Wednesday, July 6, 2016

روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي

لطف پيرزادو
روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي
روزي ۽ عيد لطيف جو موقف لاءِ
مٿين سٽ ۾ ٻه مختلف حالتون موجود آهن، هڪ روزو جيڪو تسئي ۽ بک جي علامت آهي جنهن کي اسلام ۾ خدا ڪريم تظقعه نفس لاءِ مقرر ڪيو آهي، هڪ جاءِ تي هن کي جسم جي زڪوات پڻ ڪوٺيو ويو آهي، روزي جو سماجي ڪارج اهو آهي ته جيئن ڍائي ماڻهو کي بک جي تاثير ۽ بکيي ماڻهو جو قدر ۽ احساس ڏياري سگهي، ٻي حالت آهي عيد، هي لفظ عربي ٻولي جو آهي جنهن جي معنيٰ آهي خوشي، لطيف جيئن ته انساني سڀاءُ سماجي حالتن، ڳڻن ۽ ملائي لکڻو آهي جو آئيني دار شاعر آهي، جنهن اسان جي آس پاس جي هر وت کي علامتي انداز ۾ پيش ڪري اسان کي ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهڙي طرح هن موضوع تي بک، سڃائي، غربت آسودگي، پيٽ ڀرائي، خوشي ۽ غم جهڙن انساني علتن، عملن ۽ حقيقتن کي اسان جي اڳيان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، ڏک ته هن شاعر جو پسنديده موضوع آهي، مٿي ذڪر ڪيل بک ۽ خوشيءَ واري علامت ۽ حالت کي سندس شاعري مان ڪجهه سٽون چونڊي هن موضوع سان نڀاءُ ڪندي اهو ڏسنداسين ته بک ۽ خوشيءَ ڏانهن شاعر جو ڪهڙو رويو آهي، انهن جي اظهار مان هو اسان کي ڪهڙو سبق ٿو ڏئي، سندس هڪ عام ۽ مشهور بيت آهي جيڪو لڪير جي فقيرن کي منهن تي چماٽ مثل آهي، جنهن ۾ روزي ۽ نماز کي بهتر عمل سڏڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي فهم، ادراڪ ۽ عمل ڏانهن اشارو ٿو ڪري جيڪو انهن ٻنهي عملن کان افضل آهي،
روزا نمازرون، اي پڻ چڱو ڪم
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرين کي
هتي ته مورڳي گجهارت ڏئي ويو آهي، ان فهم کي چٽو ڪري بيان نه ڪيو ويو آهي، اشارتن ذڪر ڪيو ويو آهي، سندس شاعري جي ڳُڙهي مطالعي مان اسان کي اهو فهم به ملي ٿو، جنهن کي هن وضاحت سان بيان ڪيو آهي، اهو اشارو سُر آسا جي هڪ وائي ۾ ڏنو اٿائين جنهن جو ٿل آهي،
اتان ڪي آهي، هو جي جهونا پسجن جهوپڙا
ان وائي ۾ هڪ مصريه لکيو اٿائين ته:
خدمت ڪر خلق سين، پانڌ ڳچي ڳل پائي
اتان ڪي آهي، هو جي جهونا پسجن جهوپڙا
ان فهم جو ڏس ڏيندي چوي ٿو ته ڏکي انسانيت جي خدمت ڪر اخلاص، خلوص ۽ محبت سان ان ۾ ئي سڀ ڪجهه سمايل آهي، پرين کي ويجهي ٿيڻ جي اها ئي واٽ آهي، بک ۽ ڏک کي وري هيٺين بيت ۾ سمجهايو اٿس:
بکيءَ کل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر ناهه
اگهاڙيءَ وهان، ويو ويچاريءَ وسري
بکي ماڻهو کي کل ناهي ايندي ۽ ڏکويل ماڻهو ڪاوڙ نه ڪري سگهندو آهي، سنڌي ۾ چواڻي آهي ته روزن پٺيان عيدون، تڪليفن ۽ بکن پٺيان سک ۽ خوشيون نروار ٿينديون آهن، خوشي ۽ خريد کي سُر ماروي جي هڪ بيت ۾ استعمال هيٺ آندو اٿئين جنهن ۾ عيد جو نالو کڻڻ کانسواءِ ان کي اظهاريو اٿس، هن بيت ۾ ڌرتيءَ واسين جو جيڪو درد اوتيو اٿس ان تي سوچيندي ماڻهو کي ڪنبڻي وٺيو ٿي وڃي :
خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو ملڪ ملير جا
عيد جا اهي ٻه عمل خوشي ۽ خريد ئي آهن،  ان ڏينهن کي بهتر طريقي سان ملهائڻ لاءِ ماڻهو خوش هوندا آهن، ونهنجي حيثيت کان وڌيڪ پنهنجي ٻارن ۽ گهر ڀاتين جي خوشيءَ لاءِ وڌيڪ خرچ ڪندا آهن، پر لطيف جي ڏيهه واسين جي اها حالت آهي جو هو ان خوشي ۽ خريد جي سڌ ۽ سڪ ۾ مورڳو مريو ٿا وڃن، هنن جي اها خواهش ۽ اها اميد انهن کي شهيد ڪريو ٿي ڇڏي،  هو پنهنجي بيوسي، مفلسي ۽ لاچاريءَ تي پنهنجن جذبن، خواهشن ۽ اندر واري انسان کي مرندو پسن ٿا، جن کي اسان جو شاعر شهادت جو درجو ٿو ڏئي:
سگهن ڪهڙي سڌ، ته گهايل ڪيئن گهارين
پيل پاسو پٽ تي، واڍوڙيا نه وارين،
سڄڻ جي سارين، سي نڪي رون نه چون ڪي .

بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جنڃ
سامي جهاڳي سڃ، وسونءَ کي ويجها ٿيا
انهن جي تمام پونچي اها بک آهي، جيڪا ميڙي سيڙي هنن پنهنجين ڳنڍين، قنديلن ۽ جنبيلن ۾ محفوظ ڪري رکي آهي، ان سان ئي جشن ملهائيندا، هو پاڻيءِ بدران اڃ اوتيو پيئندا آهن جيڪي ازل جا اڃيا هوندا آهن، انهن لاءِ وري پاڻي اڃيو هوندو آهي، هن جي ڇولين لهرن ۽ رواني ۾ اها ئي تڙپ هوندي آهي ته شل ڪو اسان کي تاسارو ۽ اڃيو جيئو گڏجي، جيڪو ٻڪ ڀري پنهنجي اڃ اجهائي، ان لاءِ اصطلاح ڪتب آندو اٿائين ” پاڻي اڃيو ان کي“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ” ان تڙ منجهان پڪ ڏني پاڻان اڃ ٿئي“
ويراڳ پائيندڙ فنا کي بقا مان ڳوليندڙ بک ۽ اڃ کي عزيز هوندا آهن، انسان جي اندر وارو تڏهن ئي سجاڳ ٿيندو آهي جڏهن اهڙي ڪسرت ڪئي ويندي آهي، انسان جي ڇهين حس کي جيئارڻ لاءِ پاڻ هڪ نسخو تجويز ڪيو اٿس
ڪي سمهه، ڪي جاڳ، کاءُ اڌورو انُ،
جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين
عيدو ۽ خوشيون، روزا ۽ بک انهن لاءِ آهن جيڪي ڍروارا آهن ڇو ته سکيو ستابو ماڻهو بک ۽ ڏک کان وانجهيل هوندو آهي، ان کي بک جي تاثير جي خبر ناهي هوندي، اهڙي طرح بکي ۽ ڏکي ماڻهو لاءِ خوشي ۽ خريد اوپري ۽ اڻ ڏٺي شي آهي، اهڙي طرح سکي ماڻهو لاءِ بک به اهڙي اڻ ڏٺي شي آهي، روزيدار تي هڪ بيت لکيو اٿس  جيڪو سر ماررئي جو آهي، هن موضوع تي ان کي به پڙهڻ گهرجي:
صائم سڪي جيئن، آذان جي آواز کي
مون تن اندر تيئن، وجهل ويڙهيچن جي،
مارروئي ٿي چوي ته جيئن روزائت آذان جي آواز لاءِ سڪندو آهي، منهنجي من ۾ به مارون لاءِ اهڙي ئي هورا کورا ، تڙپ ۽ انتظار آهي .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو