Thursday, May 26, 2016

مـحــبــت ۽ نــفــــــرت.


حيات علي شاه  بخاري
محبتن جا قصا اوهان ڪيترائي ٻڌا هوندا، نفرتن جا قصا اسين پاڻ ٿيندا آهيون، اڄ مان اوهان کي ماضيءَ ۾ وٺي وڃڻ چاهيان ٿو ۽ ٻڌايان ٿو فلمي دنيا جي هڪ جڳ مشهور پيار ڪهاڻي. جي ها- فلمي دنيا ۾ جون کوڙ ساريون ڪهاڻيون مشهور ٿيون، شوڪت حسين رضوي- نور جهان، سنتوش- صبيحه، حبيب- نغمه، زيبا- محمد علي، اڪمل- فردوس، سگيتا- همايون قريشي، سائونڊ رڪارڊسٽ رفعت قريشي- روزينه، ان کان علاوه به ڪيتريون ئي پيار ڪهاڻيون آهن، جن مان ڪن پنهنجو مقصد ماڻيو ته ڪي وري ”اڌورا سپنا“ ٿي رهجي ويا.
اڄ آئون اوهان کي سنڌي فلمن جي هڪ پيار ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، مشتاق چنگيزي ۽ چڪوريءَ جي پيار ڪهاڻي، جيڪا سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ کان شروع ٿي ۽ نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پهچي وئي. ائين ڇو ٿيو، ان پيار ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ان جو انجام ايڏو دردناڪ ڇو ٿيو، ان لاءِ ماضيءَ ۾ وڃڻو پوندو ۽ ماضي جيڏو تابناڪ هوندو آهي، اوترو ئي دردناڪ به هوندو آهي. مشتاق چنگيزي ۽ چڪوريءَ جي پيار ڪهاڻي به تمام خوبصورت هئي، چڪوريءَ مشتاق چنگيزي جي ڪري پنهنجي مٽن مائٽن کي ڇڏي ڏنو، سنڌي فلم ”پيار تان صدقي“ جي شوٽنگ دوران جڏهن اسان منگهو پير کان ڪافي پري ساڪران جي علائقي ۾ جبلن تي شوٽنگ ڪري رهيا هئاسين، شاعر موسيٰ ڪليم مون وٽ آيو ۽ چيائين ته فلم جي البم مان چڪوري ۽ مشتاق چنگيزيءَ جي تصوير ڪڍي ڏي، مون پڇيو ته هِن وقت ٻنهين جي تصويرن جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي، موسيٰ ڪليم وراڻيو ته هڪ اخبار واري کي ڏيڻي آهي، مون کيس تصوير ڏني ۽ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف ٿي وياسين. شام جڏهن يونٽ سان گڏ ايسٽرن فلم اسٽوڊيو پهتاسين ته خبر پئي ته مشتاق چنگيزي ۽ چڪوري شادي ڪري ڇڏي، حيرت اِن ڪري ڪونه ٿي جو ٻنهين جي پيار ڪهاڻي مان هرڪو واقف هو، خير رات ٿي ته مان ”پيار تان صدقي“ جي آفيس ۾ ويٺو هئس ته چڪوريءَ جي ماءُ ثريا بيگم هڪ ٿلهي متاري شخص سان آئي، مون کان پڇڻ لڳي ته، ”بخاري، چڪوري ڪٿي آهي؟“ مون لاعلمي جو اظهار ڪيو، ثريا بيگم ڪاوڙ ۾ چيو ته، ”چڪوريءَ ماءُ جي دل کي رنجائي چنگيزي سان شادي ڪئي آهي، منهنجا لفظ ياد رک، اها ڪنهن هڪ جي نه ٿي رهندي“ آفيس مان وڃڻ وقت ٿلهي متاري شخص لت هڻي اُتي پيل شيشي جون شيٽون ڀڃي ڇڏيون.
قصو ڪوتاهي چڪوري ۽ چنگيزي جي جوڙي مشهور ٿي وئي، ماڻهو کين دليپ ڪمار ۽ سائره بانو جي نالي سان سڏڻ لڳا، پي ٽي وي جي غلام مصطفيٰ سولنگي جي پروگرام ”سنڌي فلم سنسار“ ۾ ماهه پاره چيو ته منهنجي ۽ مشتاق چنگيزي جي جوڙي تمام گهڻو مقبول ٿي، ماڻهو اسان کي دليپ ڪمار ۽ مڌو بالا جي نالي سان سڏيندا هئا. ماهه پاره چيو ته جڏهن مون کي ڪنهن مشتاق چنگيزي جي وفات جي خبر ڏني ۽ چيو ته ”شهرو اڄ تنهنجو فيروز توکي ڇڏي ويو“ ته مون روئي ڏنو.
چڪوري ۽ مشتاق چنگيزي جي ڪافي سنڌي فلمن ۾ آئون چيف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هئس، آئون سندن بي پناهه پيار جو شاهد آهيان، مون کي اها به خبر آهي ته چڪوريءَ کي پٽ جي اولاد جي تمام گهڻي آرزو هئي ۽ هن تصور ئي تصور ۾ پنهنجي پٽ جو نالو جبران رکي ڇڏيو هو، آئون کي چيڙائڻ خاطر ”جبران ڪي امان“ ڪري سڏ ڪندو هئس ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي.
هاڻ ان پيار ڪهاڻيءَ جو دردناڪ پهلو ملاحظه ڪريو، انهن ڏينهن ايسٽرن فلم اسٽوڊيوز جي مالڪ سعيد هارون چنگيزي کي سڏائي چيو ته هڪ سنڌي فلم ٺاهي ڏي، جيڪا ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿئي، مان توکي ان جي عيوض ڪار ۽ بنگلو ڏيندس، مشتاق چنگيزي لاءِ اها تمام سٺي آڇ هئي، هُن پنهنجي زال چڪوريءَ جي حسن ۽ جمال مان ڀرپور فائدو وٺڻ چاهيو، ”اچ ته ڀاڪر پايون“ نالي فلم جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ چڪوري کي سيڪسي ڊانس ڪرڻا هئا، انهن ڏينهن چڪوري ڳورهاري هئي ۽ سندس اولاد واري خواهش پوري ٿيڻ واري هئي، مشتاق چنگيزيءَ فلم لاءِ چڪوريءَ جو ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيو، چڪوريءَ جي ڄڻ ته سڄي دنيا برباد ٿي، مصنف ۽ هدايتڪار نادر بلوچ چيو ته چڪوري چوندي هئي ته منهنجي سڀ کان وڏي خواهش اِها آهي ته مون کي پٽ ڄمي، ڪجهه وڏو ٿئي مان کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايان ۽ اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان اڳ اسڪول پهچي وڃان ۽ منهنجو پٽ اسڪول مان نڪري ته ان کي ڀاڪر پائي چمي ڏيان ۽ ان کي چيچ کان جهلي گهر وٺي اچان، پر مشتاق چنگيزي فلم لاءِ چڪوريءَ جو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ ان جو ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيائين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو