Friday, July 1, 2016

سرهي سوچ ؛جيڪڏهن زندهه رهڻو آهي ته پوءِ هڪٻئي سان تعاون ڪرڻو آهي.

اسان ڏٺو ته هڪ غليظ ڦُڙو، جڏهن جسمِ انساني جي ٻين جزن سان اشتراڪ 

عمل  ڪري ٿو، تڏهن پورن نَون مهينن ۽ ڏهن ڏينهن بعد ان ۾ به زندگي پيدا ٿيو

 پوي.  ساڳئي وقت، مرده جسم جا جزا، جڏهن منجهانئن جان نڪريو وڃي، تڏهن

هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن ۽ جيڪڏهن ميت جلد زمين اندر دفن نه 

ڪري   ڇڏجي ته جيڪر سندس هڪ هڪ جزو ٻئي کان عليحده ٿي ڦاٽي پوي.

بعينه اها حالت اسان انسانن ۽ پنهنجي سوسائٽيءَ سان لاڳو رهي ٿي. جيڪڏهن 

اسان کي زندهه رهڻو آهي ته پوءِ لازمي طور تي، هڪٻئي سان تعاون ڪرڻو

 آهي. انهيءَ ۾ اسان جي پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه دخل نه ٿو رهي، ڇا لاءِ ته 

جيڪڏهن زبان سان اسان ”انسان ذات“ کي هڪ ”انسان ڪبير“ ڪري 

ڪوٺيون  ۽ ڪائنات کي ”شيخ الاڪبر“ سان تشبيهه ڏيڻ جي تبليغ ڪئي ته ان 

مان عملي  طور تي ڪوبه مطلب بارآور نه ٿيندو. ان جي بجاءِ اسان کي 

سنجيدگيءَ سان   سوچڻو آهي ته ”عدم تعاون“ جي عام فضا ۾ اسان ايندڙ تباهيءَ 

۽  موت کان ڪئين  پاڻ بچايون. ٻيءَ صورت ۾ ظاهر آهي ته اسان کي فقط هن 

دنيا  جي هر حسين شي  ۽ فنڪارانه شاهڪار تان دستبردار ٿيڻو پوندو، جي 

سمورا  لطيف جذبن جي پيداوار  آهن، بلڪ جلد کان جلد هن صفحهء هستيءَ تان 

ميٽجي  وڃڻ لاءِ آماده ٿيڻو پوندو، ”خس ڪم جهان پاڪ“. جا شيءِ قدرت جي 

ڪنهن اٽل  قانون مطابق عمل پذير ٿيڻي آهي، اها پنهنجي مقرر   وقت تي ضرور 

ايندي ۽ ٿي رهندي.

 ان کان بچڻ جي فقط هڪ صورت آهي، ته   اسان مان هر هڪ انفرادي 

طور سوچي ته آءٌ بذات خود ڪيئن ان اصول جي  پابندي ڪريان. ٻئي جي 

خواهشن ۽ طبعي لاڙن ۾ ڪنهن جي دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه ضرور 

ناهي.   هر هڪ کي پنهنجو  نقطهء نظر آهي.

مُهاڻيءَ کي جيڪڏهن مڇيءَ جي کِکاڻ مان فرحت اچي ٿي ته ان کي موتيا گُل 

آڇڻ مان ڪهڙو سود؟  پنهنجي طبيعت مطابق هر ڪو پنهنجي ذوق جي تڪميل 

ڪري، ليڪن قدرت جي انهن بنيادي اصولن کان ڪنهن به صورت ۾ روگرداني 

نه ڪري، جيڪي اسان جي زندگيءَ جو ”اهم جزو“ آهي. انهيءَ ڪري 

جيڪڏهن   ڪنهن کي ”موت“ سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش آهي ته پوءِ کيس 

ان سان به  ملڻ جي موڪل هئڻ گهرجي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪابه ذليل خواهش، هر شخص لاءِ پنهنجي سرشرم جو 

باعث هئڻ گهرجي. دنيا جي هيترين حَسين شين مان جڏهن هن کي ڪابه پسند 

ڪرڻ جي اجازت آهي، ۽ پوءِ به هو پاڻ لاءِ ڪا خراب شي پسند ڪري ٿو ته 

پوءِ اها سندس قسمت!

اصل ۾ قوم جي ماڻهن جي خواهش کي ئي ”تهذيب“ڪوٺيو وڃي ٿو. پنهنجي پسند

 اسان کي جتي ”بهترين انسان“ بڻائي سگهي ٿي، اتي ”بدترين حيوان“ بنجڻ جو پڻ ان 
مان هرمهل امڪان آهي.

(علامه آئي آئي قاضي؛ محبت جي ضرورت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو