Tuesday, August 16, 2016

نمڪ حلالي ۽ حراميءَ جو نفسياتي جائزو


قبيلائي، غلاماڻي ۽ جاگيرداري قدرن جي گاڏڙ سماج ۾ سٺا ۽ خراب گُڻ يا قدر هوندا آهن، جن جو بنياد يا پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ فطري، جاگرافيائي تبديليون هونديون آهن، مثال طور ڏڪار، ٻوڏون، پاڙيسري ملڪن جو ڦورو جيڪي وسيلن گهٽجڻ ڪري لٽ مار تي گذارو ڪندڙ هوندا آهن. ڦورو ۽ ڌاڙيل مان ڦري ويجهي سکئي ستابي ملڪ تي قبضو ڪري وڌ ۾ وڌ ڦرلٽ ڪندي رهڻ واري لڳاتار عمل ڪري محڪوم قوم يا سماج مان به ڪي فرد ساڳيو ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين سک سان جيئڻ ناهي ڏنو ويندو. مثال طور سيوهڻ جي مغل غاصب صوبيدار مرزا احمد بيگ راهه تيار ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجا ڪارندا موڪلي سڄي ٻار يا ٻاراههِ جو ان کڻائي ويندو هو. احتجاج ڪرڻ تي هارين کي مارڪٽ ڪري سندن ڍور ڍڳا به ڪاهرائي ويندو هو. مسلسل اهڙي ڦرلٽ ڪري ماڻهن پوکي راهي ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني هئي. جهنگ جي زندگي گذارڻ ۽ مال ڍڳي چارڻ تي گذران ڪيو وڃڻ لڳو هو.
مختلف جاگرافيائي حالتن جي ستم ظريفين ڪري به ماڻهو پنهنجا پيداواري وسيلا تبديل ڪندا هئا. ٻوڏن ۽ برساتن نه پوڻ يا برف باري گهڻي ٿيڻ ڪري ساوا چاراگاهه سڪي يا برف سان ڍڪجي ويندا هئا، جنهن ڪري اناج جي کوٽ ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجا يا پراوا چورايل ڍور ڪهي صرف گوشت تي گذران ڪندا هئا. گرم علائقن ۾ گوشت گهڻو ڪري کائي ختم ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته گوشت کي ذخيرو ڪرڻ ممڪن ڪونه هوندو هو. ڪٿي ڪٿي اهو رواج هوندو هو ته بچيل گوشت کي اُٻاري سڪائي ڪجهه وقت لاءِ ذخيرو ڪيو ويندو هو، پر برفاني علائقن ۾ بچيل گوشت کي برف ۾ پوري گهڻو وقت ذخيرو ڪري سگهبو هو. ان طرح ڏڪار جي ڏهاڙن ۾ بک جي احساس جو پيدا ٿيڻ فطري هو. اهڙي صورتحال ۾ اجتماعي طور وجود بچائڻ جون ڪوششون ذاتي وجود بچائڻ جي برابر هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته اڪيلي سر خوراڪ جو انتظام ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو. خوراڪي وسيلن جي ڪجهه موجودگيءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي ڪي وسنديون يا ننڍڙا ڳوٺ آباد ٿيل هندا هيا، جن وٽ ڪجهه خوراڪ ذخيرو ٿيل هوندي هئي. خوراڪ جي تلاش ۾ ڪي رولو ٽولا يا گروهه بک جي باهه وسائڻ لاءِ اهڙين وسندين جو رخ ڪندا هئا، جيڪي گهڻي خوراڪ ذخيرو هجڻ جي صورت ۾ ڪجهه کائڻ ڪاڻ ڏيندا هيا. نه ڏيڻ جي صورت ۾ بکايل گروهه افرادي قوت جي سهاري سان وسندين تي حملو ڪري ذخيرو ٿيل خوراڪ سان گڏ سندن ماڻهو به اغوا ڪري ڪهي کائي ويندا هيا.
ان طرح بکايل گروهه پنهنجو ڪو مستقل ٺڪاڻو ٺاهي ويهڻ جي بجاءِ وسندين تي حملا ڪري خوراڪ حاصل ڪندا هئا. ڏڪارن جي اهڙي صورتحال کان پوءِ ڦورو قدرن جو جنم ورتو ٿو ڀائنجي، جنهن ۾ ڦرڻ واري ڪڌي قدر سان گڏ هڪ اهڙي قدر به جنم ورتو، جنهن ۾ ڇڙواڳ جهنگلي گروهن جي مالي يا خوراڪ جون ضرورتن پورين ڪرڻ کان پوءِ اهي گروهه وسندين جا گهڻ گهرا ۽ خيرخواهه به ٿي ويندا هئا. اهڙي خيرخواهيءَ جو بنياد بک محل ڏنل خوراڪ هوندي هئي، جنهن سندن جان بچائي. اهڙي مدد يا احسان ۽ ٿوري کي ياد رکيو ويندو هو. برفاني علائقن ۾ گوشت کي لذيذ ڪرڻ لاءِ يا جسم کي گرمي پهچائڻ لاءِ نمڪ يا لوڻ جي وڏي اهميت هوندي هئي. گوشت نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻي ۽ لوڻ به جيئري رهڻ لاءِ وڏو سهارو هوندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو خاص طور برفاني علائقن جي ماڻهن ۾ لوڻ جي وڏي اهميت هوندي هئي. ڪنهن بکايل مسافر کي جيڪڏهن لوڻ به ملي ويندو هو ته هو پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو هو. جان بچائڻ لاءِ لوڻ جي حاصلات لاءِ وسندين جي ڪجهه فردن جون ذميداريون صرف لوڻ حاصل ڪرڻ هونديون هيون، جيڪي هفتن جا هفتا پنڌ ڪري لوڻ حاصل ڪري ايندا هيا. لوڻ مِلڻ جا هنڌ هڪ ته لوڻياٺا جبل هوندا هيا ٻيو سامونڊي ڪنارن سان ننڍن تلائن ۽ ڍنڍن ۾ وير چڙهڻ ڪري آيل پاڻي سڪي وڃڻ واري لاڳيتي عمل سان لوڻ جو ٿلهو تهه هوندو هو. درياهن جي اٿلن پٿلن ڪري اهڙا تهه واري ۽ مٽيءَ ۾ لٽجي ويندا هئا، جن کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ ٻرون، چرون يا سرنگهون هڻي ڪڍبو هو. لوڻ ڪڍڻ جا اهڙا طريقا موجوده دور ۾ ڏيپلي تعلقي جي رڻ ڪڇ جي گسن سان هاڻ به ڏسي سگهجن ٿا. اهڙيون لوڻ جون کاڻيون وارياسن سامونڊي ڪنارن سان اڪثر ڪري ٺهنديون هيون ۽ جابلو ڪنارن جا سوين ميل اهڙين کاڻين کان وانجهيل هوندا هئا.
کاڌ خوراڪ جي وکرن جي کوٽ انهن جي اهميت کي وڌائيندي آهي. ڪو اهڙو به وقت هوندو هيو جو دشمن، موجوده دور ۾ به ٻيلي يا جبلن ۾ لڪل ڌاڙيل ماني کارائڻ يا لسي ۽ چانهه پياريندڙ وسندين جي رهاڪن کي ڪونه ٿا ڦرين، ڇاڪاڻ ته اهي سندن ڏکئي وقت ۾ ڪم ٿا اچن. اهڙين وسندين وارن جا ڍور ڍڳا بنا ڪنهن ڌنار جي جهنگ چري شام جو صحيح سلامت واپس پنهنجن وٿاڻن تي اچن ٿا. ڳئون يا مينهن چور به جوءِ جي ڍور کي چورائڻ کي عيب سمجهندو آهي. يا ويجهي جوءِ مان ڍور چورائڻ واري چور کي پنهنجا ساٿي چور ڀاڙيو چور چون. معزز چور اهڙو هجي ٿو، جيڪو جوءِ کان پري يا ٻئي ڪنهن ڏورانهين جوءِ مان ڍور چوري ڪري اچي. چورن کان علاوه ٻئي ڪنهن شئي جو چور به چڱو اهڙو ليکيو ويندو آهي، جيڪو وڌ کان وڌ پري کان چوري ڪري اچي. چوري ۽ ڌاڙي ۾ به سچائيءَ وارا قدر هوندا آهن، جيڪي موجوده دور ۾ آهستي آهستي گهٽبا ٿا وڃن. ڪو وقت هوندو هو جو ماني کارائڻ، پاڻي پيارڻ يا اجهو ڏيندڙ جو ڪڏهن به مندو ڪونه ٿبو هو. چور يا ڌاڙيل اهڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ واري کي طعنو ۽ مهڻو ڏيندا هيا ته جنهن جو نمڪ کاڌئي تنهن جي چوري ڪيئي، وڏو ڪو ڀاڙيو آهين. وڏن وڏن نامي گرامي يا مشهور چور يا ڌاڙيل ۾ نمڪ حرامي جو تصور به ڪو نه هوندو هيو. ميري لانگاهه اغوا ڪيل جوان عورت سان سڄي رات هڪ کٽ تي سمهڻ کانپوءِ به صبح جو بنا وهنجڻ جي نماز ادا ڪئي. ڌاڙي دوران هڪ روئندڙ هندو ڪنوار عورت کي سڄو سامان موٽائي ڏنو هيائين. ڌاڙي دوران عورت کي نه ڦرڻ جي روايت اڃا به ڪنهن ڪنهن وڏي نامي گرامي پرو چانڊيي جهڙي ڌاڙيل ۾ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اهڙن قدرن جو ڪارڻ شايد اهو هجي ٿو ته اهڙا چور ۽ ڌاڙيل پاڻ سان مسلسل ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي سهڻ جي برداشت ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ بغاوت ڪندا آهن، پر سندن تعلق جيئن ته مظلوم طبقي سان هوندو آهي، جنهن ڪري انهن کي ٻئي مظلوم تي جلد رحم به اچي ويندو آهي. نمڪ حرامي ۽ نمڪ حرامي جو اصطلاح به اهڙن ئي ڏوهارين جو ٺاهيل گڻ ٿو ليکجي، جنهن جو مطلب اهو نڪري ٿو ته جنهن جي گهر جو پاڻي، لسي، کير، ماني يا کاڌي جي ڪا شئي کائجي ته ان سان وفاداري ڪجي، ان جو مندو نه ٿجي، ان سان ڪا دشمني نه ڪجي بلڪه ان جي دشمن سان وڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ کي جوان مڙدي جو گڻ ليکيو ويندو آهي.
نمڪ حرامي ۽ حلاليءَ جو گڻ ٻئي ڪردار يعني نوڪرن ۾ به ڏٺو ويو آهي. موجوده سرمائيداريءَ جي منافقاڻن روين کان اڳ ماهوار يا سالوار پگهار ۽ صرف کاڌو کارائڻ جي بدلي ۾ گهر جو اندريون يا ٻاهريون ڪم ڪار ڪندڙ نوڪرن ۾ به سچائي ايتري قدر هوندي هئي جو مهل اچڻ تي سر به قربان ڪري ڇڏيندا هيا، پر پاڻ تي نمڪ حراميءَ جو ٽڪو ڪونه لڳائيندا هيا. ان طرح نمڪ حلالي جو مطلب وفاداريءَ جي انتها هوندي هئي، جيئن نياڻيءَ جي در جي پاڻي پيئڻ کي به عيب سمجهيو ويندو هيو، ان طرح ”جنهن گهر جو نمڪ کائجي ته ان سان وفاداري ڪجي“ وارو گڻ گهڻو ڪري گرم علائقن سان واسطو ڪونه ٿو رکي ڇاڪاڻ ته گرم علائقن ۾ اهميت پاڻيءَ جي وڌيڪ هجي ٿي، جڏهن ته برفاني علائقن ۾ اهميت لوڻ جي وڌيڪ هجي ٿي ان ڪري اهو اندازو ڪرڻ ۾ حق بجانب هونداسين ته نمڪ حلالي يا حرامي وارو گڻ ڌرتيءَ جي اترين سرد علائقن مان آيل ٿو ڀائنجي.  جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اسان وٽ اهو اصطلاح آرين جي اچڻ کان اڳ نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ لوڻ جي اڻاٺ ڪڏنهن به ڪانه رهي آهي. ڪيوڙا جبلن مان نڪرندڙ جابلو لوڻ هزارن سالن کان ڪتب آندو ويو آهي. ان کان سواءِ سامونڊي ڪنارن سان لوڻ جون کاڻيون به ايترو ئي پراڻيون ڀائنجن ٿيون. ان کان سواءِ تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا ته اسان جي گرم علائقن جا واپاري ٻين گرم مسالن ۽ گرم وکرن سان گڏ لوڻ به ٿڌن علائقن ڏانهن کپائڻ لاءِ کڻي ويندا هيا، جنهن ۾ خاص ڪري ڪيوڙا جبلن وارو سينڌو لوڻ مشهور هوندو هيو. ان ڪري اسان ان راءِ قائم ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته لوڻ جي اهميت گرم علائقن جي مقابلي ۾ ٿڌن علائقن ۾ وڌيڪ رهي آهي ۽ اڃا به آهي. ان طرح اسان جي عنوان وارو اصطلاح به اتر کان آيل ٿو ڀائنجي.
سماجي ڪردار اتفاقي طور تي يا طاقتور گروهن طرفان مجبورن مڙهيا ويندا آهن، مسلسل مڙهجڻ ۽ ملن جي قسمت واري راڳ آلاپڻ کان پوءِ مظلوم ڪردار اڪثر ڪري پاڻ کي اهڙي وهڪري ۾ اڇالائي يا وهائي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ قسمت يا بي همتي ۽ سهاري جي ڪابه اميد نظر نه اچڻ ڪري اهي هٿوراڙيون هڻڻ ڇڏي ڏيندا آهن. خدا جي طرفان اهڙي ڪردار ملڻ کي احسن طريقي سان نڀائڻ ۽ ان ۾ سچائيءَ جي انتها ڏيکارڻ تي فخر ڪرڻ سندن نفسيات ۾ شامل ٿي ويندو آهي. ان کانپوءِ اهڙي سماجي بيهڪ يا ڪردار بدلائڻ کي عيب سمجهي ويهندا آهن. ان کان پوءِ مجموعي طور تي اهڙن هڪ جهڙن ڪردارن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي چٽاڀيٽي اڻ اعلانيل طريقي سان شروع ٿي ويندي آهي. اهو ئي ڪارڻ هوندو آهي ته غلامن ۾ ڀلو غلام، نوڪرن ۾ ڀلو نوڪر، خادمن ۾ ڀلو خادم، وفادارن ۾ ڀلو وفادار، دوستن ۾ ڀلو دوست، خيرخواهن ۾ ڀلو خيرخواهه، سڄڻن ۾ ڀلو سڄڻ وغيرهه جهڙا لقب حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وفادار رهڻ واري جستجو اجتماعي طور تي ڪئي ويندي آهي. ڪي اهڙا به مثال ملن ٿا ته نوڪرن پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر هميشه لاءِ ڇڏي وفادار نوڪر جو مرتبو حاصل ڪرڻ جي پويان پنهنجون زندگيون وڃائي ڇڏيون. موٽ ۾ سندن نالو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن پيڙهين تائين ڳائبو يا مشهور رهيو.
زندگي سڌارڻ ۾ نااميدي، بي سهارگيءَ جي انتها، سماجي بيهڪ ۽ ڪردار نصيب ٿيڻ  قسمت تي بي انتها يقين، هم منصبن سان مقابلو ڪرڻ جي بيوقوفي، زندگيءَ ۾ بهتري نه آڻڻ واري بي همتي، اوطاقي ڪلچر ۾ زم ٿي وڃڻ واري اڻ سرتائي، تعريفي ٻه لفظ ٻڌڻ لاءِ زندگي گهاري ڇڏڻ، چئو واٽي تي بيٺل وانگي واقفيت وڌائڻ وارو حرس، بي لوس خدمت ڪرڻ وارو جذبو وغيرهه جهڙيون سماجي نفسياتي بيماريون شايد انسان کي اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ همٿائين ٿيون.  اهي نفسياتي سماجي بيماريون اهڙيون ته ڳجهيل هونديون آهن جو اهڙين بيمارين وارو شخص ڪڏهن به پاڻ کي سماجي بيمار ناهي سمجهندو.  اها بيگانيگيءَ جي اوائلي شڪل ڀائنجي ٿي، جيڪا بيگانگيءَ کان پراڻي آهي. بيگانگي سماجي ارتقا جي سڀني دورن ۾ رهي آهي، پر انهن جي ڪيفيتن ۾ فرق رهندو آيو آهي. يا ايئن چئجي ته سماجي ارتقا ۾ دورن تبديل ٿيندي رهڻ سان گڏوگڏ بيگانگيءَ به ارتقا ڪئي آهي، جنهن کي نفسياتي ارتقا به چئجي سگهجي ٿو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو