Tuesday, April 26, 2016

سڪون ڪٿي آهي !

سڪون ڪٿي آهي !
رضوان گل

سڪون جنهن جي جنهن جي تلاش ۾ انسان پنهنجي پوري زندگي گذاري ڇڏي ٿو پر پوءِ به حقيقي سڪون ڪن ٿورن ئي ماڻهن جي پلئه پوي ٿو. سڪون جي ڳولها ۾ ته هر ڪوئي آهي پر اهو سڀني کي ميسر نه ٿو ٿئي. اسان جڏهن خوش ٿيون ٿا ته سڪون محسوس ٿئي ٿو پر اها خوشي اسان وٽ چند لمحن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ ئي اچي ٿي. اهي خوشيون جيڪي دائمي طور اسان وٽ ترسي پون انهن جي ڳولها هر شخص پنهنجي پنهنجي طور تي ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اسان جي زندگي اسان سڀني لاءِ هڪ تمام وڏو تجربي گاهه پڻ آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي ئي دل ۾ ايندڙ خيالن کي عملي طرح آزمايون به ٿا ۽ ان مان وري نتيجا به اخذ ڪريون ٿا. زندگيءَ ۾ سڪون جي حاصلات لاءِ اسان پاڻ کي ايترو ته مسئلن جي ور ٿا چاڙهي ڇڏيون جو ويتر بي سڪوني ۾اضافو ٿي وڃي ٿو.
هر انسان جي اندر ۾ پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي جنهن ۾ هو ڪجهه سپنا ڪجهه خواهشون ۽ ڪجهه اميدون سجائي ٿو. هر شخص پنهنجي اندر ئي اندر ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچيندو ئي رهي ٿو. سوچون جيڪي لامحدود ٿين ٿيون.. انهن لامحدود سوچن ۾ ماڻهو پنهنجي لاءِ آئيڊيل جو تصور به ڪري ٿو. هو ان آئيڊيل جي روپ ۾ ڪجهه ماڻهن کي آڏو رکي انهن سان پيار به ڪرڻ لڳي ٿو. پر اهي سڀ سپنا تڏهن ريزا ريزا ٿين ٿا جڏهن سڀ ڪجهه اسان جي دل جي دنيا وارن تصورن جي بلڪل ابتڙ ٿيڻ لڳي ٿو. اسان جي اندر ۾ آنڌ مانڌ، تڙپ ۽ تڪليف به تڏهن ئي ٿئي ٿي جڏهن اميدون ٽُٽن ٿيون..
جڏهن خواهشن جي تڪميل ٿي نه ٿي سگھي ۽ پوءِ اسان جي اندر بي سڪونيءَ واري هڪ ڪيفيت جنم وٺي ٿي. اها بي سڪوني ڪجهه حاصل نه ٿيڻ سبب به جنم وٺي ٿي.
شاعرن ۽ عاشقن جو ورو هڪ الڳ ئي جهان ٿئي ٿو جن وٽ وري سڪون جون معنائون ڪجهه هن ريت به ٿين ٿيون:
جڏهن تون مون کان دور ويندي آهين
ته خبر اٿئي
مان ويتر تنهنجي آس پاس ڇو اچي ويندو آهيان؟
صرف ان ڪري
ته تنهنجي آس پاس واري هوا
توکي ڇهي تنهنجي خوشبو کڻي مون سان
ٽڪرائجندي آهي.
ان پل تنهنجي جسم جي اها خوشبو
منهنجي روح تائين پهچي
منهنجي سڄي وجود کي
سڪون جي ان ماٿريءَ ڏانهن وٺي ويندي آهي
جتي صرف ۽ صرف
تون ۽ مان ئي هوندا آهيون !
انسان پريشان ان وقت ٿيندو آهي جڏهن سندس اندر ۾ ڪنهن وڏي مقصد جي حصول جي خواهش هجي پر وٽس ان کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا يا سگھ نه هجي يا وري حالتون سازگار نه هجن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي اندر جي تڙپ ئي دراصل بي سڪوني جو سبب بڻجي پوندي آهي. اهڙي تڙپ مان آجو ٿيڻ لاءِ ضروري ٿي پوي ٿو ته يا ته اسان پنهنجي سگھ وڌائي وسيلا پيدا ڪريون ۽ حالتن کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جو فن سکون يا ته وري پاڻ تي ظابطو آڻي پنهنجي انهن خواهشن کي ئي گھٽو ڏئي انهن جو ساهه ڪڍي ڇڏيون. خواهشون جيڪڏهن زندگيءَ مان ڪڍي ٻاهر ڪجن ته پوءِ هر طرف سڪون ئي سڪون هوندو. پر سوچجي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته اسان پنهنجي جيون مان خواهشن کي بلڪل ئي ڪڍي ڇڏيون!!
اسان جي سماج ۾ هر پاسي بي راهه روي آهي ڪوبه ڪنهن سان حقيقي معنى ۾ پيار نه ٿو ڪري سواءِ انهن چند ماڻهن جي جيڪي نهايت ئي حساس هجن ٿا جيڪي ٻين جي دل جي ڳالهين جو احترام ڪن ٿا جيڪي پنهنجي اندر ۾ ٻين جو درد محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي جي خواهشن جو حقيقي معنى ۾ احترام ڪريون ته هوند ڪيترن ئي پريشانين کان بچي پئون.
سڪون جي حوالي سان هڪ بلڪل ئي منفرد خيال اهو به آهي ته ”جيون ۾ سڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ترقي جي اعلى منزلن تائين رسي ناهن سگھندا بلڪه جن ماڻهن کي ڪاميابين جي بلندين تائين پهچڻو هوندو آهي انهن کي سڪون جي ضرورت ئي نه ٿي هجي، ڇالاءِ ته ڏکين ڪمن ڪرڻ ۾ سڪون جي بجاءِ مشڪلاتون سامهون اينديون آهن ۽ اهي مشڪلاتن سان کيڏڻ جي فن کان واقف هوندا آهن“
اردو جي مشهور ليکڪ اشفاق احمد هڪ ڀيري پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ چيو هو ته: ”جيڪڏهن زندگيءَ ۾ سڪون چاهيو ٿا ته، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ۾ توقع نه رکو، ڇو ته توقع جو پيالو سدائين ٺوڪرن جي زد ۾ ايندو آهي“. جيڪڏهن ڪوئي انسان پنهنجي حصي جو مليل ڪم پنهنجي پورين سچائين سان سرانجام ڏئي ٿو ته کيس يقينن سڪون محسوس ٿيندو پر جيڪڏهن ڪوبه غلط طريقو استعمال ڪيائين ته سندس جيون ۾ بي سڪونيءَ جي دور جي ابتدا ٿي ويندي“.
گوئٽي چيو هو ته: ”جيڪڏهن ڪنهن گداگر جي گھر ۾ سڪون آهي ته اهو ان بادشاهه کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوش قسمت آهي جنهن جي گھر ۾ بي سڪوني آهي“. جيڪڏهن اسان کي سٺي، سهڻي ۽ پرسڪون زندگي گھارڻي آهي ته پوءِ پنهنجي گھر کي ڪنڪريٽ ۽ سيمينٽ کان وڌيڪ پيار، محبت، ڀائيچاري، امن ۽ هڪ ٻئي سان همدرديءَ جھڙين خوبصورت شين سان مظبوط ڪرڻو پوندو. جنهن سان يقينن اسان جي جيون ۾ سک شانتي ۽ سڪون اچي ويندو.
اسان هميشه ٻين مان اها اميد رکندا آهيون ته اهي سڀ اسان سان تمام گھڻو پيار ڪن، اسان سان انهن جو رويو تمام بهتر هجي، اهي اسان جو خيال رکن پر هڪ لمحي لاءِ اسان کي به ان ڳالهه طرف توجع ڏيڻ گھرجي ته ڇا اسان به انهن جو ايترو ئي خيال رکون پيا! جيتري جي پاڻ اميد رکون ٿا! جيڪڏهن اهڙو پيار ڀريو باهمي رابطو رکيو وڃي ته هيءَ دنيا سڪون جو گھر بڻجي پوي.
سڪون مان مراد ڪنهن به خاموشيءَ واري جڳهه تي ويهي ننڊ ڪرڻ هرگز نه آهي بلڪه سڪون ته ذهن سان تعلق رکندڙ شيءِ آهي. ٻاهر ڀلي ته ڪيترائي هجوم ڇونه هجن پر جيڪڏهن اندر جي جهانَ ۾ ڪابه مايوسي ڪابه پريشاني، ڪي به خواهشن جا انبار نه آهن ته پوءِ هر طرف سڪون ئي سڪون محسوس ٿيندو. پر اهو به سچ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ڪي حالتون ايترو ته پريشان ڪري وجھنديون آهن جن جو تعلق اسان جي خواهشن سان هرگز ناهي هوندو بلڪه اهي پريشانيون ته اسان کي ٻين پاران پلئه پيل هونديون آهن. ها! ڪڏهن ته اسان جو سمورو سڪون اهي ڳالهيون به کسي وٺنديون آهن جيڪي اسان جي انتهائي ويجھن ۽ پنهنجي پاران تحفي ۾ ڏنيون وينديون آهن.
جڏهن پنهنجي رت جا رشتا به اجنبي ٿي بيهندا آهن ته پوءِ لڙڪ نيڻ جا بند ٽوڙي ڳلن تان ڳڙڻ شروع ڪندا آهن. ڏک، تڪليفون ۽ سور جيڪي پنهنجن سان ئي سلبا آهن سي پنهنجا به جيڪڏهن پرايا ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي! ڪنهن سان پنهنجي اندر جي اور ڪجي؟ اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن اهڙي انسان سان ويهي ڏک ونڊڻ ۾ به سڪون محسوس ڪبو آهي جيڪو اسان جي پرواهه ڪندڙ هوندو آهي اسان جو خيال رکندو آهي ۽ اسان کي مانُ ڏيندو آهي.

سڪون زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترو اهم هجي ٿو يا سڪون جي تلاش ۾ سموري عمر جستجو ڪرڻ بعد به ڇاٿو حاصل ٿي. . ان ڳالهه جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجھ ۾ اچي ويندي ته سڪون جو تعلق گھڻي قدر اسان جي من اندر جي خواهشن سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اسان هر حال ۾ خوش رهڻ جو فن سکي ٿا وٺون ته يقينن زندگي سڦل گذرندي، پر هر حال ۾ خوش رهڻ جو فن ڪيئن ۽ ڪٿان سکجي!؟ ان ڳالهه جو مختصر جواب ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ٿي ئي نه ٿو سگھي ته اسان پنهنجي ذهن کي خواهشن جو غلام نه بڻايون ۽ نه ئي وري ڪنهن دک ملڻ تي هڪ دم هوش و حواس وڃائي غلط فيصلا ڪرڻ لڳون، ڇالاءِ ته اسان جو سڪون برباد ڪرڻ واريون شيون به اهي ئي آهن جن کي اسان يا ته حاصل ڪرڻ جي لاءِ پريشان ٿيون ٿا يا وري حاصل ڪرڻ بعد انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ پريشان ٿيون ٿا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو