Tuesday, April 26, 2016

تعريف جا هارَ ۽ انساني نفسيات


تعريف جا هارَ ۽ انساني نفسيات
رضوان گل

تعريف اهڙي شيءِ آهي جيڪا هر ماڻهوءَ کي تڏهن سٺي لڳندي آهي جڏهن اها سندس 
ٿيندي هجي. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو اسان جي  ڪمن، سندس لباس، سندس مرڪ جي 
جي ڳالهائڻ، اسان جي اٿڻ ويهڻ، اسان جي هوشيارپ، اسان جي گھر، ڪار، بنگلي ۽ 
اسان جي شخصيت جي مڙني رخن جي تعريف ڪندا آهن ته اسان جي دل باغ بهار ٿي 
ويندي آهي. مطلب ته هر انسان کي پنهنجي ئي ساراهه ٻڌڻ پسند هوندي آهي ۽ ان لاءِ هر 
ماڻهو ٻئي ڏانهن واجھائيندي نظر ايندو آهي ته ٻيا سندس ڪم جي تعريف ڪن.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم قابلِ تعريف آهي ته دل کولي سندس ساراهه ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ساراهه انسان ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪندي آهي. جيڪڏهن اسان کي ڪنهن جو لباس وڻي ٿو، ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪري ٿو، سندس مرڪ سٺي لڳي ٿي يا مجموعي طور ان جي شخصيت جا کوڙ سارا پاسا پسند آهن ته ضرور سندس تعريف ڪري کيس اهو احساس ڏيارڻ گھرجي ته اوهان جي شخصيت جي هنن خوبين مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي.
ڪنهن ٻئي جي تعريف ڪرڻ لاءِ تمام وڏي دل جو هئڻ لازمي آهي، اسان ڪنهن ٻئي جي تعريف ڪرڻ کان ان ڪري به ڪيٻائيندا آهيون ته شايد ان جي ساراهه ڪرڻ سان اسان جي حيثيت ۾ ڪا گھٽتائي اچي ويندي. ائين سوچڻ دراصل اسان جي اندر جي احساسِ ڪمتري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن جي به ساراهه ڪرڻ سان اسان جي شخصيت تي ڪوبه اثر يا فرق ناهي پوندو. بس صرف نيڪ نيتي هئڻ گھرجي، دل مان ڪينو ۽ قدورت ڪڍي حقيقت پسنديءَ سان راءِ ڏيڻ گھرجي، پر ها ڪنهن جي هروڀرو بيجا تعريف ڪري کيس پنهنجي متعلق غلط فهمي جو شڪار ٿيڻ هرگز ڏجي. ڇالاءِ ته اها بيجا تعريف جنهن جو حقيقت سان پري پري جو واسطو به ناهي اها چاپلوسيءَ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي.
جڏهن ڪنهن جي تعريف ڪجي ته سندس عهدي، مانَ مرتبي ۽ ڪرسيءَ کي ڌيان ۾ رکي نه ڪجي. بلڪه جيڪا حقيقت هجي ان کي ئي ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ۽ هو جيتري ساراهه جو حقدار آهي سندس اوتري ئي تعريف ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته تعريف ۾ تمام گھڻو وڌاءُ اسان جي شخصيت تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيندو آهي ته اسان سندس تعريف پيا ڪريون يا اسان تعريف جي ذمري کان گھڻو اڳتي نڪري اچي ڇاپلوسي واري حد تي بيٺا آهيون.
مشهور ڏاهي افلاطون چيو هو ته ”هڪ اهڙي ڳالهه جنهن کان تمام گھڻي پرهيز ڪرڻ گھرجي سا اها آهي ته ”پنهنجي تعريف پاڻ ڪئي وڃي“ ڀلي ته توهان ۾ اهي خوبيون موجود به هجن جن جو توهان ٻين سان اظهار ڪري رهيا آهيو.“ افلاطون جي چيل ان ڳالهه تي جيڪڏهن ٿورو غور ڪبو ته اسان مان تمام گھڻي اڪثريت پنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ واري ڪم ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ ۾ مصروف آهي. هر ماڻهو پنهنجي زبان سان سڌي يا اڻ سڌي ريت پنهنجي تعريف پاڻ ڪندو رهندو آهي. مون ڪافي پڙهيا لکيا ماڻهو اهڙا به ڏٺا آهن جن وٽ هر ڳالهه ۾ پاڻ کي شامل ڪري پنهنجي تعريف ڪرڻ جو ڏانءُ هوندو آهي. هو زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر موضوع تي پنهنجي ڪيل ڪارنامن جو تذڪرو ڪندي ناهن ٿڪبا. وٽن ڳالهه ڪرڻ جو اهڙو فن هوندو آهي جو ٻڌندڙ کانئن متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي ناهي سگھندو. پر چوندا آهن ته جيڪي ماڻهو وڏيون وڏيون ڳالهيون پنهنجي من مان ٺاهي ٻين جي آڏو پيش ڪندا آهن انهن جو وري حافظو ڪمزور هوندو آهي، کين چٽيءَ طرح ياد ناهي رهندو ته اڳ ساڳي ئي واقعي کي ڪيئن بيان ڪيو هو. انهيءَ ڪري هو ان ساڳي واقعي کي وري ڪجهه ٻين فرضي ڳالهين جون مالهائون پارائي پيش ڪندا آهن. اصل مسئلو واقعو نه پر کين پنهنجو تعريفي پهلو اجاگر ڪرڻو هوندو آهي. ان قسم جا ماڻهو اڪثر اوهان جي ارد گرد به يقينن موجود هوندا.
اهو سچ آهي ته انسان ڀلي ته ڪيڏي به وڏي منزل تان موٽيو هجي ڪيڏو به وڏو سفر ڪري واپس ٿيو هجي پر جيڪڏهن سندس چڱي ڪم جي تعريف ڪئي وڃي ته سندس اڌ ٿڪاوٽ اتي ئي ختم ٿي ويندي آهي. ماڻهوءَ جي اندر ۾ پنهنجي تعريف ٻين کان ٻڌڻ جي خواهش ازل کان وٺي موجود رهي آهي بلڪل اهڙي ريت جيئن سٺو کائڻ، پائڻ ۽ رهڻ جي خواهش هجي ٿي. ساڳي ڳالهه ڪندي ٽئگور چيو هو ته: ”سچي تعريف ۽ قدرداني جا لفظ ٻڌي، انسان ايترو ته خوش ٿيندو آهي جو کيس ڄڻ ته هڪ قسم جي توانائي ملي ويندي آهي
انساني نفسيات جو جائزو وٺبو ته اهو اندازو ٿيندو ته هر ماڻهو پنهنجي تعريف ٻڌڻ لاءِ ته هر وقت تيار هوندو آهي بلڪه تمام گھڻو خوش ٿيندو آهي پوءِ ڀلي ته اهي خوبيون ان ۾ نه به هجن. پر ماڻهو پنهنجي متعلق سچ تي مشتمل ڪابه اهڙي ڳالهه ٻڌڻ برداشت ناهي ڪندو جنهن ۾ سندس ڪنهن ڪوتاهي يا گھٽتائي جو ذڪر هجي. مطلب ته هو پنهنجي متعلق ڪابه تنقيدي راءِ ٻڌڻ ۾ ايترو فراخ دل ناهي هوندو جيترو پنهنجي تعريف ٻڌڻ لاءِ اتاولو هوندو آهي.
جيڪڏهن اسان پنهنجي تعريفي پهلوئن تي ٻين جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ بيچين آهيون ته پوءِ اسان کي پنهنجي اندر تنقيد ٻڌڻ جي سگھ به پيدا ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته تنقيد اسان جي شخصيت ۾ سڌارو ۽ بهتريون آڻي ٿي. جڏهن ته صرف ۽ صرف تعريف اسان کي مغرور بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سچن دوستن کي پاڻ ئي اها دعوت ڏيون ته هو اسان کي اسان جي ڪوتاهين بابت آگاهه ڪن يا انهن جي نشاندهي ڪن ته اسان پنهنجي شخصيت ۾ موجود ڪيترين ئي اوڻائين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا سين. پر ڏسجي ٿو ته اهڙا تمام گھٽ ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪوتاهين بابت ٻڌڻ جي سگھ رکندڙ هجن.
نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) اهڙن ماڻهن جن کي پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي عادت پئجي ويندي آهي، لاءِ فرمايو ته: ”ماڻهن کان پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي عادت انسان کي ٻوڙو ۽ انڌو بڻائيندي آهي“. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو اسان کي سٺو چون اسان جي ساراهه ڪن ته پوءِ ان لاءِ اسان کي پنهنجي شعبي ۽ پنهنجي ڪم سان بي انتها محبت ڪرڻي پوندي پنهنجي شعبي ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏئي پاڻ مڃرائڻو پوندو. پوءِ اوهان خاموش هوندئو ۽ دنيا خود بخود اوهان کي ساراهه جا هار پارائيندي. ”آئرش“ به چيو هو ته: ”ڪم ئي پاڻ، ماڻهوءَ جي تعريف ڪندو آهي“.
اسان مان هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو، فرق صرف اهو آهي ته جيڪو ماڻهو روايتي انداز ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو ان کي سندس ڪم جو ڪو خاص ڪريڊٽ نه ٿو ملي پر اهو ساڳيو ئي ڪم جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي غير معمولي انداز ۾ ڪري ڏيکاري ٿو ته تعريف سندس پويان پنڌ ڪري ٿي.
وليم جيمس چيو ته: ”اسان سڀني جي دل ۽ دماغ ۾ بي انتها طاقتون ستل پيون آهن، جن کي همت افزائي ۽ تعريف جا لفظ جاڳائي ڇڏيندا آهن“ يقينن تعريف ۽ همت افزائي اسان جي ذهنن ۾ ستل اسان جي صلاحيتن کي جاڳائي ڪجهه ڪرڻ جو ولولو ۽ همٿ پيدا ڪن ٿا.
جڏهن ڪوئي عاشق پنهنجي محبوب جي تعريف ڪندو آهي ته ان ۾ تمام گھڻو وڌاءَ کان ڪم ورتو ويندو آهي، عاشق کي پنهنجي محبوب جي ڪهڙي ادا موهي ٿي وجھي سو ته هو پاڻ ئي بهتر سمجهائي سگھي ٿو. پر عاشقن ۽ شاعرن وٽ وري سونهن ۽ تعريف جا معيار ئي مختلف هجن ٿا: احمد خان مدهوش پنهنجي محبوب سان ڪيتري حد تائين ڪميٽيڊ آهي ۽ هو ساڻس ڪيترو پيار ڪري ٿو سو اندازو سندس هنن سٽن مان لڳائي سگھجي ٿو:
سرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سرُ لڳي،
دل جي دلبر من جي من سان سرُ لڳي
هو جتان ڀي ڊيل جيان آيون ويو،
تن دڳن ۽ پيچرن سان سرُ لڳي
يار آ مدهوش منهنجو سانورو،
تنهنڪري ڪل سانورن سان سرُ لڳي
هڪ شاعر جڏهن پنهنجي محبوب جي تعريف ڪري ٿو ته هو نه صرف ان جي وجود پر ان جي وجود سان سلهاڙيل هر شيءِ ان حد تائين جو انهن پيچرن سان به پيار ڪري ٿو ۽ انهن جي تعريف ڪري ٿو جتان سندس محبوب جو گذر ٿئي ٿو.
کليل دل سان ٻين جي سٺن ڪمن جي تعريف ڪرڻ سان تمام سٺا نتيجا نڪرن ٿا، ٻين کي خوشي به ملي ٿي ته سندن حمت افزائي به ٿئي ٿي. ۽ اسان سڀني جو اهو
فرض به آهي ته اسان چڱائيءَ کي چڱو 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو