Friday, May 20, 2016

سرهي سوچ ؛ ” مايوسيون “

ڪَو جَو وَرِيَو وَاءُ، جِيئَن ٻَانهُنِ ٻَرُ ڇَڏِيَواَڳَي     اِنَ     تَڙَاءُ، اُوندَاهِيَان ئي اُڪِرَان

سهڻي چئي ٿي ته اڄ الائي ڪهڙو سبب ٿيو، ڪا بدنصيبي چئبي يا شايد منهنجي مقدر ۾ ايئين هو جو منهنجو جسم ساڻو ٿي پيو. ٻانهُن مان طاقت ۽ سَتُ نڪري ويو.
 جي نه ته اڳ ۾ ته مان اونداهين راتين ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي درياهه تري ويندي هيس پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ لاءِ.

ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته مايوسيون، نراسائيون، نااميديون، شڪستون ۽ ناڪاميون به زندگيءَ جو حصو، حقيقت ۽ سچ آهن. ضروري ناهي ته انسان سدائين ڪاميابيون ماڻي.
عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو ته شڪست ملڻ کان پوءِ مايوس نه ٿيو، پوئتي هٽو، وري پنهنجي قؤت گڏ ڪيو ۽ ڀرپور طاقت سان حملو ڪيو.
مايوسي ڪفر ۽ گناه آهي. بزدل ماڻهون هڪ دفعو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ همٿ هاري ويهندا آهن. پر دلير ۽ بهادر ماڻهون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ به شڪست تسليم ناهن ڪندا.
سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ سنڌين کي جي ناڪاميون ۽ شڪستون مليون به آهن ته وري هنن ٻاهرين حملي آورن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور به ڪيو آهي۽ وري ڪاميابيون ماڻيون آهن.
تنهنڪري اچو ته پنهنجي ناڪامين تي پڇتائڻ جي بجاءِ قومي جذبي ۽ قومي ٻڌيءَ سان اڳتي وڌون ۽ محبوب ۽ منزلن تي پهچڻ جا ڪي نوان گس ۽ رستا ڳوليون.
(محترم مظفر منگي صاحبجي فيسبوڪ وال تان ورتل)    

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو