Tuesday, July 5, 2016

رمضان ۽ عيد ڪجهه نيون ۽ ڪجهه پراڻيون ڳالهيون

مير اعظم علي ٽالپر

آئون جڏهن ننڍو هوندو هوس ته سبق ۾ اوڀر پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا کي مسجدن جو شهر پڙهندو هوس. ان شهر کي 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ۽ پاڪستان جي اڳواڻن آخري دفعو ريس ڪورس ميدان (جيڪو هاڻ بند بُندو اسٽيڊيم آهي) تي خدا حافظ چيو هو ۽ پڻ اهڙي مسجدن واري شهر ڍاڪا کي اوڀر پاڪستان بدران بنگلاديش جي گادي بڻجڻ تي پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم کي الوداع چيو هو ۽ پوءِ بنگالي آزاد ٿي ويا هئا. ان ايترين مسجدن واري شهر ۾ اچانڪ هي ڇا ٿي ويو، جو بفرزون جهڙي علائقي ۾ جتي غير ملڪي سفارت خانه هجن، انهن جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ تلوارن سان سسيون ڌڙ کان ڌار ڪجن. حالانڪه بنگالين ۾ مذهبي جنونيت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به چوٽ چڙهيل هئي. ان کانسواءِ بنگلاديش ٺهڻ وقت به مذهبي جماعت، جماعت اسلامي جو ڪردار دنيا جي اڳيان آهي ان جا ٻه ويڙهاڪ جٿا عسڪري ونگ وارا بدنام زمانه ”البدر“ ۽ ”الشمس“ ڪنهن کان لڪل نه آهن.
بهرحال ڪنهن به مذهب ۾ انتهاپسندي سٺي ڳالهه نه آهي پر اڄڪلهه هر هڪ مذهب ۾ شدت پسندي جي تلوار سراڻ چڙهيل تيز آهي، اڳ طالبان ان بعد القاعده ۽ هاڻ داعش جو بول بالا آهي. حالانڪه ٽنهي جو مقصد ۽ منزل ساڳي آهي.
اجهو رمضان ختم آهي، عيد آئي، البته هن سال ملڪ ۾ رمضان جا روزا پشاور سان گڏ پوري ملڪ ۾ رکيا ويا آهن، ڇوته پشاور جي مفتي پوپولزئي (شهاب) صاحب سڄي ملڪ کان هڪ ڏينهن اڳ چنڊ نه ڏٺو ۽ هاڻ وڏو اتفاق اهو به آهي، جو عيد به پشاور سان گڏ پوري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ٿيندي، ڇو ته مسجد قاسم پشاور جو مفتي شهاب پوپلزئي عمرو ڪرڻ لاءِ پشاور کان سعودي عرب ويل آهي ۽ هاڻ اڳواٽ چنڊ نظر نه ايندو. البته چنڊ ڏسڻ واري ڪميٽي (روئيت هلال ڪميٽي) 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مولانا ڪوثر نيازي قائم ڪئي هئي. اڄڪلهه مفتي منيب ان جو اڳواڻ آهي، ان جي هڪ چنڊ ڏسڻ واري ميمبر مفتي قوي صاحب اڳيان روزي دوران هڪ عورت هندستاني فلم جو مشهور گانو ”بابو ڀولي ڀالي ترڇي ٽوپي والي“ ڳائيندي مفتي قوي صاحب اڳيان آئي ته مولانا صاحب هڪدم پنهنجي مٿي تي پاتل ٽوپي ان عورت جي مٿي ۾ وجهي ڇڏي.“ حالانڪه رمضان ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن. مفتي صاحب اهو ڏسڻ شرط ان کي عيد جو چنڊ به چئي ڇڏيو، جيڪا اصل ۾ قنديل بلوچ نالي عورت هئي. هوڏانهن بلوچن قنديل کي بلوچ سڏائڻ خلاف رپورٽ به داخل ڪرائي آهي. حالانڪه ڀلو ٿئي ٽالپرن ۽ ميرن جو جن اشرافن ڪڏهن به ڪو به ٽالپر نه هئڻ جي باوجود ٽالپر سڏائڻ واري لاءِ ڪو به ڪليم يا رپورٽ نه ڪرائي آهي. هر خاص موقعي تي اخبارون خاص ايڊيشن ڏينديون آهن. ان سلسلي ۾ عبرت سٿ پاران 1975ع جي آگسٽ مهيني ۾ رمضان جي ختم ٿيڻ تي عيد ايڊيشن صرف عيد جو مذهبي ايڊيشن بدران هڪ گلدستو بنائي ايڊيشن شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان لاءِ فلمي حصي لاءِ شهزادو گلفام ۽ ٻارن لاءِ پير مظهر الحق جي ڪلهن تي بار هو، راقم به فلم ايڊيشن لاءِ هڪ طنز و مزاح وارو مضمون ”رمضاني گهانچا“ لکيو، شهزادي گلفام مزاحيه نظم ڏني، اداڪار ۽ عيد مس ايس انجم مضمون لکيو. ٻارن لاءِ سيوهڻ جي نمائندي عبرت واري نياز سولنگي جو آرٽيڪل هو. مطلب ته اهو عبرت جو عيد نمبر سڀ رنگ ايڊيشن هو، جيڪو اڄ به منهنجي اڳيان پيو آهي. ان ايڊيشن کي استاد گل، استاد شمس الدين المعروف استاد شمعون محنت سان ٺاهيو هو. اڄوڪي مضمون ۾ اتفاق سان ڪجهه نيون ته ڪجهه پراڻيون ڳالهيون تحرير ٿي ويون آهن. هي ڳالهيون مذهب، رمضان، عيد وغيره سان وابسته آهن، عيد جو موقعو سڀني لاءِ خوشين جو ڏينهن هوندو آهي پر دنيا ۾ روزانه موت جي راڪاس جي رقص سبب خوشيون گهٽ ڏک وڌيڪ دلين ۾ اچي ويو آهي، جيئن اوهان کي ياد هوندو ته ڪجهه ڏينهن پهرين آمريڪا جي هڪ اهڙي ڪلب ۾ ماڻهن کي ماريو ويو هو، جتي سڀ جا سڀ هم جنس پرست هئا ۽ انهن جي موت تي ڏک جو اظهار ڪرڻ لاءِ هندستان جي شهر دهلي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪلب اندر هم جنس پرستن جي حمايت ڪرڻ لاءِ به دهلي جي (هائيڊ پارڪ)  جنتر منتر چوڪ تي هڪ اجتماع منعقد ڪيو ويو. هتي اهو به ياد رهي ته خود هندستان ۾ 90ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ فلم ”فائر“ ”باهه“ ريکا جي آئي هئي ته ان خلاف سڄي ڀارت ۾ مظاهرا ڪيا ويا هئا پر اڄ ان پراڻي ڳالهه ۾ اها نئين ڳالهه شامل آهي ته هندستان وارا به هاڻي هم جنس پرستن جي حمايت ڪن ٿا.
هنن نين ڳالهين ۾ سڀ کان نئين ۽ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي، جيڪا سنڌ جي سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪاروڪاري، هاف فراءِ، فل فراءِ، اغوا ۽ ڦر کان آزاد هجي ته ٻي خبر هلائي، جڏهن ته پاڪستان جي اردو ميڊيا وارا ته طاهر القادري، عمران خان يا پاناماليڪس ۽ وزيراعظم نواز شريف وغيره کان واندا هجن ته ڪجهه ٻيو منظرعام تي آڻين. اها خبر يا اهو منظر عام تي ان وقت ايندو جڏهن ڪنهن عالمي اداري طرفان بريڪنگ نيوز طور اهو چيو ويندو ته ”اڄ لنڊن ۾ مذهب جي انتهاپسندن هڪ اهڙي ريسٽورنٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ايندڙ گراهڪن جي ويهڻ لاءِ 2 ڪلاڪ جي اجازت هئي. هن حملي ۾ ڪيترائي گراهڪ هوٽل ۾ موت جو شڪار ٿي ويا. فلاڻي گروپ ذميواري قبول ڪئي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو