Tuesday, August 2, 2016

سڀِ سَڀوئي حال، مَنجھان ئي معلوم ٿئي!


آخر ھي ڪھڙي مام آھي جنھن ۾ پاڻ ئي جل جلاله آھي ۽ پاڻ ئي جان جمال به، وري پاڻ ئي صورت پرين جي ٿيو پوي ۽ پاڻ ئي حسن جي ڪمال تي پھتل آھي. ڪڏھن پير ٿئي ته وريو ڪڏھن مريد ٿيو پوي ۽ خيال به پاڻ ئي آھي، جنھن جي سموري خبر ۽ احوال به اندر مان ئي معلوم ٿيو وڃيس...
پاڻَهِين جَلّ جَلاله، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پرينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
اندر ۾ ئي جي سڀ ڪجھه موجود آھي ته پوءِ اسان پنھنجو پاڻ کان ڇو نه ٿا پڇون؟ ۽ ڇو نه ٿا ڄاڻون ته ھي جلوا ۽ جلال اسان جي من ۾ آھن، حسن به اسين پاڻ آھيون، محبوب جي صورت به اسين خود آھيون ته پوءِ ھي ٻيون صورتون ڇا جون آھن جن تي موھجي پئون ٿا، پير ڪير آھي ۽ مريد ڇا آھي؟ جي پير آھيون ته ڪنھن کي ويٺا ھدايتون پھچايون ۽ وري جي مريد آھيون ته ڪنھن کان ويٺا ھدايتون وٺون، جو ٻئي شيون ته اسان پاڻ آھيون ۽ ان سموري حقيقت جي معلومات به اسان جي اندر ۾ آھي. جي سڀ ڪجھه جا ڌڻي اسان آھيون ته پوءِ ھي تلاش، ھي موھ، مھانتا ۽ ماتم ڪنھن لاءِ ڪندا آھيون؟  ھي سوال جو صدين کان اڃارو آھي ۽ ھميشه يتيم رھندو آيو آھي، اڄ تائين ڪنھن به ھن معصوم سوال جي مٿي تي ھٿ ناھي رکيو ۽ ھر ڪو پنھنجي من جون ڳالھيون ان سوال جي جھولي ۾ وجھيو ھليو وڃي ٿو ۽ سوال ويچارو ڪڏھن ڪھڙي سمنڊ ۾ غوطا کائي ته ڪڏھن وريو ڪٿي پيو ساھ ٻوساٽجيس...
غور ڪريون ته ھي جو بمن ۽ بارود جي راند کيڏي رھيا آھن ۽ جن جو جياپو رت پيئڻ تي آھي، انھن جي اندر ۾ انھن سوالن جا جواب ڇونه آھن جي ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“ ٿو ته.... يا انھن کي اھو معلوم ٿيو آھي ته بارود جي باھ ئي حق آھي ۽ جي اھو حق آھي ته پوءِ ٻيائي ڇا آھي؟ ۽ ڪنھن سان آھي؟ ڇو آھي؟ ماجرا ڏاڍي ڏکي آھي، ڳالهه چڙھيل ٿي ڏسجي...
انسان جي شعوري المين ۾ ھڪ وڏو الميو اھو به باسي ٿو ته ھو  انصاف ڪندڙ نه آھي، جو کيس پسند اچي ٿو ان کي ئي حق سمجھي ٿو ۽ اھو ئي سندس لاءِ جائز آھي... جي ائين نه ھجي ھا ته اھا ڪھڙي ڳالهه آھي جا ھڪ انسان کي پيٽ سان بم ٻڌي پاڻ ۽ ٻين (جن ۾ به ھو پاڻ آھي)کي رت سان وھنجاري ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي؟ ھي سموري دنيا جنگي حالت جو شڪار ٿي چڪي آھي سا ڪنھن سان جنگ ڪري رھي آھي ۽ ڇا جي جنگ آھي؟ پنھنجو پاڻ سان جنگ....؟
ھا اسان پنھنجو پاڻ سان وڙھي رھيا آھيون، پنھنجي وجود واري  فنا جي سفر جا راھي بڻجي پيا آھيون جنھن ۾ اسان جي عمرين جو ڪو تعين ناھي، جنھن ۾ اسان جي حسن جو ڪو حساب ڪتاب ناھي، جنھن ۾ اسان جي معصوميت به رت سان لت پت آھي، تنھنڪري ھن دنيا مان سونھن موڪلائي وئي آھي ۽ جڏھن دنيا مان سونھن رُسي وڃي ته پوءِ ڇا جي دنيا ۽ ڪنھن جي دنيا؟ اسان جيڪي جيِ رھيا آھيون ھن دنيا ۾، سا ھڪ اھڙي دنيا بڻي آھي، جيڪا اسان لاءِ اوپري آھي ۽ اسان جلاوطن ٿي جيئڻ لاءِ مجبور آھيون جو اسان جون اکيون رڳي ٻين کي ڏسي رھيون آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ لاءِ انڌيون آھن، پاڻ پسڻ لاءِ اسان نابين بڻيل آھيون تڏھن ته اسان جي حواسن ۾ خوشبوءِ بجاءِ بارود جي بوءِ حڪمراني ڪري رھي آھي، بلڪه اسان خود بارود جا واپاري ٿي ڪري پنھنجي ئي وجود سان ويڙھاند ۾ مصروف آھيون..... جو چون ٿا ته وحدت الوجود جھڙو نفيس سچ زماني جي وھنوارن لاءِ خطرو بڻيل آھي.
ھا ڀٽائي صاحب اسان کي جا ڳالهه صديون اڳ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي سا ڳالهه اسان اڄ تائين سمجھي نه سگھياسون ۽ ھيڪڙائي کي جو سنگسار ڪيوسين ته اڄ تائين ڪڙين ڪثرتن جي ڀيانڪ ڪُن ۾ غوطا کائي رھيا آھيون ۽ اھو به ھڪڙو وڏو سنگين الميو آھي ته ڪي ڳالھيون صدين تائين سمجهھ ۾ ناھن اينديون يا وري زماني جا مالڪ اسان جي وجود سميت اسان جي شعور تي به پھرا لڳرائي ڇڏيندا آھن، ائين ئي آھي.... اسان ڪڙي نگراني ھيٺ بدبودار ماحول ۾ جي رھيا آھيون ۽ ان ڌپ اسان جي حواسن تي ايتري ته حڪمراني ڪئي آھي جو اسان وٽان خوشبو جا احساس ئي شھيد ٿي ويا آھن.
نه ته ڀلا سڀ سڀوئي حال اسان منجھه موجود آھي ته پوءِ ھي وارتائون ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون؟ بس اندرکي جيئن جوڙيون!! جنھن کي جيئن صحيح ۽ غلط سمجھون!! پر جي عقل جي اک سان ڏسون ته ڀٽائي سائين ڪائنات کي سمجھڻ لاءِ خود ڪائنات جيڏي وڏي ڳالهه ڪري ويو آھي....
اسان مان ھر ھڪ حسن آھي ۽ اسان ئي عاشق به آھيون ته معشوق به،پرين به پاڻ آھيون جو وحدت جي دنيا ۾ ڪثرتون ته ان جو صرف اظھار آھن ۽ جڏھن اسان ڪثرتن سان عشق ڪندا آھيون ته اصل ۾ پاڻ سان ئي عشق ڪندا آھيون. اسان کي جو ڪجھه موھت ڪندو آھي، اھو ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ ھوندا آھيون جو اسان وحدت جي ان وجود ۾ رھندڙ آھيون، جنھن کي ڪائنات سڏجي ٿو، پوءِ جڏھن مزي وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان  پنھنجن ئي ڪثرتن جي جھان ۾ پِيرَ به ٿي پوندا آھيون ته وري مُريد ٿيڻ لاءِ به دل چوندي آھي جو ڳالهه ته سموري مزي جي آھي.... سڀ ڪجھه خيال ئي ته آھي جو سوُنھون آھي سموري سنسار جو....  ۽ جڏھن ان خيال جي چيچ جھلجي ٿي ته اسان ڪنھن ڳولا لاءِ نڪتل باسون ٿا ۽ ڳوليندي ڳوليندي، جيڪي ڀٽڪڻ کان بچي وڃن ٿا، سي جڏھن پنھنجي منزل جي ويجھو پھچن ٿا ته کين پنھنجو پاڻ سان ئي ملاقات ٿئي ٿي ۽ اھا ملاقات به ڪا جھڙي تھڙي ملاقات ھجي ٿي؟ ھر گز نه! پنھنجو پاڻ سان اھو ملڻ ان عظيم سچ جو لڀي پوڻ ھجي ٿو، جنھن سچ لاءِ صدين کان انسان تڙپندو رھيو آھي ۽ اھو ئي سچ آھي، جنھن سچ جي تلاش ۾ ڀٽ ڌڻي ڪائنات جي اصل راز کي سمجھي ان نتيجي تي پھتو ھيو ته ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“.... سو ھي سمورو سنسار اسان جي اندر ۾ ئي آھي جنھن سان ملاقات لاءِ اسان کي پاڻ سان ملاقات ڪرڻي پوندي، جنھن سان ڪثرتن جا ڪروڙين رنگ رڙيون ڪري چوندا ته تون تون.... مان مان..... نه! بس رڳي تون ھي تون.
 (روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو