جو شڪار آهي، دهشتگردي جو شڪار آهي، اتي رت جا رشتا ۽ برادرين پڻ جهيڙا ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي هڪ ٻئي جا دشمن پاڻ آهن ته ٻاهرين دشمنن جي کين ڪابه ضرورت ناهي، نه ئي ڀائپي، برادري يا اتحاد جي.
اخبار ۾ ڪجهه اهڙيون خبرون پڙهي بيحد افسوس ٿيو، نوشهره جي علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، اهو جهيڙو ٻن ڀائرن رحيمداد ۽ سردار علي جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا پنج ڄڻا مارجي ويا. انهي ٻارن وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۾ وڏن جي اڻ سهپ ڪيترو نه وڏو جاني نقصان ڪرايو. جنهن ۾ هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ رحيم داد، سردار علي، سندس گهرواري، پٽ زبير ٿڏي تي مارجي ويا ۽ سندن ٻيو پٽ عمير شديد زخمي ٿيو. جيڪو اسپتال نيئندي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. هاڻ پوليس ۾ بچيل رحيمداد جي گهرواري ۽ قتل ٿيل سردار علي جي پٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، هاڻي ڪيس هلندو ڪنهن تي؟ هڪ ئي ڌر جون ٻئي پارٽيون ته مارجي چڪيون، ڇا سهپ ايتري به نه هئي جو ڌريون هڪ هنڌ ويهي پنهنجي ٻارن جي ٿيل جهيڙي جو فيصلو ڪري درگذر ڪن ها، جو ايترا لاش کڻڻا پيا. اتي ته ڪا دشمن ڌر به ناهي، بلڪه هڪ ئي گهر جي ڀاتين جي تباهي ٿي وئي.
جتي سماج دشمن جي حملن مان متاثر ٿي رهيو آهي، اُتي سندن لاءِ اِها روين ۽ اڻ سهپ جي جنگ پڻ ايترو ئي متاثر ڪري رهي آهي.
ٻي خبر ٻڌي پڻ افسوس ٿيو ته ٽالپر وڏا ۾ بوزدار ڀرسان ڳوٺ حيدر رند ۾ پڻ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو. جهيڙي ۾ هٿيار نه هجڻ ڪري لٺين ۽ سروٽن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ناري مانڌل زخمي ٿي پئي ۽ سندس ٻه ڏند پڻ ڀڄي پيا. بوزدار پوليس چوڪي تي سندس ڀاءُ جي فرياد ڪرڻ تي پوليس اهلڪارن کيس ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏيو، ڇو ته پوليس ڪنهن ڪنهن جا فيصلا ڪري، گهٽ ۾ گهٽ خاندان ۽ برادريون ته اتحاد ۾ رهن.
هاڻ قصو ٻڌو فريدآباد ۾ ٿيل ٻن ڌرين جي جهيڙي جو، جنهن ۾ ٻن عورتن سميت ڏهه ڄڻا زخمي ٿيا، اهو جهيڙو پڻ ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٿيو، انهيءَ جهيڙي ۾ گولين جو استعمال ڪيو ويو ۽ عورتن لاءِ ڏنڊا استعمال ڪيا ويا. هاڻ ڌريون مورچا بند آهن ۽ شايد وڌيڪ خون خرابي جو خطرو آهي. هاڻ ڏسجي ته اڻ سهپ ڪري ڪيترو نقصان ٿئي ٿو؟ رهي ڳالهه جهيڙي جي ته جهيڙو ڪرڻ ۽ ان کي مچائڻ باهه مثل آهي، جنهن ۾ هر شيءِ سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿي. صبر ۽ سڪون ۾ ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ته ايتريون جانيون ضايع هوند نه ٿين.
پاڻ کي هينئر اسين ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باشعور ڪوٺيون ٿا. اسان جو خيال آهي ته ماضيءَ جي ماڻهوءَ کان اڄ جو ماڻهو وڌيڪ سمجهدار آهي، پر جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته ماضي ايترو ڀيانڪ نه هو. ماضيءَ ۾ انسان کي فقط حيوان کان خطرو هوندو هو، پر هاڻ ته انسان ئي انسان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. معمولي کان معمولي ڳالهه تي به هُو پنهنجن ئي رت جي رشتن کي موت جي ننڊ سُمهاريو ڇڏي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ اِئين نه هو، ماضيءَ ۾ ماڻهو گڏجي مصيبتن کي مُنهن ڏيندا هُئا، اُهي اجتماعي زندگي گذاريندا هُئا، پر هاڻ دنيا انفراديت ڏانهن وڃي پئي. والدين کي اولاد لاءِ وقت ناهي ته ڪٿي وري اولاد کي والدين لاءِ ناهي، ڀائر ڀيڻن جا ناهن، ته ڀيڻون ڀائرن جون ناهن. جيڪڏهن ايندڙ اڌ صديءَ تائين اِئين ئي رهيو ته پوءِ شايد ڪو ڪنهن کي آٿت ڏيڻ يا حال پُڇڻ وارو به نه رهي!
چوڻ جو مقصد اهو ته جتي دنيا اڳ ئي طرحين طرحين جي مصيبتن جي ور چڙهيل آهي، انسان اڳ ئي خساري ۾ آهي، پنهنجي ايجادن کي انسان جي ڀلائي سان گڏوگڏ ان جي نقصان لاءِ پڻ استعمال ڪري رهيو آهي، اتي اسان جا پنهنجا رويا سندن لاءِ نقصان جو سبب بڻجي رهيا آهن. ذات، برادري، خاندان، تمام سٺيون محفوظ پناهه گاهون آهن، انهن ۾ اڻ سهپ، نفرت، حسد جو ٻج اچي وڃي ته پنهنجا به پراوا ٿي وڃن ٿا. ڇونه اچو پيار، پاٻوهه، سِڪ ۽ سُک جا رويا اپنايون، جيئن انسان کي درپيش مسئلن ۾ پنهنجن رشتن کي پڻ پيار جي پناهه گاهن ۾ محفوظ ڪيون.

شفيق شاڪر  هيپي هرٽ پوائنٽ 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو