Wednesday, July 6, 2016

ادبي پڪوڙا؛ فيس بڪين جو ماضي !



جهڙيء طرح اڄ ڪلهه فيس بڪ تي مصروفيت جو دور آهي ۽ هرڪنهن لائيڪ ۽ شيئر کي پنهن جي زندگيء جو نصب العين بنائي رکيو آهي، ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي ايندڙ نسل اسان جي پروفائيل کي ڏسي اهو چوڻ لڳي ؛ فلاڻي جي قبر کي اللھ تعاليٰ نور سان ڀري،نهايت ئي لائيڪ ۽ شيئر ڪرڻ وارو انسان هو.فرينڊ لسٽ ۾ مرحوم جي مريدن جو تعداد ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته پاڻ فيس بڪ تي ڪيترو نه مشهور هئا.پاڻ سدائين لائيڪ ۽ شيئر ڪندڙ شخصيت جا مالڪ هئا.هڪڙو اهڙو وقت جڏهن ماڻهو سيلفي ازم جو شڪار هئا،پاڻ ڪڏهن به حج يا عمري دوران ٺوڙ ڪرائي سيلفي نه ٺهرايائون.مرحوم آخر وقت تائين لائيڪ ۽ شيئر جو فرض نڀائيندو رهيو ايستائين جو سندس فيس بڪ پروفائيل بند ٿي ويو.جنهن کان پوء سندس مشن سندس مريدن جاري رکيو ۽ اڄ تائين مرحوم پاران لائيڪ ۽ شيئر جو سلسلو هلندڙ آهي.البته سيلفيء جو جن انهن تي هروقت سوار رهي ٿو.
(سيد اعجاز شاه)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو