Thursday, July 28, 2016

آن لائن- آف لائن


حيات علي شاهه بخاري

فيس بڪ (ٻوٿ ڪتاب) تي منهنجي فرينڊز جي لسٽ ايتري ڊگهي، جيئن ڪو ماڻهو سڄي مهيني جي راشن جي خريداري لاءِ فهرست ٺاهي، انهن فرينڊز مان ڪيترا آن لائن هوندا آهن ته ڪي مون کي آن لائن ڏسي ائين آف لائن ٿي ويندا آهن، ڄڻ ڪو مان کانئن اڌارا پئسا وٺڻ ٿو چاهيان. اهڙي ڳالهه ناهي، ڇو ته مون کي هِن ڄمار به رب جو ڏنو گهڻو آهي (شڪر الحمدالله) اِهو ته ٿيو فيس بڪ جو مختصر احوال، پر اهڙا واقعا عام زندگي ۾ عام ۽ جام ٿيندا آهن، انهن به اڻ وڻندڙ شخصيت کان لنوائڻ يا پاسو ڪرڻ لاءِ گهٽي مٽائڻ وارو فارمولو تمام بهترين آهي.
اصل ۾ مون ڳالهه پئي ڪئي ته منهنجي لکڻين ۾ جيڪڏهن ڪو اثر آهي ته ان جو سبب منهنجا نيڪ ارادا ۽ جذبا آهن، نه ڪنهن جي خوشامد ڪيان ۽ نه هرو ڀرو ڪنهن جي پٽڪي ۾ هٿ  وجهان، اِن ڪري مون کي هرڪو دل ۾ جاءِ ڏيڻ بدران رڳو اکين تي ويهارڻ جو ٿورو ڪندو آهي، مون کي جيڪڏهن چار چڱا سڃاڻن ٿا ته ان جو سبب منهنجو هي ادارو آهي، جي ها ”عبرت“ اخبار منهنجي سڃاڻپ آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ناهي ته هيءَ اخبار سنڌ بلڪ ملڪ جي تمام معياري اخبار آهي. مون ڪافي سالن کان اِن ڳالهه کي نوٽ ڪيو آهي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو جن کي پنهنجي ڪابه سڃاڻپ ڪانه هئي، سي جڏهن هِن اداري مان وابسته ٿيا ته ڄڻ پارس سان ڇهجي ويا ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايائون. منهنجون سموريون لکڻيون ”عبرت“ جي ڪري ئي مقبول ٿين ٿيون، ڇو جو ”عبرت“ فيملي نيوز پيپر هئڻ جي ڪري هر طبقي ۾ مشهور آهي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ به ”عبرت“ جو تمام پراڻو ريگيولر پڙهندڙ آهي، سندس چواڻي موجب جيستائين ”عبرت“ نه پڙهندو آهيان، ناشتو ناهيان ڪندو، پاڻ هڪ شڪايت اِها به ڪيائين ته اڪثر هاڪر عبرت بدران ڪا ٻي اخبار گهر اڇلائي ويندو آهي، شايد ان ڪري جو هاڪر ڪنهن ٻي سنڌي اخبار سان همدرديون رکندڙ هجي ۽ چاهيندو هجي ته اُن اخبار جا پڙهندڙ يعني گراهڪ وڌن.
الائجي ڇو مون کي مزاح سان شروع کان ئي دلچسپي رهي آهي، جنهن جي ڪري منهنجي گفتگو ۾ به مزاح هوندو آهي ته منهنجي لکڻيءَ ۾ به مزاح جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته ”طنز و مزاح“ ۽ ڪيترن ئي ليکڪن جي لکڻين ۾ مذاح سان گڏ طنز به هوندو، پر منهنجي لکڻين ۾ مذاح ته هوندو آهي، پر طنز نالي ڪابه شيءِ ڪانه هوندي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اِهو آهي جو آئون ٻين جي عزت ۽ احترام ڪندو آهيان، هاڻي اِهو نه پڇجو ته ان عزت ۽ احترام جي موٽ ۾ مون کي ڇا ملندو آهي، يعني ساڳي عزت ۽ احترام ملندو آهي يا نه.... اِن جو جواب ڏيندس ته مون سان گڏوگڏ اوهان کي به مايوسي ٿيندي. ڇو جو عزت ۽ احترام جي موٽ ڏاڍي خراب ملندي آهي، يعني ڏک ٿيندو آهي، ماڻهن جي روين مان، هڪ دوست هڪ ڀيري ڏاڍو سٺو جملو چيو ته ”اوهان جي ڪاميابي تي اوهان جي دشمنن کي خوشي ٿيندي هوندي، اوهان جي دوستن کي تڪليف ٿيندي هوندي“ ۽ مون اِن جملي تي جڏهن غور ڪيو ته فڪر ۾ پئجي ويس، واقعي اها ڳالهه موجوده ڪرنسي مطابق سؤ پئسا سچ هئي. اهو به چيو ويندو آهي ته ايڏو ڪڙو به نه ٿجي جو ڪو شوڪاري ڇڏي ۽ وري ايڏو مٺو به نه ٿجي جو ڪو ڳڙڪائي وڃي“ ۽ حقيقت اِها آهي ته ڪڙو مون کان ٿيو نٿو ٿئي ۽ مٺو ٿيڻ کان به لنوائيندو آهيان ته ڪٿي شگر وڌي نه وڃي. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو هر ٽيون ماڻهو پاڻ سان ”شگر مل“ کنيو هلي، پوءِ به کنڊ مهانگي آهي، نه رڳو اهو پر شگر هئڻ جي باوجود ماڻهن جي چپن تي مٺاڻ جهڙي مرڪ ناهي، ناجائز اسلحي تي پابندي باوجود ماڻهو دلين ۾ ڪات ۽ ڪهاڙا کڻي سرعام هلندا وتن، پر ڪوبه کين چوڻ وارو ناهي. حالانڪه اهڙن ماڻهن تي به قانون جو ڪو قلم لاڳو ٿيڻ گهرجي، کين به ڪا سزا ملڻ گهرجي يا کين سختيءَ سان هدايت ڪجي ته ”ٻين جو ڀلو چاهين ٿو ته اندر کي اجار“ وڏا ڏاها، وڏا وڏا شاعر محبت ۽ پيار جو درس ڏئي ويا، پر اسان ستار درس سان سنگت هئڻ باوجود پيار ۽ محبت جي ان درس تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون.
آخر اِهو اطلاع ڏيندو هلان ته جنهن وقت اوهان هي ڪالم پڙهي رهيا هوندا، ڀائو مٺل جيڪو پنجاب ۽ ڪوهه مريءَ جو دورو ڪري خيرن سان واپس موٽي چڪو هوندو اِها به کيس شابس هجي ته سفر دوران به فيس بڪ ۽ ايس ايم ايس ذريعي سڀني سان رابطي ۾ هو، يعني ”آن لائن“ هو، آئون سندس جاءِ تي هجان ها ته ”آف لائن“ ٿي پاڻ به سڪون سان هجان ها ۽ ٻين جو به سُک نه ڦٽايان هان!
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو