Saturday, May 7, 2016

اوهان به هن دنيا جا ڪامياب انسان ٿي سگهو ٿا


اوهان به هن دنيا جا ڪامياب انسان ٿي سگهو ٿا

اوهان ئي هن دنيا جا ڪامياب انسان آهيو
آئون بيحد مايوس ۽ اداس هوندو هئس سوچيندو هئس خدا تعاليٰ ٻين جي مقابلي ۾ مونکي ايترو ڪمزور، گهٽ عقل ۽ بيڪار ڇوپيدا ڪيو آهي؟ سوچيندو هئس ته آخر آئون ئي هن دنيا جي انهن ماڻهن ۾ شامل ڇو آهيان جيڪي ٻين جا محتاج هوندا آهن جيڪي زندگي ۾ سواٰءِ ناڪامين جي ڪجهه به حاصل ناهن ڪري سگهندا، مونکي سمجهه ۾ نه ايندوهو ته آخر الله تعاليٰ مونکي ئي هر نعمت ۽ هر خوشي کان ڇو محروم رکيو آهي، آخر مان ئي ڇو مرڪن ۽ ٽهڪن کان آزاد آهيان، اهي ۽ اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا گندا ۽ مايوس ڪندڙ خيال منهنجي ذهن ۾ هر گهڙي گردش ڪندا هئا ۽ آئون پنهنجي پاڻ کي هن دنيا جو سڀ کان وڏو بدنصيب سمجهندو هئس ۽ پنهنجي زندگيءَ کان مايوس ٿي الله جي نعمتن کي محسوس ڪرڻ سوا هن دنيا کان خفا هوندو هئس، پوءِ اچانڪ منهنجي زندگي ۾ هڪ اهڙو طوفان آيو جيڪو منهنجي جيون جون سموريون مايوسيون ۽ اداسيون اڏاري کڻي ويو ۽ مون هڪ دم پنهنجي اکين تان منافقت جي پٽي هٽائي زندگيءِ جي هر هڪ گهڙيءَ ۾ شامل ننڍي کان ننڍي خوشي کي محسوس ڪيو، مون ڏٺو ته آئون ئي هن دنيا جو اهو خوش نصيب ۽ مسڪرائيندڙ انسان آهيان جنهن کي الله جي طرفان هر نعمت مليل آهي، مون کي هڪ دم احساس ٿي ويو ته منهنجي اندر ئي رب تعاليٰ زندگيءَ جون سموريون حسناڪيون ۽ نعمتون قيد ڪري رکيون آهن ۽ آئون ئي هن دنيا جو طاقتور، وڌيڪ عقل وارو، بهترين ماڻهو آهيان ڇو جو آئون ٻئي ڪنهن جو محتاج نه هئس ۽ مون ۾ ڪي بيماريون ڪين هيون، آئون ڪنهن امير خاندان جي خوبصورت نوجوان وانگر معزور نه هيس، مون هڪ شخص کي هڪ ڪروڙ پتي شخص کي ڏٺو جنهن وٽ دنيا جي هر سهولت هئي صحت به سٺي هيس پر افسوس جو ان وٽ هن دنيا جي رونقن کي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪين هيون، مونکان نه ڄاڻ ڇو اڄ ڏينهن تائين اها ڳاڙهي لباس واري ساهه جهڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري به ناهي وسري جنهن وٽ سنڌ جهڙي سونهن، سنگ مرمر جهڙو جسم ۽ نازن جو بهترين انداز هو پر افسوس جو هن وٽ به اظهار ڪرڻ لاءِ زبان ڪين هئي، مونکي ان وقت ان ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ تي بيحد پيار آيو ۽ نه ڄاڻ ڇو منهنجي دل چاهيو ته آئون ان سان وڃي طويل ۽ نه کٽندڙ ڳالهيون ڪيان ۽ آئون هن جي هر هڪ خاموش لفظ کي ٻڌان پر افسوس آئون ائين به نه ڪري سگهيو هئس. ها، مون هن جي اکين جون اداس ڳالهيون ضرور ٻڌي ورتيون هيون. جيڪي هن دنيا جي ٻين ڇوڪرين کي اهو پيغام ڏئي رهيون هيون ته اي هن دنيا جون اداس ۽ مايوس ناريو! پنهنجي پاڻ کي گهٽ نه سمجهو. يقين ڄاڻو اوهان ئي هن دنيا جي انهن نارين ۾ شامل آهيو جيڪي مس ورلڊ جو خطاب ته ناهن ماڻي سگهنديون پر خدا طرفان مليل نعمتن کي دنيا جو سڀ کان وڏو اعزاز سمجهي زندگيون گذارينديون  آهن، سچ مون کي ان وقت احساس ٿي ويو ته واقعي ئي هن ڪائنات جو ذرو ذرو منهنجي مدد ڪري رهيو آهي ۽ آئون هن دنيا جو سڀ کان امير، خوشنصيب ۽ ڪامياب ترين شخص آهيان مونکي ان وقت ئي احساس ٿي ويو ته آئون هن دنيا جي ان شخص کان به وڌيڪ امير آهيان جنهن وٽ اڻ کٽندڙ دولت ته آهي پر ان وٽ هن دنيا جي منظرن کي ڏسڻ لاءِ اکيون ناهن ڪيڏي نه عجيب غريبي ۽ موت کان به بدتر بيوسي آهي جو هڪ شخص وٽ دنيا جي هر سهولت موجود آهي رڳو ان وٽ اکين جي روشني ناهي، ان جي دلڪش چهري تي اکيون ته موجود آهن پر انهن کي ڪنهن منظر کي ڏسڻ جي اجازت ناهي .
دنيا جي ڪنهن به انسان کي ڪڏهن به تڪليفن ۽ محرومين کان ٿڪجي ڪري دل شڪسته نه ٿيڻ گهرجي. هر انسان کي هميشه خدا تي پختو يقين هئڻ گهرجي. هر ماڻهو کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته هو ئي هن دنيا جو اهو عظيم انسان آهي جنهن کي خالق ڪائنات طرفان سمورين عظيم نعمتن سان نوازيو ويو آهي جيڪڏهن اوهين غور ڪري ڏسو ته هن دنيا جي هر انسان کي اهي هزارين نعمتون ورثي ۾ مليل آهن جيڪي نعمتون دنيا جي ڪنهن به دولت سان خريدي نه ٿيون سگهجن ۽ نه ئي انهن نعمتن کان انڪار ٿو ڪري سگهجي، اسان کي اها ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن دنيا ۾ اهو خدا ئي آهي جيڪو جڏهن به چاهي انسان سان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. ان کي عطا ڪيل نعمتن کان وڌيڪ نعمتون ڏئي سگهي ٿو ۽ وري ڏنل نعمتون به کسي سگهي ٿو، خدا چاهي ته اسان کي دنيا جي عظيم ۽ سپر اسٽار رانديگر آرٿر آشي جهڙو بيوسيءَ وارو موت به ڏيئي سگهي ٿو. ها ،اهو آرٿر آشي جيڪو ورجينيا جي ڳوٺ رچمنڊ ۾ پيدا ٿيو اهو ئي آشي 1963 ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ٽينس رانديگر هو آشي آمريڪي صدر اوباما وانگر اهو پهريون آمريڪي رانديگر هو جنهن ڊيوس ڪپ کٽيو هو. ان بعد هن کي آمريڪي اخبارن، ٽيليوزنن ۽ ريڊيو ايتري ڪوريج ڏني جو 1969ع تائين اهو آمريڪا جو سڀ کان مشهور ترين شخص هو ۽ 1975 ۾ هن ٽينس جي دنيا جو سڀ کان وڏو اعزاز ومبلڊن کٽي ورتو. 1980 ۾ ان کي دل جو دورو پيو ۽ هن کي اسپتال آندو ويو، اتي هن کي رت جي ضرورت هئي. ان کي جلديءَ ۾ رت ڏنو وئو پر افسوس جو جيڪو رت آشي کي ڏني ويو ان ۾ ايڇ آءِ وي هو ۽ آرٿر آشي جڏهن اسپتال مان نڪتو ته ٽينس جي مشهور رانديگر جي حيثيت سان نه پر ايڊز جي هڪ مريض جي حيثيت سان نڪتو، دنيا جي سپر هيرو 13 سالن تائين ايڊز سان مقابلو ڪيو. سندس زندگي بچائڻ لاءِ 34 ڪاروباري ادارن، 55 وڏين اسپتالن، 4 هزار ڊاڪٽرن ڪوششون ڪيون پر 6 فيبروري 1993 تي موت جو شڪار ٿي ويو ، خدا جي خدائي به ڪيڏي نه عجيب آهي دنيا جي 15 اربن کان وڌيڪ ماڻهن مان دنيا ۾ هر سال 50 ڪروڙ ٻارڙا ٽينس کيڏڻ شروع ڪن ٿا جن مان رڳو 5 ڪروڙ ٻار اها راند پوري طرح سکي سگهن ٿا انهن 5 ڪروڙ ٻارن مان فقط 5 لک جوان ٿي پروفيشنل رانديگر ٿين ٿا جن مان 50 هزار اميدوار راند جي سرڪٽ ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ انهن مان 5 هزار رانديگر گرينڊ سلام تائين پهچن ٿا ۽ انهن 5 هزار رانديگرن مان صرف 50 ڄڻا ومبلڊن ڪپ کيڏڻ اچن ٿا ،جن مان 4 رانديگر سيمي فائنل ۽ 2 فائنل تائين پهچن ٿا ۽ ٻن ڄڻن مان رڳو هڪ ڄڻو هڪ شخص کي ومبلڊن ڪپ ملي ٿو، آرٿر آشي پنهنجي زندگي۾ ٽينس جا8 سئو وڏا اعزاز حاصل ڪيا ۽آشي هن دنيا جو اهو شخص آهي جنهن هيترين ڪاميابين، هيترن پئسن،هيترن ڊاڪٽرن جي ڪوششن ، هيترين اسپتالن جي علاج باوجود به پنهن جو پاڻ کي موت کان بچائي نه سگھيو
ذهن کي اڃان به اڳتي وٺي هلو ۽ پنهنجي اکين تان دنيا جي محبت ۽ منافقت واري ڪاري پٽي کي رڳو چند لمحن لاءِ هٽائي انهن نعمتن، انهن مهربانين ۽ انهن ڪاميابين کي ڏسو جيڪي ڪائنات جي تخليق ڪندڙ پاران اوهان کي مليون آهن. اوهان ڏسو ۽ محسوس ڪيو ته دنيا جي امير ترين ماڻهن جي مقابلي ۾ اوهان کي ڪيتريون نعمتون مليل آهن ۽ اوهين انهن جي مقابلي ۾ ڪٿي بيٺل آهيو يقين ڄاڻو اوهان پنهنجو پاڻ کي سڀ کان مٿانهون محسوس ڪندئو، اوهان فٽ بال جي عظيم ۽ ڪامياب رانديگر مڪلوس فيهر جي ٽريجڪ موت جي باري ۾ ته ڄاڻندا هوندا ڇو جو مڪلوس جو موت هن دنيا جو عجيب موت هو جنهن کي بيشمار اکين ڏٺو هو. سچ ته اهو آهي ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته 24 ورهين جو مڪلوس فيهر ائين اچانڪ راند کيڏندي ڪروڙين انسانن جي موجودگي ۾ 39 سيڪنڊن ۾ اچانڪ مري ويندو، 20 جولاءِ 1979 ۾ تاتابانيا ( هينگري ) ۾ جنم وٺندڙ مڪلوس زندگيءَ جي 24 بهارن ۾ ئي جيون جون سموريون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، ڏک، خوشيون ۽ موت ڏٺو۽ هو 25 جنوري 2004 ۾ پرتگال جي ڪومارائس گرائونڊ ۾ هڪ راند دوران راند کيڏندي کيڏندي هميشه هميشه لاءِ سمهي رهيو. مڪلوس فيهر پنهنجي زندگيءَ ۾ 144 فيورٽ بالن ۾ 51 گول ڪيا ۽ هن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين مئچ آڪٽوبر 1988 ۾کيڏي جنهن ۾ مڪلوس 25 فيورٽ بالن اندر 7 گول ڪيا ۽ مڪلوس جي شرٽ 29 نمبر هوندي هئي. مڪلوس 25 جنوري جي ڏينهن پرتگال جي شهر گيومارائس ۾ وٽوريا جي خلاف راند کيڏي رهيو. هن کي اچانڪ الائي ڇا ٿيو جو هو جهٽڪو ڏئي ڪري پيو ۽ مڪلوس جو اهو آخري جهٽڪو هو جيڪو هن پرتگال جي ميدان تي ڪئميرائن جي اکين اڳيان کاڌو! 25 جنوري جي ڏينهن الائي ڇا ٿيو جو هڪ دم ڪئميرائن جون اکيون نم ٿي ويون ۽ پرتگال جي ان گرائونڊ ۾ تاڙين ۽ خوشين بدران هڪ دم اوڇنگارون ۽ درد لهي آيا، مڪلوس جو ڏکائتو ۽ نه وسرندڙ موت هن دنيا جي سمورن انسانن لاءِ اهو سبق آهي ته هر انسان جي زندگي 39 سيڪنڊن جي آهي جنهن کي اوهين نفرتن ۽ جهيڙن ۾ گذاري رهيا آهيو.
جيڪڏهن اوهان جي ياد مون وانگر ڪمزور نه هجي ته اوهان کي نوجوان ۽ خوبصورت اداڪاره جيڊ گڊي جو موت به ياد هوندو ، حيرت جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته جيڊ گڊي کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پر ڪشش چهرا ۽ جسم به مٽيءَ جي زينت بڻيا، جيڊ گڊي جي باري ۾ مشهور هوندو هو ته اها برطانيه جي جوان اداڪارائن مان سڀ کان وڌيڪ پاپولر ۽ نخريلي هوندي هئي گڊي اها اداڪارا هئي جيڪا فلمن کان وڌيڪ ٽي وي ۾ مشهور هئي.هن جا ٽاڪ شوز ۽ اسٽيج شوز نه صرف برطانيه جي شهزادين جا پسنديده هوندا هئا پر ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ ۾ هن جون تصويرون جوانن جي کيسن ۾ هونديون هيون ، گڊي ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت وڌيڪ مشهوري ماڻي هئ جڏهن هن بالي ووڊ جي قد آور اداڪارا شلپا شيٺي سان گڏجي ٽي ويءَ جو مشهور اسٽيج شو ڪندي اعتراض جوڳي پر اسٽائلش حرڪت ڪئي هئي. هوءَ ان وقت ئي انڊيا جي ڪچين جهوپڙين ۾ رهندڙ ٻارن جي اکين ۾ ڪنهن تصوير جيان چمڪڻ لڳي جڏهن هن ۽ شلپا جا اختلاف هليا ، گڊي پنهنجي مختصر زندگي ۾ ڪامياب ۽ مشهور ڪردار ڪري جوان دلين تي راڄ ڪيو ۽ هن کي ڪيتري عرصي کان ڪينسر جي بيماري هئي جنهن جو علاج هلندڙ هيو پر شايد گڊي پنهنجي شهرتن ۽ مصروفيتن ۾ پنهنجي پاڇي سان گڏ گڏ گهمندڙ موت کي وساري ويٺي هئي ۽ موت هن کي جوانيءَ ۾ کسي ورتو، گڊي جي آخري رسمن ۾ ڪروڙين اکيون رڳو ان درد کان آليون هيون ته هن جي مرڻ جي مند نه هئي پر شايد دنيا جي سمورين ڳوڙها ٽمائيندڙ اکين کي اها خبر ناهي ته مرڻ جي مند ناهي هوندي پر اهو هر وقت کڄندڙ ساهه جي هر ساهه ۾ اسان سان گڏ سهڪندو ۽ دم کڻدو آهي جنهن کي هن دنيا جي هر شيءَ محسوس ڪري سگهي ٿي پر اسان پاڻ ناهيون محسوس ڪندا. ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي پر سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اسين موت کي پاڻ کان ڪوهين ڏور سمجهندا آهيون ۽ زندگي کي دائمي سمجهي جيئندا آهيون، دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت اها آهي ته اسين زندگيءَ تي اعتبار ڪري ان کي باوفا پريميڪا سمجهندا آهيون جيڪا سسئي وانگر مرڻ گهڙي تائين وفا نڀائيندي آهي پر سچ ته اهو آهي ته زندگي نه ڄاڻ ڪهڙي ديس جي ڪهڙي پريميڪا آهي جنهن نه ته ڪڏهن وفائن جي انتهائن کي ڇهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن بي وفائين جي ابتدا کي ڳلي لاتو اٿس بس ائين ئي بي سبب هر هڪ وجود سان گڏ هلندي رهي ٿي ۽ وقت اچڻ تي هٿن مان پنهنجي چيچ ڇڏائي هلي وڃي ٿي ۽ اسان کي دنيا جي ان وڏي کان وڏي حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته زندگي اکڇنڀ کان به ٿورڙي آهي ان ڳالهه تي مون کي ٻنهي جهانن جي سردار نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ بهترين حديث ياد اچي رهي آهي ته هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صه جن کان ڪنهن صحابي سڳوري پڇيو ته اي خدا جا محبوب اوهان کي زندگي تي ڪيترو ڀروسو آهي ، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه جن زندگي متعلق جواب ڏنو ته مونکي زندگي تي ايترو به يقين ناهي ته الائي زندگي مون کي ايتري مهلت به ڏيندي يا نه جو آئون کليل اک ڇنڀي سگهندس يا نه ؟ جيڪڏهن اسين دنيا جي عظيم انسان جي سوال جي جواب تي غور ڪري پنهنجي زندگي تي نظر وجهنداسين ته پاڻ کي همشه جيون تي اعتبار رهندو آهي پاڻ کي ايتري ته مغروري هوندي آهي جو پنهنجو تڇ جيترو وجود به جبل مثل لڳندو آهي. هڪ طرف پاڻ مايوسين ۾ گهيريل هوندا آهيون ته ٻئي طرف پاڻ کي مغروري هوندي آهي هڪ طرف اسين شهرتن پويان سفر ڪري رهيا هوندا آهيون ته ٻئي طرف پاڻ کي شهرتن جي بلندين تي محسوس ڪندا آهيون،

اها هڪ بهترين ۽ سٺي سوچ آهي ته پاڻ کي دنيا جو ڪامياب انسان سمجهڻ گهرجي پر ائين به نه هجي جو پاڻ کي ايترو ڪامياب سمجهجي جو دنيا جو هر وڏو ۽ ڪامياب شخص اسان کي پاڻ کان گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي .....!!!!؟؟؟؟؟

                                                               mybolog4allu تان ورتل

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو