Monday, July 4, 2016

سرهي سوچ ؛ سنڌي زبان ۾ محاورو آهي ته، ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!“



واديءِ سنڌ ۾ اوڏن کي ڪير نه سڃاڻي؟ آلي مٽيءَ جي چاڻن مان ڀتيون ٺاهڻ سندن پيشو آهي. ان ڪري سنڌي زبان ۾ محاورو آهي ته، ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!“ اوڏڪي اڏاوت ڪرڻ جو طريقو ساري برصغير ۽ مشرق وسطيٰ يعني سنڌ جي ٿر کان وٺي صحراءِ اعظم آفريڪا جي ڪنارن جي ملڪن تائين عام آهي. ان ڪري وڏي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته، جڏهن آدم ذات تاريخ جي قديم شڪاري دور مان نڪري، يعني غارن ۽ چُرن مان نڪري، سمنڊن، دريائن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو هو ته حضرت انسان پاڻ کي جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ شڪاري جانورن جي حملن کان بچائڻ ۽ پنهنجي شڪار ڪيل جانورن جي گوشت کي سانڍي رکڻ لاءِ ڇپرن جي بجاءِ ڳوهيل مٽيءَ مان گهرن ٺاهڻ جو هنر ايجاد ڪيو هو. جنهن درجي کان اڳتي هلي حضرت انسان سرون ٺاهڻ ۽ باهه کي ڳولي لهڻ ۽ ان کي استعمال ڪري سرن کي پچائي پختن ۽ ديرپا گهرن ٺاهڻ جا هنر ايجاد ڪري ورتا هئا ۽ هو هينئر واهڻن جي بجاءِ ڳوٺن ۽ وڏن واهڻن ۽ شهرن ۾ رهڻ لڳو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اوڏڪي اڏاوت ڪرڻ جو هنر، غارن ۾ رهڻ ۽ پڪي اڏاوت ڪري گهر جوڙي رهڻ جي وچ وارو عبوري دور آهي.علم الانسان جي عالمن جي تحقيق موجب اوڏ قبيلا روزگار جي سلسلي ۾بحيره روم جي ڏاکڻي ڪنارن وارن ملڪن مان هجرتون ڪندا اچي واديءِ سنڌ ۾رهيا هئا. سندن قد ڪاٺ، چهرو مهرو ۽ خد و خال ڏيکاري ٿو ته سندن نسلي تعلق آسٽريلوي يا آريه نسلن سان نه پر سامي نسل سان آهي. منجهن اڄ به سامي نسل وارين قومن واريون عادتون ۽ اطوار، رسمون ۽ رواج موجود آهن.اوڏ هندن جي رواج جي خلاف مسلمانن وانگر گهڻيون شاديون ڪندا آهن. هو ماءُ، ڀيڻ، ناني، ڏاڏي، سَس، پڦي، ماسي، ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن سان شاديون نه ڪندا آهن، پر ماساتن، پڦاٽن، ماروٽن، سوٽن سان شاديون ڪرڻ وٽن مباح آهي. ودوائن (بيواهن) کي شادي نه ڪرائڻ جو وٽن رواج نه آهي ۽ نه وري هندن وانگر سندن محرمن جو دائرو ستن گوترن (پيڙهين) تائين وڃي ٿو. اوڏ مرد ۽ زالون پاڻ ۾ گڏجي پورهيو ڪندا آهن. مرد فقط مٽي گُڏين ۽ ڀتين جي اوساري ڪن. باقي ٻيو سمورو گهرو خواهه ٻاهريون ڪم ڪار عورتون ڪنديون آهن. اوڏ عورت جي سخت جاني ۽ مڙس سان جنسي وفاداري ضرب المثل آهي. اوڏ مرد ڌوتي ۽ انگرکو پائين ۽ مٿي تي پڳ پائيندا آهن. عورتون وڏو جهولدار پڙو ۽ ڪنجري پائينديون آهن. هو سون جا زيور ورلي پائين. سندن ڳهه (زيور) گهڻو ڪري چاندي جا هوندا آهن.اوڏ نه مال جا ڌڻ ڌارين ۽ نه وري هارپو ڪن. ان ڪري منجهن زمين حاصل ڪرڻ جو ڪوبه خيال پيدا نه ٿيو آهي. ڪاشت ڪاري ۽ ڌڻن ڌارڻ کان پري رهڻ جي ڪري منجهن چوري ۽ زوري ڪرڻ جو ڪوبه رواج پيدا نه ٿيو آهي. البته مسلمان سندن چوريون ڪندا آهن ۽ ڀُنگ وٺي کين موٽائي ڏينداآهن. پڪا گهر ٺاهي ڳوٺ ٻڌي ويهڻ جو رواج پڻ منجهن نه پيو آهي. هو پکن ۾ رهندا آهن، ان ڪري سندن گهرو سامان پڻ مختصر هوندو آهي. ان ڪري کين ڌنڌي ڪرڻ خاطر هڪ هنڌان لڏي وڃي ٻئي هنڌ رهڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿيندي آهي. منجهن ڪورٽن ۾ وڃي مقدمي بازي ڪرڻ جو رواج نه هجڻ جي برابر آهي. سندن فيصلا پنچائت ڪندي آهي. پنچائت جي فيصلي کان منهن موڙڻ جي مجال اڃا ڪنهن اوڏ ڪٽنب ۾ پيدا نه ٿي آهي. پنچائت وقت مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ گڏجي وهندا آهن ۽ عورتن کي ان ۾ ڳالهائڻ جو پورو پورو اختيار حاصل هوندو آهي. سندن نياتن ۾ مرد مکي هوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري موروثي هوندا آهن.وٽن زمين ۽ مال جي ڌڻن جي نه هجڻ ڪري منجهن عورت کي غلام ڪري رکڻ، ان لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ تڪرار ڪرڻ جا مثال ورلي ٿيندا آهن. زمين ۽ مال جي ڌڻن جي نه هجڻ ڪري وٽن مڪمل مساوات آهي. ان ڪري مٿن نيڪ مرد يا مُکي جي هٿان ظلم ڪرڻ جو ڪوبه رواج پڻ پيدا نه ٿيو آهي. زمين جي نه هجڻ ڪري سندن قومي روايتن ۾ عورت کي وڏو احترام ۽ عزت حاصل هوندي آهي. سندن معاشري ۾ سماجي آزادي هجڻ جي ڪري سندن گهر تي مرد جي نه پر عورت جي حڪمراني هوندي آهي. مرد جو عورت تي ضابطو نه هجڻ جي برابر ۽ محض زباني طور تائين محدود هوندو آهي. عورت جي مرد سان مساوات جي ڪري وٽن شاديون به سوليون ۽ طلاقون به سوليون هونديون آهن. انهيءَ ڪري اسان واري معاشري جي بلڪل برخلاف ڪنهن اوڏڻ جو پنهنجي مڙس جي هٿان قتل يا زخمي ٿيڻ جا مثال پڻ اڻلڀ هوندا آهن. وٽن ڪنهن نوجوان عورت جو غير شادي شده ۽ انهيءَ برک عورت جي مرضي ۽خواهشن موجب سندس زير اثر ڪٽنبن کي خرچ پکو ۽ قرض ڏيندا آهن. جيڪڏهن اها برک عورت ڪنهن سبب کان انهيءَ زميندار کان ناراض ٿي پوندي آهي يا سندس زمين کي ڇڏي وڌيڪ سهولت واري زميندار جي آبادي ڪرڻ گهرندي آهي ته سمورا ڪٽنب ۽ ويڙهو سندس حڪم تي انهيءَ زميندار جي زمين ڇڏي ڪنهن ٻئي زميندار جي وڃي زمين آباد ڪندا آهن. منجهن مستقل طور تي ڳوٺ ٻڌي ويهڻ جو رواج نه پيو آهي، ان ڪري هو پڪيون جايون نه اڏائيندا آهن. انهن قبيلن ۾ اسين گهرن جي اندر يا گهرن کان ٻاهر جي معاملن ۾ عورت جي حڪمراني ڏسون ٿا.

(ڪٽنب ،ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات : ابوبڪر خان مگسي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو