Tuesday, July 5, 2016

تعبيرن جي عيدَ نه ڪائي

سيما عباسي
خوابن کي اميدَ نه ڪائي
خوشين جي نويدَ نه ڪائي
روز ڏسون ٿا خالي سپنا
تعبيرن جي عيدَ نه ڪائي
(س.ع)
عيد الفطر جو موقعو آيل آهي. عيد جا مختلف فڪري پهلو هوندا آهن. هڪ مذهبي، ٻيو سماجي ۽ ٽيون معاشي . اها به حقيقت آهي ته مذهبي طور اسان وٽ عيد جو جيڪو حقيقي تصور آهي اسان تنهن تي به پورو ناهيون لهندا. مثال روزن رکڻ جو جيڪو مقصد آهي ته اهو پنهنجي نفس تي ضابطو آڻجي. معني ماڻهو پنهنجي مان کي ماري، فطرو ۽ زڪوات ڏئي معني ته غريب عربي جو خيال ڪجي. پر جڏهن اسان ان فڪري پهلوءَ کي وساري صرف نمائشي طور مذهبي ڏڻ ملهايون ۽ عيدون ڪيون ته پوءِ يقينن هڪڙا سماجي ۽ معاشي گهوٽالا پيدا ٿيندي نظر ايندا. انهيءَ ۾ ڏوهه مذهب يا عيد جو ناهي پر ماڻهن جو آهي. جيڪي حقيقي معني ۾ نه مذهبي فرد ٿا ادا ڪن ۽ نه ئي مذهب ۾ ڄاڻايل عيد ٿا ملهائن. مطلب ته مذهبي تصور جي ابتڙ اسان عيدون ملهائيندا آهيون. مذهبي تصور جي ابتڙ عيدون ملهائڻ ڪري پوءِ جيڪي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيندا آهن تن جو ذڪر اڄوڪي ڪالم ۾ ڪيون ٿا.
اسان عيد جي موقعي تي ٻين مذهبي هن موقعي تي به ٻين مذهبي تهوارن وانگر نئي لباس جي خريداري ضروري سمجهي وڃي ٿي. عورتون عيدن تي لباس چوڙين ۽ مينديءَ جو سخاص انتظام ڪنديون آهن، اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته انهن موقعن تي نمائش يا ظاهري ڏيکاوَ ۾ پنهنجي محدود آمدني جون هڙ حدون اورانگهي، مهانگا ڪپڙا ۽ ٻي خريداري ڪندي نظر اينديون آهن ته جيئن هو مٽن، مائٽن ۽ سهيلن تي پنهنجي ظاهري حيثيت ۽ رتبي جو ڪوڙو رعب جهاڙي سگهن ۽ پوءِ انهن جي اهڙن عملن سان احساس ڪمتري جون ماريل گهٽ آمدني واريون غريب عورتون پنهنجي غربت ۽ بدحالي جي پيش نظر تمام گهڻي تڪليف ۽ اذيت محسوس ڪنديون آهن. اهڙن حالتن ۾ انساني نفسياتي دٻاءَ وارا اهي ڳڻتي جوڳا معاملا اڪثر ڀيانڪ هاڃن جي صورت ۾ پڻ ظاهر ٿي پوندا آهن.
تازو نواب شاهه ۾ پيش آيل هڪ بدنصيب عورت جو واقعو، اهڙي ئي اذيت جوڳي ڪيفيت جو نتيجو آهي، جڏهن هڪ بشيران نالي عورت عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڙس کان پئسا گهريا ته هن جي مڙس هن تي تشدد ڪندي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ان عورت صدمي ۾ اچي حرام موت کي ترجيح ڏيندي خودڪشي ڪري ڇڏي. ذڪر ڪيل واقعي بابت گهڻن جو اهو به چوڻ آهي ته ان عورت آپگهات ڪونه ڪيو آهي پر هن جي غريب مڙس بدحالي سبب عيد جي موقعي تي زال جون خواهشيون پوريون نه ڪرڻ جي ڪري ڪاوڙ ۾ اچي کيس گُهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.
بهرحال حقيقت ڪهڙي به هجي ٻنهي صورتن ۾ اهڙي قسم جي احساس ڪمترين جا نتيجا اهڙن سانحن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، ان ڪري اسان کي عيد جي موقعي تي پنهنجين خوشين کي خريد ڪرڻ سان گڏو گڏ اوسي پاسي وارن غريب ماڻهن جو پڻ خيال رکڻ گهرجي. اسان کي عيد الفطر جي موقعي تي نيڪن ۽ پرهيزگارين جو سلسلو رمضان کان پوءِ به جاري رکڻ جو وچن پڻ ڪرڻ گهرجي.
عيد الفطر جي موقعي تي ”فطري“ جي ادائيگي ۽ ”زڪوات“ جو اسان سڀني مسلمانن کي خاص خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته انهن موقعن تي اهڙن ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ نهايت نيڪ ۽ سهڻو عمل آهي جيڪي غربت جي ڪري وڏن تهوارن کي ملهائڻ کان محروم ٿا رهن، هونئن به اسان جي مذهب ۾ خوشين جي موقعن تي مسڪينن، غريبن ۽ لاوارثن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سختي سان تلڪين ڪئي وئي آهي، ڇو ته اهڙا موقعا خوشين ملهائڻ جا موقعا هوندا آهن ۽ اسان کي اهي خوشيون سڀني ۾ ورهائڻ گهرجن. فطري ۽ زڪوات جي ادائيگي فرض قرار ڏني وئي آهي. هونئن به روزن جي قبوليت جو دارومدار ئي فطري ڏيڻ تي آهي، جيڪڏهن هر مسلمان فطري ۽ زڪوات کي اسلام جي ڏنل تعليمات جي مطابق پابندي سان ادا ڪري ته هوند بدحالي جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي.
هن ڏينهن کي بامقصد بڻائڻ لاءِ اهڙن نيڪ عملن ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي جنهن سان پنهنجي روح جي تسڪين ۽ الله جو راضپو حاصل ٿي سگهي. جهڙوڪ مٽن مائٽن جي خير و خيريت پڇڻ سان گڏو گڏ انهن لاءِ تحفا تحائف کڻي وڃڻ يا وري قبرستان ۾ وڃي پنهنجي مري ويل پيارن کي ياد ڪرڻ وغيره.
الله سائين کان دعا آهي ته هن عيد تي اسان جي ملڪ مان بدحالي، دهشتگردي ۽ بد امني جو خاتمو اچي ۽ اها عيد اسان سڀني مسلمانن لاءِ امن ۽ سلامتي جو پيغام کڻي اچي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو