Tuesday, April 26, 2016

حسد جي باهه ۽ پيار جو پاڻي

حسد جي باهه ۽ پيار جو پاڻي
رضوان گل
حسد يا ساڙ اهڙو انساني عمل آهي جيڪو اڪثر ٻين جي ترقي يا چڱائي ڏسي دل اندر پيدا ٿيندو آهي. حسد يا ساڙ کي جيڪڏهن هاڪاري حوالي سان ڏسبو ته ان جو ريسَ ڪرڻ وارو رخ به ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن ماڻهو ٻين جي ترقي ڏسي پاڻ به محنت ڪرڻ شروع ڪري ته. پر اسان جي سماج ۾ ائين تمام گھٽ آهي. هتي اڪثر ماڻهو ٻين جي خوشي يا ترقي ڏسي اندر ئي اندر ۾ ڀورا ڀورا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. اڪثر ماڻهن کان ٻين ماڻهن جي عزت افزائي برداشت نه ٿيندي آهي يا کڻي ائين چئجي ته اهي ٻين ماڻهن جي عزت ٿيندي ڏسي ناهن سگھندا. جيتوڻيڪ ٻين جي عزت ۾ ان شخص جي ڪابه گھٽتائي ناهي ٿيندي پوءِ به ان قسم جا ماڻهو ٻين جا سک پسي ساڻن حسد ڪندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ کين ڪجهه به پلئه ناهي پوندو سواءِ پنهنجي اندر ساڙڻ جي!
ڪنهن به ماڻهوءَ جون خوشيون ڏسي جيڪڏهن ساڻس ساڙ ڪرڻ بجاءِ خوش ٿبو ته يقينن پاڻ کي به خوشيون ئي پلئه پونديون. پر جيڪڏهن اسان ٻين جي خوشين تي رنج ٿي ساڻن حسد ڪندا سين ته انهن کي ڪجهه به ٿيندو جيڪڏهن نقصان ٿيندو ته اهو پنهنجو ئي ٿيندو. ڇالاءِ ته ڪنهن سان حسد ڪرڻ ۾ هر حوالي سان جيڪڏهن گھاٽو ٿئي ٿو ته اهو پنهنجو ئي ٿئي ٿو. ان ڪري اسان کي گھرجي ته ٻين جي خوشين ۾ به ائين خوش ٿيون جيئن پنهنجي خوشين ۾ خوش ٿيندا آهيون. حسد ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪڏهن ڪمزور يا بي همت آهي ته اهو ترت ئي ردِ عمل ظاهر ڪندي پنهنجي حسد يا ساڙ جو اظهار ڪري ڇڏيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين جي محنتن جي نتيجي ۾ انهن کي مليل عزتون اهڙو شخص برداشت ڪري ناهي سگھندو. هو اهو سمجھندو آهي ته مان ته ان منزل تي رسي نه سگھندس پوءِ ڇونه ان شخص سان کُليو اختلاف رکان يا سندس محنتن جي تعريف ڪرڻ بجاءِ انهن محنتن کي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪنهن طرح سان سواليه بڻايان. يا ان ۾ شڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان وغيره. ان قسم جا ماڻهو شاطر ذهن رکندڙ هوندا آهن جن کان اهي سڀ شيطاني ڪم سندن حسد ۽ ساڙ ئي ڪرائيندو آهي. اهڙا ماڻهو اڪثر ٻين جي ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿيندي ڏسي خوش ٿيندا آهن، ڪنهن جو بنگلو ڊهندي ڏسي مرڪندا آهن پر ڪنهن کي ڪو رُتبو ملندي جيئن ئي ڏسندا آهن ته ساڙ ۽ حسد ۾ پچڻ لڳندا آهن.
ساڙ دراصل هڪ قسم جي ذهني بيماري آهي جيڪا اڪثر انهن ماڻهن ۾ گھڻي ٿئي ٿي جيڪي عملي ڪم ڪرڻ ۾ سست هجن ٿا. اهي صرف گفتن جا ئي غازي ٿين ٿا پر عملي طور سندن ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هجي ٿي. اهي اصل ۾ ڀٽڪيل شخص هجن ٿا جن وٽ مثبت سوچ جو فقدان هجي ٿو.
حسد جي حوالي سان جڳ مشهور ڏاهي خليل جبران چيو ته: ”جڏهن توهان جي اندر باهه جي بٺي آهي ته ان ۾ گل ٽڙڻ جي اميد ڪيئن ٿا ڪري سگھو“!! جبران جي ان ڳالهه کي جيڪڏهن سامهون رکي اسان مختلف ماڻهن جي مزاجن جو جائزو وٺندا سين ته يقينن اسان کي پنهنجي ارد گرد ئي اهڙا ماڻهو ضرور ملي ويندا جن جي اندر ۾ ساڙ جو مرض باهه جي بٺيءَ جيان ٻرندو ئي رهندو آهي. ان قسم جي ماڻهن کي ڪنهن به ٻئي جي ڪابه به چڱي ڳالهه نظر ئي ناهي ايندي. جيڪڏهن ايندي به آهي ته يڪدم ان ڳالهه جا منفي پاسا ڳولهڻ ۾ لڳي ويندا آهن. مطلب ته اهڙن ماڻهن مان ڪنهن به چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ فضول هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي چڱائيءَ جا گل ڪنهن به باهه وانگر ٻرندڙ بٺيءَ واري دل ۾ ڦٽڻ محال هوندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي اوهانجي هر چڱي عمل مان صرف ۽ صرف اوڻايون معلوم ڪرڻ لڳن ته انهن کان ٿورو احتياط ڪريو. ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن آڏو اوهان جا صرف اهي ئي پاسا اڀارڻ چاهن ٿا جيڪي ڪجهه ڪمزور آهن. جيتوڻيڪ ڪمزور پاسن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪا به برائي ناهي پر مڙني چڱاين کي نظر انداز ڪري انهن جي جي ذڪر کان بغير صرف ڪمزورين جي ڳالهه کي ئي اڀاري پيش ڪرڻ ۾ يقينن انهن جي بدنيتي ۽ ساڙ شامل هجي ٿو. سو اوهان ان قسم جي ماڻهن کان ضرور باخبر رهجو ۽ کين سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪجو.
حسد جي حوالي سان بقراط چيو هو ته: ”حاسد ماڻهوءَ کي ان جو نفس موت کان اڳ ئي ماري ڇڏيندو آهي“ بلڪل ائين ئي آهي ته حاسد وٽ سواءِ ساڙ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ٿو هجي. هو ٻين جي سٺي قسمت تي اندر ئي اندر ۾ جلڻ لڳندو آهي. اهڙي ساڙ واري ماڻهوءَ جي دل مان اهو بغض نڪرڻ ڏاڍو محال هجي ٿو. ڇالاءِ ته اها سندس فطرت بڻجي وڃي ٿي ۽ فطرت جلدي تبديل ناهي ٿي سگھندي. ڪي ماڻهو هر چڱائيءَ تي منفي انداز ۾ تبصراڪندا آهن ڇاڪاڻ ته کانئن ته ڪا چڱائي ناهي پڄندي پر ٻين جي چڱائي به برداشت ناهي ٿيندي. اهڙي حاسد ماڻهوءَ لاءِ ئي ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”سئيءَ سان جبل کي پرزا ڪرڻ ممڪن آهي پر ڪنهن جي دل مان ڪينو ۽ ساڙ ڪڍڻ بيحد ڏکيو آهي“ چوندا آهن ته جيڪڏهن حسد جي باهه کي ڪا شيءِ وسائي سگھي ٿي ته اهو آهي پيار ۽ پريت جو پاڻي. ڇالاءِ ته پيار سان اندر ۾ موجود ڪيتريون ئي برايون ختم ٿيڻ ممڪن هونديون آهن.
ساڙ ڪرڻ وارا اهي ڪهڙا انسان هجن ٿا جيڪي اسان جي خوشين تي رنج ٿين ٿا ۽ اسان جي ڪاميابين کي پنهنجي لاءِ گھٽتائي تصور ڪري اسان جي لاءِ کڏون کوٽڻ جي ڪوشش ڪن ٿا؟؟ جيڪڏهن ان سوال تي اوهان ٿورو غور ڪندءُ ته ان جو جواب ڳولهڻ ۾ اوهان کي ڪا گھڻي تڪليف نه ٿيندي. ڇالاءِ ته اهڙا ماڻهو اوهان سان هرروز ملن ٿا. اوهان سان ويهن ۽ ڳالهائن به ٿا. بلڪه اوهان سان گڏجي ڪم به ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو اوهان جي آفيس جا ساٿي به ٿي سگھن ٿا. اوهان جا پنهنجا ذاتي دوست به ٿي سگھن ٿا، ۽ اوهان جا ويجھا مائٽ رشتيدار به ٿي سگھن ٿا.
 
اهڙا ماڻهو اوهان جي سامهون ته اوهان جي تعريف ڪن ٿا پر بعد ۾ اوهان جي غلا غيبت ۾ ڪا به قصر نه ٿا ڇڏن. اهي پنهنجي اندر جي ساڙ جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور ڪن ٿا. جيڪڏهن الله پاڪ اوهان کي ڪنهن منزل تي پهچايو آهي ته ان قسم جا ماڻهو ان تي حسد ڪري اوهان جي محنتن ۽ صلاحيتن جي بدران ان ڳالهه کي اوهان جي قسمت چئي ڪنهن نه ڪنهن طرح اوهان جي شخصيت کي گھٽ ڪري پيش ڪرڻ ۾ جنبجي ويندا آهن. جنهن مان کين ٻيو ڪجهه به ناهي ورندو. هو صرف پنهنجي انا کي تسڪين پهچائڻ خاطر ئي اهو سڀ ڪجهه ڪندا آهن. ڪنهن به حسد ڪرڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها ئي سڀ کان وڏي سزا هوندي آهي ته هو ڪو به مثبت عمل ڪرڻ ۾ پوئتي ئي رهيل هوندو آهي. هو ٻين جون ڪاميابيون ڏسي پاڻ محنت ڪري ناهي سگھندو جو سندس فطرت انهن جي ڪاميابين تي ماتم ڪرڻ هوندي آهي.
اهڙا ماڻهو اهو وقت جيڪو ڪنهن جي ڪاميابين تي حسد ڪرڻ ۾ گذارن ٿا سو جيڪڏهن پاڻ ۾ همت، جرئت ۽ حوصلو پيدا ڪري ڪجهه عملي ڪم ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ته هوند ڪيتريون ئي ڪاميابيون سندن به پيرن ۾ اچي پون. پر خاص طور تي اسان جھڙن سماجن ۾ اهڙيون ڳالهيون صرف ڪتابن ۾ ئي ملن ٿيون. عام زندگيءَ ۾ هر ماڻهو ٻي سان بظاهر ته خوش اسلوبي سان پيش اچي ٿو پر اصل ۾ سندس نيت ۾ ڪجهه ٻيو ئي آهي.
اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته اسان سان ساڙ ڪندڙ اسان جا دوست به هجن ٿا، اهي دوست جيڪي اسان جي بظاهر ته عزت ڪن ٿا، اسان کي مانُ ڏين ٿا پر اسان جي پرپُٺ هو اسان جي صلاحتين ۽ اسان کي مليل عزتن تي منفي انداز ۾ تبصرا ڪن ٿا. جيتوڻيڪ دوستي جي تقاضا مطابق پنهنجي دوست کي سندس سڀ اوڻايون کيس اڪيلائپ ۾ ۽ سامهون ٻڌائڻ گھرجن.
دوستن سان ساڙ ۽ حسد ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه وقت اڳ مون هڪ ڪهاڻي به پڙهي هئي جنهن ۾ هڪ دوست پنهنجي ئي دوست جي ڪاميابين تي ساڻس ساڙ ڪري ٿو. جڏهن سندس دوست تمام اوچي منزل ماڻي ٿو وٺي ته هو بجاءِ خوش ٿيڻ جي اندر ئي اندر ۾ حسد ڪرڻ شروع ڪري ٿو. کيس ان حد تائين ساڙ ٿئي ٿو جو هو پنهنجي انهيءَ دوست جي ان مانَ ۽ مرتبي تائين رسڻ واري ڳالهه کي پنهنجي دل جو روڳ ٿو بڻائي ڇڏي. کيس هر وقت اها ڳالهه اندر ۾ کٽڪي ٿي ته هو ان منزل تائين ڇو رسيو. سندس جڳهه تي مان ڇو نه آهيان..!! پر هو اهي ڳالهيون صرف ساڙ جي حد تائين سوچي ٿو. ان سلسلي ۾ هو اڳتي وڌي پاڻ کي ان مانَ ۽ مرتبي لائق بڻائڻ لاءِ ڪوششون نه ٿو وٺي. نتيجي ۾ هو نه صرف هڪ سٺو دوست وڃائي ويهي ٿو پر گڏو گڏ اجائي ساڙ ۾ پنهنجو وقت به برباد ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هو ان ساڙ کي ريسَ ۾ تبديل ڪري پاڻ به يڪسوئي سان محنتون ڪري ها ته ضرور کيس به اعلى منزل ملي پوي ها.
پر افسوس ته اسانوٽ ائين نه ٿو ٿئي. بلڪه اسان صرف هڪ ٻئي جي ڪاميابين تي هڪ ٻي سان حسد ڪري رهيا آهيون. جنهن مان ڪجهه به ناهي ورڻو. اچو ته پنهنجي اندر مان اها حسد ۽ ساڙ جي بيماري جي پاڙ پٽي نيڪ نيتن سان محنتون ڪريون ته جيئن اسان جا سڀ ناتا سڀ تعلق ۽ سڀ رشتا سچائين تي مشتمل هجن ۽ اسان سڀئي کيرکنڊ بڻجي هڪ ٻي جي ڪاميابين کي ساڙ بجاءِ اتساهه ۾ تبديل ڪريون.


Top of Form


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو