Thursday, June 14, 2018

شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جا بنياد.


شفيق الرحمان شاڪر
شخصيت ڪنهن فرد جي ذهني،جسماني،شخصي ورتاء،روين،وصفن ۽ ڪردار جي ميڙ جو نالو آهي، ايئن چئجي ته انسان جون ظاهري توڙي باطني صفتون،نظريا،اخلاقي قدر،ڪم،احساس ۽ جذبا گڏجي ڪري انسان جي شخصيت جو خاڪو جوڙين ٿا.ظاهري سونهن سوڀيا وقتي طور تي ته ڪنهنجو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگھي ٿي پر ڪردار جو دائمي حسن ئي انسان کي امر بڻائيندو آهي ۽ ڪردار جي اهڙي تعمير ۾ سوچ ۽ نظرين جو بنيادي رول هوندو آهي.قرآن ڪريم انساني پيدائش ۽ موت جو مقصد ئي ڪردار جي آزمائش ٻڌايو آهي.جيئن صورت الملڪ ۾ فرمايو ويو ته    “ جنهن موت ۽ حياتيء کي خلقيو ته جيئن اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪير بهتر عمل ڪرڻ وارو آهي.”
اڄ جيڪر اسان ناڪامين جو شڪار آهيون ته ان جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اسان پنهن جون ترجيحون صحيح مقرر نه ڪري سگھيا آهيون.اسان کي اهو طيء ڪرڻو پوندو ته اسان جي سڀ کان وڏي دولت ڪهڙي آهي؟ پڪ سان اسان جي قيمتي دولت ۽ عظيم سرمايو ڌن،دولت،سون ۽ چاندي نه پر اسان جو اولاد آهي جن جي رونق سبب اسان جا اڱڻ جنت جهڙا نظر اچن ٿا.انهيء عظيم دولت جو زيان ۽ بگاڙ ئي اسان لاء پڌرو ڇيهو آهي.جيڪڏهن اسان سچ پچ زوال کي روڪڻ ۽ ان کي ڪمال ۾ بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء ماڻهن جي شخصيت سازي خاص طور تي ٻارن جي اخلاقي،سماجي ۽ روحاني تربيت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سماج امن ۽ سڪون جو مرڪز بڻجي سگھي.سماج ڇا آهي؟ انسانن تي ٻڌل هڪ عمارت آهي.جهڙيون سرون هونديون عمارت به اهڙي ئي جڙندي.اسان جو حال ئي اسان جو آئيندو آهي.سو حال کي بدلائڻ سواء مستقبل جي سڌاري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جهڙي آهي.نئين نسل کي ڊاڪٽر،انجنيئر،واپاري،سياستدان يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ کان پهرين هن کي هڪ خوش اخلاق،باوقار،ذميدار ۽ سٺو انسان بنائڻو پوندو جنهن لاء ڪردار جي تعمير ضروري آهي. سٺين وصفن ۽ وڻندڙ اخلاق وارا انسان انسانيت جا سفير هوندا آهن.انهيء ڪري شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير لاء گھربل بنيادي جزن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا ضروري آهي.ٻار جنهن ماحول ۾ پرورش پائين ٿا ان جو رنگ انهن جي شخصيت تي ڇانئيل رهي ٿو.اهو قائدو رڳو ٻارن تائين ئي محدود ناهي پر وڏن تي به ماحول جو اثر پوي ٿو.حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي عليه وسلم جن فرمايو ته
 “ هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو،ان جا والدين کيس يهودي يا نصراني بڻائين ٿا.“
انهيء حديث سان مطابقت رکندي انگريز فلسفي “جوهن لاڪ” پنهنجي تعليم واري نظريي ۾ ٻارن جي ذهن کي هڪ صاف سليٽ سان ڀيٽي ٿو ۽ انهيء ئي سوچ کي “ڊاڪٽر فل“ هيئن ورجائي ٿو ته  “ ٻار هڪڙي صاف سليٽ آهي جنهن تي والدين روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهن ٿا.”
ٻار سان ويجھڙائي رکندڙ هر شخص ۽ ماحول انهيء تي پنهنجا ليڪا وجھي ٿو ۽ انهن ئي تجربن ۽ ماحول جي اثر هيٺ ٻار جي شخصيت وجود ۾ اچي ٿي.ٻار ننڍپڻ کان ئي احساس،قدر ۽ رويا سکن ٿا جن جو اهي عملي زندگيء ۾ مظاهرو ڪن ٿا.حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجن انهن ئي روين ۽ نظرين جي نمائندگي ڪري ٿو جن کي هو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ اختيار ڪري چڪو هوندو آهي.لاشعوري طور تي سوچون ۽ رويا يقين ۾ بدلبا رهندا آهن.ٻارن کي پاڪيزه ماحول،صحيح سوچ جو انداز ۽ مثبت طرز معاشرت مهيا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خيالن جي خباثت ۽ اڻ وڻندڙ وصفن کان سندن ڪوري ذهن کي محفوظ رکي سگھجي ۽ کين فطرت جي اصولن سان سهمت ڪري سگھجي.تعليم جي فراهميء ۾ اڄ جو سماج گھڻو چست آهي پر پاڪيزه ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهو بريء طرح ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ بدامني،بي چيني ۽ ناانصافين جي ڪثرت نظر اچي ٿي.
شخصيت جي تعمير ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ فڪر جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.“وليم جيمز“ جي لفظن ۾ “ اوهين پنهنجي باري ۾ جيڪا تصوير جوڙيو ٿا اها تصوير جيڪر ڊگھي عرصي تائين اوهان جي ذهن ۾ رهي ته اوهين به اهڙا ئي بڻجي ويندا جهڙو توهان سوچيو ٿا.”                            منفي سوچ ۽ ناڪاري خيالن جي اثر هيٺ هڪ متوازن ۽ وڻندڙ شخصيت جي تعمير ممڪن ناهي. منفي سوچون ۽ خيال اهڙا وائرس ٿين ٿا جن سبب ذهن۽ دل مائوف ۽ نااميد بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ۾ وائرس اچي وڃي ته “فارميٽنگ” ذريعي ان جي ڪارڪردگيء کي بحال ڪيو ويندو آهي.اهڙيء طرح انسان کي به پنهنجي ذهن جي فارميٽنگ ڪرڻ ضروري آهي.
سوچن جي تبديلي به انساني شخصيت جي ترقيء ۽ سونهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. “ برائن ٽرائسي” پنهنجي ڪتاب “ جهڙا خيال تهڙي زندگي” ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته            “ جيڪراسان زندگيء جي مختلف شعبن م پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گھرون ٿا ته پوء اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي منفي سوچ کان جان ڇڏائڻي پوندي جو منفي سوچ اسان جي ذات کي محدود ڪري ڇڏي ٿي” 
خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاء مثبت خيالن ۽ ماڻهن سان رابطو پيدا ڪرڻ ضروري آهي،ڪنهن به شخص کي جڏهن لاڳيتو طنز ۽ تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته اهو احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڃي ٿو.والدين ٻارن کي اجائي تنقيد ذريعي سندن شخصيت برباد ڪيو ڇڏين.ننڍپڻ ۾ مناسب محبت ۽ شفقت نه ملڻ جي نتيجي ۾ بلوغت ۽ جوانيء ۾ پهچندي ٻار مختلف سماجي ۽ نفسياتي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.مکڙين کي جهڙيء طرح گل بڻجڻ لاء ماڪ جي ضرورت هوندي آهي،ساڳيء طرح ٻارن ۾ سندن ذات جي قدر ۽ قيمت جو احساس پيدا ڪرڻ لاء محبت ۽ شفقت جي سخت ضرورت هوندي آهي.نا اهل ۾ نااهل شخص به محبت ۽ شفقت سبب بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.انسان کي ناڪامي،تنقيد ۽ رد ٿيڻ جو خوف هميشه پريشان ڪندو رهندو آهي.منفي سوچ اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو ذهني ۽ جسماني صحت تي اثرانداز ٿي فطري صلاحيتن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي سراسري ڪارڪردگي گھڻو      متاثر ٿئي ٿي.انهيء ڪري منفي سوچ کي وڌائڻ وارن،عزت نفس کي ٺيس پهچائڻ وارن،اوهان جي تحقير ۽ تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن توڙي خيالن کان اوهان کي پري رهڻ گھرجي.انسان جي سوچ جيتري مثبت هوندي اوتروئي زندگي وڻندڙ ۽ خوشگوار گذرندي.مثبت سوچ انسان کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪري ٿي ۽ انسان ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي.انساني شخصيت،صحت،جرئت ۽ تخليقي صلاحتين جي نشو نما ۾ مثبت سوچ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ اها ذهني صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي ۽ ڪارڪردگيء کي بلندي عطا ڪري ٿي.انساني دماغ هڪ ئي وقت رڳو هڪڙي ئي خيال تي ڌيان ڄمائڻ جي لائق هوندو آهي توڙي جو اهو مثبت خيال هجي يا منفي.پر ياد رکڻ گھرجي ته پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي.هو منفي خيالن کي مثبت سوچن ۾ بدلائي پنهنجي زندگي خوشگوار بنائي سگھي ٿو.
انساني شخصيت تخليق ۽ تعمير جي لحاظ کان ٻن پاسن تي ٻڌل آهي.تخليق جي لحاظ کان انسان کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي برتري ۽ فضيلت حاصل آهي پر پاڻ جهڙن ٻين انسان تي برتري حاصل ڪرڻ لاء انسان کي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ته هن دنيا کي دارالعمل يعني عمل جي جڳهه قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري سٺن عملن ذريعي ئي انساني شخصيت جي تڪميل ٿئي ٿي۽ برا عمل ان ۾ ڦيٽاڙو پيدا ڪن ٿا.مذهب،تصوف توڙي صدين کان رائج مڃيل انساني ريتن ۽ قدرن جي روشنيء ۾ انساني شخصيت جي تعمير جا ڪجهه ضروري ۽ اڻ ٽر بنياد ٿين ٿا جن جي روشنيء ۾ ئي انسان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي مناسب نموني تعمير ڪري سگھي ٿو. جنهن جو پهريون بنياد “ ايمان،اعتقاد يا يقين” آهي.اهو اهڙو جذبو ۽ طاقت آهي جيڪا انسان کي هر قسم جي وهم،گمان،خوف،پريشاني ۽ غيريقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي منجهس همت،جرئت،حوصلو ۽ ثابت قدميء جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ڪري ٿو.ايمان رڳو زباني دعوائن جو نالو ناهي پر اهو انسان جي وجود جي نس نس ۽ دل جي اندر گھر ڪري ٿو.انسان کي ٻين سان ظلم ڪرڻ،ٻين جا حق غصب ڪرڻ.برائيء کان بچڻ ۽ بنان ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪرڻ واريون خوبيون ايمان ۽ يقين جي دولت سواء پيدا ٿي نٿيون سگھن.شخصيت جي تعمير جي لاء ٻيو اهم بنياد “علم” آهي.ذات جي تعمير ۾ علم جي بنيادي حيثيت آهي.علم سواء انسان ڀلي ۽ بري ۾ فرق ڪيئن ٿو ڪري سگھي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ سنڌو ڪيئن ٿو ڪڍي سگھي؟جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ويو ته “اي رسول! انهن کي چئو ته علم وارو ۽ جاهل، بئي برابر ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟”  ۽ علم ۾ سڀ کان اتم علم پنهنجي ذات جي سڃاڻپ آهي جنهن کي“ نفس جو عرفان” چيو وڃي ٿو. شخصيت سازيء ۾ ٽيون مکيه ڪردار“ غور ۽ فڪر” جو آهي.ڪائنات ۽ ڪائنات جي مختلف شين تي غور فڪر ڪرڻ سان انساني شخصيت کي گھرائيء ۽ حڪمت (دانائي) جي دولت هٿ اچي ٿي.ذهن ۽ دماغ جا بند پردا کلڻ لڳن ٿا ۽ انسان سطحي سوچن جي ڄار مان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن جي نظر شين جي ظاهر سان گڏوگڏ باطن تي به پوڻ لڳي ٿي.انهيء کان پوء شخصيت جي تعمير ۾ “نيت ۽ ارادي” جو عمل دخل اچي ٿو.انهيء ڪري حديث شريف مطابق سمورن عملن جو دارومدار ئي نيت کي قرار ڏنو ويو.ايئن سمجھو ته نيت ٻج آهي ۽ ان مان عمل جو سلو اهڙو ئي ڦٽندو جهڙي نيت رکي ويئي هوندي.ان کان پوء “عمل ”جو وارو اچي ٿو يعني رڳو يقين ۽ خواهشن ذريعي ڪو مقصد حاصل ڪري نٿو سگھجي ان لاء سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا دارالعمل آهي.جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “انسان کي اهو ئي ملي ٿو جنهنجي هو ڪوشش ڪري ٿو.”
آخري بنياد“ عمل جو نتيجو يا ردعمل ” آهي جيڪو حقيقت ۾ سڀني کان اهم آهي .ڪاميابيء جي صورت ۾ انسان   غرور ۽ تڪبر جڏهن ته ناڪاميء جي صورت ۾ نااميدي ۽ مايوسيء  جو شڪار ٿي سگھي ٿو.اهي ٻئي ڪيفيتون انساني شخصيت لاء نهايت ئي نقصانڪار آهن.انهن ٻنهي حالتن ۾ ڪيئن توازن برقرار رکڻو آهي،اهو فن ڄاڻڻ ئي انساني شخصيت جو ڪمال آهي.
(روزاني عوامي آواز 12 جون 2018ع



Tuesday, June 12, 2018

ڏينهن ۽ رات جا راز ۽ رمزون.


شفيق الرحمان شاڪر
روح جو جسم سان اهو ئي تعلق آهي جيڪو رات جو ڏينهن سان.رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي ۾ بدلجڻ تبديليء جي نشاني آهي پر سڪون جي ڳولا ڪندڙ لاء ان ۾ سڪون ڪونهي.شاعريء جي دنيا ۾ جيڪر تبديليء کي سڪون ملي به وڃي ته به انسان کي تبديليء ۾ سڪون نٿو ملي.رات چنڊ سان ڳنڍيل جڏهن ته ڏينهن سج جي اڀرڻ جو اعلان آهي.ڏينهن گذر سفر جي مشقتن ۽ محنتن جو داستان آهي ۽ رات روح جي سوز۽ساز سان ڀريل مست نغمو.ڏينهن جسم آهي ۽ رات روح!ڏينهن عقل جي استعمال سان حرڪت ۾ اچڻ جي توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ رات روح جي حرڪت سان آرام پائي ٿي.ڏينهن جون مشغوليون رات ۾ ۽ رات جون مشعوليون ڏينهن جو اختيار ڪيون وڃن ته زندگي غير متوازن بڻجي وڃي ٿي.جيڪو ذرو جنهن مقرر جڳهه تي موجود آهي سو سج آهي.قرآن ڪريم جي ازلي اصول مطابق؛ “ نه سج جي اها مجال جو چنڊ کي پڪڙي سگھي ۽ نه ئي چنڊ کي اهڙي طاقت جوسج جي جڳهه وٺي سگھي.” انسان جسم ۽ روح ٻنهي جو گڏيل مرڪب آهي.جسم روح جي سواري آهي ۽ روح نفس جي سواري! اصل ۾ انسان مان مراد انسان جونفس آهي.نفس رڳو “ اماره “ نه پر نفس “ لوامه“ ،ملهمه “ ۽ “ مطمئنه “ به هوندو آهي.جنهن نفس کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي سو “نفس اماره ” آهي، جنهن نفس جو خداوند ڪريم قسم کنيو آهي سو “نفس لوامه” آهي،جنهن نفس تي لڪيل حقيقيتون کوليون وڃن ٿيون سو “نفس ملهمه” آهي ۽ جنهن نفس سان خداوند ڪريم جي ذات بابرڪات دلنشين انداز ۾ پاڻ مخاطب ٿئي ٿي سو پڪ سان “نفس مطمئنه ” آهي. جسم  ۽ روح جوڙڻ واري ئي ڏينهن ۽ رات به بڻايا آهن. ڪون مڪان جي خالق رات روح جي غذا،سينگار ۽ نگرانيء لاء نازل ڪئي ۽ ڏينهن جسم ۽ ان جي پرورش لاء مقرر ڪيو.رات کي تسڪين ۽ مزي جو سبب ٻڌايو ويو.سمجھڻ گھرجي ته تسڪين يا مزي جو تعلق روح سان آهي جسم سان ڪونهي.رات جي خيمي ۾ پناهه وٺندڙ کي گھرجي ته هو دل کي چنڊ طرف متوجه رکي.چنڊ ڪهڙو به هجي اهو روح جي سمنڊ تي پنهنجو اثر رکي ٿو.سمنڊ ۾ اٿندڙ ۽ لهندڙ لهرن جو سمورو دارومدار چنڊ جي روشنيء تي آهي.ڏينهن جو روشني هوندي آهي ۽ رات جو نور! روشني بصارت يعني نظر کي جھڪو ڪيو ڇڏي جڏهن ته نور بصيرت يعني دانائيء کي وڌائي ٿو. حقيقي مومن جو ته شان ئي اهو آهي جو هو ڏسي ئي خدا جي نور سان ٿو انهيء ڪري سندس فراست يعني دانائِيء کان ڊڄڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.“فراست ” سياست جي ڪتاب جي ڪا شيء ناهي جو سياست جي هر وار جو ٽوڙ موجود هوندو آهي پر فراست سڌو آسمان کان وار ڪري ٿي ۽ سمورين چالاڪين جي چيلهه ڀڃي وجھي ٿي.                                                                   
  جنهن جي رات روشن ناهي ان جو ڏينهن به اونداهون آهي.رات جو جاڳڻ وارا جيڪر ڏينهن جو سمهيل ڏٺا وڃن ته سمجھڻ گھرجي ته رات جو روح جي صحيح پرورش نه ٿي سگھي.روح جي صحيح  پرورش نه ٿي سگھي ته جسم به وساڻل بڻجي وڃن ٿا.چهري جي چمڪ روح جي چمڪ جي خبر ڏئي ٿي.صبح ساجھر چهرو اهو راز کوليو ڇڏي ته رات ڪيئن گذري آهي.رات جاڳي گپون هڻڻ يا عيش عشرت ڪرڻ کي شب بيداري يا رات جي جاڳ نٿو چئجي بلڪه شب بيداري ته ٻانهي جو پنهنجي مالڪ سان سرگوشيون ڪرڻ ۽ سوچ ويچار جي اعتڪاف  جو نالو آهي. رات جي جاڳ سان جيڪر اسر جون آهون شامل نه هجن ته پوء اها رات جي جاڳ نه پر عيش پرستي آهي.  رات جي وقت نور بدران روشنين طرف ڌيان ڏيڻ وارو پنهن جي لاء ڏينهن جو سمان به اونداهون ڪريو ڇڏي.جن ۾ نور ۽ روشنيء جي فرق سمجھڻ جي صلاحيت آهي ،رات انهن لاء عالم بالا يعني مٿئين جهان ۾ پهچڻ جو هڪ رستو آهي.رات بدن لاء نه پر روح لاء قرار جي جاء آهي.روح کي لطافت يعني شفافيت طرف رستو نه ملي ته بي چين رهي ٿو،روح جي طاقت ئي لطافت آهي.ڪثافت ۽ اڻ شفافيت انهيء کي ڏٻرو ڪري ڇڏي ٿي.ان فرق  کي صرف اهي ئي سمجھن ٿا جيڪي نور ۽ روشنيء ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻن ٿا.روشني ۽ نور ٻه الڳ حقيقتون آهن.جن کي روشني وڻي ٿي انهن لاء نور اونداهي آهي.ظاهر آهي ته ظاهر پرست اک کي نور ۾ اونداهي نظر اچي ٿي،اها نور کي ڪيئن ٿي ڏسي سگھي!ڪعبي جي چادر جو رنگ ڪارو آهي،ليليٰ به ڪاري. قيس شاعر جي زبان مان چورايو ته جنهن مس سان قرآن ڪريم جا اکر لکيا وڃن ٿا اها به ڪاري آهي.نور جو رنگ ڏسڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ اها اک هئڻ گھرجي جيڪا قيس وٽ هئي.ڪيترين ئي سچائين کي سمجھڻ لاء ڄاڻڻ ضروري آهي پر ڪيترين ئي حقيقتن کي ڄاڻڻ لاء پهرين انهن کي اڻ ڏٺو مڃڻ ضروري آهي. جيڪو طبيب کي طبيب ئي نه مڃي ته اهو طب جي الف بي ڪيئن سکي سگھندو؟اهو ڪيئن ڄاڻي سگھندو ته بدن جي علم جي باب ۾ طبيب ان کي ڇا سيکارڻ گھري ٿو؟ طبيب کان سواء طب ٻيو ڇا آهي سواء وهمن ۽ قياس آرائيء جي!جيڪو مڃڻ کان انڪاري هوندو ان جو ڄاڻڻ به ڪسو ۽ ناقص هوندو ڇو ته هو جيڪي ڪجھه ڄاڻي ٿو اهو سڀ سندس ذهن جو خيالي بت آهي.اهڙي ماڻهوء کي چئبو آهي پنهنجي عقل جو اسير ۽ پنهنجي ئي فهم جي سرڪس جو جھولو جھلندڙ،پنهن جي ئي طيء ڪيل منطق جا ڪرتب ڏيکاريندڙ. هو ان  ظاهري ڪلام جي اندر لڪيل مٿانهون فهم ڪيئن سمجھي سگھندو جنهن جو مرڪز انساني عقل ناهي!اسان جي پنجن حواسن جو علم ايتروئي محدود هوندو آهي جيترو محدود اسان جا حواس آهن. سائنسي اوزار توڙي جو اسان جي پنجن حواسن جي صلاحيت جي رينج ضرور وڌائين ٿا پر انهن اوزارن جي صلاحيت جي به ڪا نه ڪا حد مقرر آهي. ڪجهه ماڻهو سمجھن ٿا ته غائب ۽ حاضر ۾ فرق صرف ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي فرق وارو آهي.هڪڙو شخص ڪنهن حقيقت کان واقف آهي ٻيو واقف ناهي ته پهرئين شخص لاء اها حقيقت حاضر جڏهن ته ٻئي لاء غيب قرار پائيندي.پر ايئن هرگز ناهي غيب ۽ حاضر جو علم نسبتي ناهي يعني انهن ۾ نسبت ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي نه پر مڃڻ ۽ نه مڃڻ جي آهي.غيب جي دنيا اها آهي جتي نه ته انسانن جي حواسن جي ڪا پهچ آهي ۽ نه ئي انساني عقل،فهم ۽ دانش جي رسائي.جنت،دوزخ، ميزان پلصراط ۽ ٻيون اهڙيون سڀ شيون غيب سان تعلق رکن ٿيون انهن کي ڄاڻڻ لاء اسان کي مڃڻ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.ٻي صورت ۾ اسان مذهبن جي عالمي ڀيٽ  وارن مرحلن ۾ منجهي ڪري رهجي وينداسين.حقيقت ۾ “يومنون بالغيب “ جو مطلب رسول خدا خاتم النبيين  تي ايمان آڻڻ آهي جيستائين رسول خدا  تي ايمان نه هوندو تيستائين  ۽ يوم آخرت تي ايمان جي دعويٰ فقط دوکو آهي.غيب کان سواء ٻيو هر علم مادي سان تعلق رکي ٿو.توانائيء جا ڪرشما ۽ زماني واقعن کان واقفيت به پنهنجي اصل ۾ مادي ڄاڻ آهي.توانائي مادي کان جدا ناهي ۽ زمان مڪان کان الڳ ناهي.اهي ٻئي حقيقتون هڪ ٻئي سان گڏ وچڙ ٿيل آهن.هڪ کي جدا ڪبو ته ٻي بي معنيٰ بڻجي ويندي.مادي علم ذريعي مادي کي قابوء ۾ ته آڻي سگھجي ٿو پر انسان پنهنجي نفس جي قابوء ۾ رهي ٿو.جنهن ڪري پنهنجي وجود کان مٿانهين حقيقتن جا راز حاصل ڪري نٿو سگھي.نفس جي قابوء مان ٻاهر نڪرڻ کي ئي نفس جو تزڪيو (پاڪائي) چئبو آهي ۽ اهائي “نجات ۽ نرواڻ” آهي.
مطلب اهو ٿيو ته جهڙيء طرح جسم ظاهر آهي ۽ روح باطن،اهڙيء طرح ڏينهن ظاهر آهي ۽ رات باطن! باطن جو عرفان نه هجي ته ظاهر ڪوڙو ٿي وڃي ٿو.پوء سڄي ڪهاڻي ئي اجائي ٿي وڃي ٿي.روح جو منڪر پنهنجي جسم سان به انصاف ڪري نٿو سگھي .رات جيڪر روحانيت کي هٿ نه ڪري سگھي ته پوء ڏينهن پنهنجي سموري عقل جي روشنيء ۾ به مادي سان انصاف نه ڪري سگھندو ڇوته باطن ئي ظاهر تي حڪومت ڪري ٿو.
رات جا راز عجيب آهن،جيڪر رات جو انسان کي نفس جي حڪومت کان نجات ملي وڃي ته رات روحاني سير جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي،عظيم علمن کان واقف ڪرائي ٿي ۽ هن ڪائنات جي روح سان هم ڪلام ڪرڻ جو شرف بخشي ٿي.

 (روزاني مهراڻ 12 جون 2018ع)

Sunday, May 13, 2018

گلاس اڌ خالي يا اڌ گلاس ڀريل!


شفيق الرحمان شاڪر
سياسي سسپينس،مهانگائي ۽ ٻين ڪيترين ئي روزمرهه مصيبتن ۽ مايوسين جي بڇڙين خبرن جي وچ ۾ هڪ اهڙي خبر به ملي آهي جيڪا حيرتناڪ پر خوشيء ۽ اميد جي خبر آهي سا خبر اها ته دنيا جي سڀ کان گھڻي ڳتيل حصي ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ اٽڪل هڪ ارب ۽ اسي ڪروڙ ماڻهن مان ٻاويهه ڪروڙ پاڪستاني سڀني کان وڌيڪ پرسڪون ۽ خوش آهن.گڏيل قومن جي  156 ملڪن جي 2017ع  وارن انگن اکرن تي بڌل هن “ورلڊ هيپي نيس رپورٽ” مطابق انهن ملڪن جي درجا بندي اتي رهندڙماڻهن جي آمدني،صحتمند زندگي،ڏکئي وقت ۾ سهارو ملڻ جي اميد،وڏي دل،آزادي ۽ اعتماد جهڙين شين جي ڪسوٽي تي پرکڻ بعد ڪئي ويئي آهي.انهن ملڪن جي درجابنديء ۾پاڪستان 75 نمبر تي آهي تنهن هوندي به هن خطي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان اڳڀرو آهي.خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي تيزيء سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو ۽ جيڪو فوجي لحاظ کان به نهايت ئي طاقتور ملڪ سمجھيو وڃي ٿو، گڏيل قومن جي ان رپورٽ مطابق پاڪستان سڪون ۽ خوشيء جي معاملي ۾ ڀارت کان 57 ڀيرا بهتر آهي.                 هڪ ڊگھي زماني کان هرڪو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته آخر “ خوشي ” آهي ڪهڙي  شيء؟اها پاڻهي مليو وڃي يا ان کي حاصل ڪرڻو پوي ٿو؟ڇا ان کي حاصل ڪرڻ اهم ۽ ضروري آهي؟جيڪر ها ته ڇو؟      خوشي ڪهڙي شيء آهي ان جي وصف ڪجھه مشڪل آهي جو هر ماڻهوء وٽ خوشيء جو تصور جدا جدا آهي،مثال ڪا ساڳي شيء يا واقعو جيڪو هڪڙي ماڻهوء لاء خوشيء جو سبب آهي ته ساڳئي وقت اهو ساڳيو واقعو يا شيء ٻئي ماڻهوء لاء غم جو سبب ٿي سگھي ٿي.امن،سڪون ۽ خوشي ظاهر ۾ توڙي جواهي ٽيئي لفظ هڪجهڙو تاثر ۽ مطلب ڏين ٿا پر انهن ۾ ڪجھه فرق به آهي. ٻن حادثن جي وچ وارو وقفو امن سڏجي ٿو،هر ٻن تڪليف ڏيندڙ ساعتن جي وچين وقفي کي سڪون ۽ هر هڪڙي غم کان ٻئي غم جي وچين وقفي کي خوشيء جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مشهور فلاسافر ارسطو چيو هو ته خوش ٿيڻ انساني زندگيء جو هڪ اهم مقصد آهي.انهيء ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاء پوري دنيا جا ماڻهون پنهنجون زندگيون گذاري ڇڏين ٿا، جدوجهد ڪن ٿا،جوڙ ٽوڙ ڪن ٿا ته شايد اهو مقصد حاصل ٿي وڃي ۽ انهيء سموري جدوجهد جي اندر ئي وري خوشي ڪٿي غائب ٿيو وڃي. انهيء ۾ شڪ ناهي ته خوش رهڻ جو انساني صحت سان به سڌو سنئون تعلق آهي.عالمي صحت جي اداري مطابق“ صحت رڳو بيماريء جي غير موجودگيء جو نالو ناهي پر ان مان مراد اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ هڪڙو شخص جسماني،ذهني ۽ سماجي لحاظ کان پوري طور تي ٺيڪ هجي.” انهيء تعريف کي جيڪرخّوشيء جو نالو ڏجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.اهڙي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيت جنهن ۾ مثبت ۽ وڻندڙ جذبا جنم وٺن تنهن کي خوشي چئبو آهي انهيء جا مختلف درجا ٿي سگھن ٿا،مثال پهرئين درجي ۾ بنيادي ضرورتن کي رکجي ته مادي شين جي حاصل ٿيڻ کي خوشي چئبو، ٻئي درجي ۾ پنهن جي خوديء جي خواهش ۽ ٻين تي فوقيت ۽ برتري آهي،ٽئين درجي ۾ ٻين جي مدد ۽ انهن کي سک پهچائڻ خوشيء جي وصف ۾ اچي ٿو۽ آخري درجي ۾دلي سڪون يا اندروني خوشي به چئي سگھجي ٿو.خوشيء کي سڪون،اطمينان جي ڪيفيت جي نسبت ۾ ڏسجي ته ان جو اثر صحت تي ٿئي ٿو.خوش رهندڙ ماڻهن جي قوت مدافعت وڌيڪ مضبوط هوندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ڊگھي عمر پائين ٿا.خوشي ماڻهن جي دلين ۾ ڪشادگي پيدا ڪري ٿي،اطمينان جو احساس جاڳائي ٿي ۽ تڪليفن مان گذرڻ جو حوصلو ڏئي ٿي.خوشي ٻين ماڻهن سان لاڳاپا بهتر بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.خوش مزاج ماڻهو رشتن کي بهتر ۽ ڪامياب انداز ۾ نڀائين ٿا.اهڙا ماڻهو وڌيڪ تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا.                                                                                    ذهني ڇڪ يعني ٽينشن خوشيء کي کائي وڃي ٿو ان ڪري خوش رهڻ لاء ان تي قابو پائڻ ضروري آهي،جن ۾ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت گھٽ هوندي آهي،اهي ڏکي صورتحال ۾ اوچتو پريشان ٿي وڃن ٿا  ۽ حوصلو هاري ويهن ٿا.اهو چيو ويندو آهي ته هر ڏک کان پوء سک هوندو آهي،اهڙيء طرح هر غم کان پوء خوشي هوندي آهي.                                               خوشي ڇا آهي ۽ ڇو ضروري آهي واري سوال کان پوء هاڻي اهو جائزو وٺڻو پوندو ته خوشي ڪهڙيء طرح ملي ٿي؟اهي ڪهڙا ذريعا آهن جيڪي اسان لاء خوشيء جو سبب بڻجي سگھن ٿا؟ اها ته حقيقت آهي جو ماڻهن جا خوشيء جا معيار جدا جدا هوندا آهن.ان ڪري خوشي حاصل ڪرڻ جا ذريعا به الڳ الڳ آهن.مثال ڪنهن تخليق ڪار جي لاء ان جي تخليق،ڪنهن شاعر لاء ان جو نظم يا غزل،ڪنهن ڪرڪيٽر لاء ان جو سٺو اسڪور،ڪنهن واپاريء لاء ان جي ڪاروباري ڪاميابي خوشيء جو سبب بڻجي سگھي ٿي.جيڪر اسان اميدن ۽ خواهشن جو دائرو مختصر رکون ته وڌيڪ خوش رهنداسين،جيتريون وڌيڪ اميدون اوتري ئي وڌيڪ مايوسي ۽ جيتريون گھڻيون خواهشون اوترو ئي وڌيڪ بي اطميناني هوندي آهي.ايئن سمجھو ته ٻار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوش مخلوق آهن،جيئن وڏا ٿيندا آهن ته اميدون ۽ خواهشون به وڌنديون وينديون آهن ۽ خوشي گھٽبي ويندي آهي. ٻار ان ڪري  خوش آهن جو اهي وڏن جيان پنهنجي سينن ۾ بغض ۽ ڪينو نٿا سانڍين،هتان وڙهيا ته انهيء ئي ساعت وري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.اها ساڳي شيء وڏا به پنهنجي زندگيء ۾ شامل ڪري وٺن ته ٻارن جيان خوش رهي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو مذهب ۽ روحانيت ۾ خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا آهن.جيڪر روح مطمئن ۽ پرسڪون هجي ته جسم ۽ دماغ به پرسڪون  ۽ خوش رهي ٿو.پر خوش رهڻ لاء ٻيا به ڪيترائي عوامل آهن جن ذريعي خوشي اسان تائين پهچي سگھي ٿي. انهن ۾ قابل اعتماد  ويجھا دوست،پيارن سان مضبوط رشتو،پنهنجن صلاحيتن مطابق نوڪري يا ڪاروبار،بهتر معاشي زندگي،جيڪي ڪجھه زندگيء ۾ حاصل آهي ان جو قدر ڪرڻ ۽ ناشڪري ۽ شڪايتن کان پاسو ڪرڻ،انهيء سان گڏ ڪافي ٻيون شيون به خوشيء ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، مثال خدا تي ڪامل ايمان ۽ ڀروسو،ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجن ناڪامين کي پنهنجي بد نصيبي سمجھڻ بدران انهن کي زندگي سنوارڻ جو سبق سمجھڻ ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ  وغيره.                                      1970ع ۾ ڀوٽان جي بادشاهه خوشيء کي هڪڙو انساني بنيادي حق قرار ڏنو هو،گڏيل قومن طرفان هر سال 20 مارچ تي پوري دنيا ۾ خوشيء جو عالمي ڏينهن به ملهايو وڃي ٿو.                                      پنهنجو پاڻ کان ٻين جو وڌيڪ خيال رکجي،ٻين ماڻهن کي مناسب وقت ڏجي،انهن کي زندگي بهتر بنائڻ لاء پرخلوص مشورا ڏجن،اهي شيون به خوشيء ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿيون.اسان جي جسم جو دماغ سان گهرو تعلق آهي ،اسان جي جسماني صحت بهتر هوندي ته  اسان کي ذهني پريشانين کان نجات ملندي ۽ اهڙيء طرح اسان خوشي محسوس ڪنداسين. ماضيء جي تلخين کي وسارڻ ۽ آئيندي جي انديشن کي ذهن مان جھٽڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ جي  ڪوشش ڪرڻ گھرجي.وڌيڪ نت نيون شيون سکڻ جو جذبو به اسان جي ذهن کي چست رکي ٿو ۽ اسان جي سوچ کي جمود جو شڪار ٿيڻ کان بچائي ٿو.هن وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات جي ڪتاب کي هر وقت پڙهندو رهڻ گھرجي،چوندا آهن ته واندو دماغ شيطان جو گھر هوندو آهي ان ڪري پريشانين ۾ دفن ٿيڻ بدران پنهنجو پاڻ کي مختلف ڪمن ۽ مثبت وندرن ۾ دفن ڪرڻ گھرجي.زندگيء جو مقصد جيترو بلند ۽ عظيم هوندو اوترو ئي انسان ۾ مختلف مشڪلن ۽ ناڪامين جو مقابلو ڪرڻ جو وڌيڪ حوصلو پيدا ٿئي ٿو.وڏي ،وسيع ۽ بلند سوچ رکڻ وارا ماڻهو اڪثر خوش رهن ٿا.خوش مزاجي ۽ کل ڀوڳ به طبيعت جو حصو هئڻ گھرجي،ڳالهه ڳالهه تي منهن سڄائڻ ۽ هر معاملي کي سنجيدگيء سان وٺڻ به پريشانين کي دعوت ڏيڻ آهي.البته خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ ۾ ان ڳالهه جو گھڻو ڌيان رکجي ته ڪنهن  ٻئي جي اجائي دل آزاري نه ٿئي.خوش رهڻ جو آخري قيمتي نسخو اهو ته پنهن جي سوچ کي هر وقت مثبت ۽ هاڪاري بنائي  رکڻو آهي،زندگيء جي روشن پاسن تي نظر رکجي ۽ مايوسين کي ويجھو اچڻ نه ڏجي.                                                                                                                                      “ گلاس اڌ خالي آهي” اهو سچ آهي پر سچ اهو به آهي ته “گلاس اڌ ڀريل آهي،” هاڻي اهو اسان جي سوچ ۽ نظر تي دارومدار رکي ٿو ته هروقت گلاس کي اڌ خالي ڏسندا رهون يا وري مثبت سوچ ۽ نظر سان ان کي اڌ ڀريل ڏسون!



Wednesday, May 2, 2018

ڪڍي ڪڪر اک جو!


نور محمد ججھي

نور محمد جنجهي
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 مئي 2018ع)
نور محمد جنجهي

Monday, April 23, 2018

اچو ته اصطلاحن سوچن ۽ لوچن جي نئين سر تشريح ڪريون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان جي سوچن ۽ لوچن تي اصطلاح ۽ انهن جون تشريحون گهرا اثر وجهنديون آهن، جيڪڏهن اصطلاحن جون غلط تشريحون ذهن ۾ ويهي ويون ته مقصدن ۽ منزلن جا دڳ پيچرا ئي بدلجي ويندا ۽ ڪيترين حالتن ۾ جتي اسان کي اوڀارو وهڻو ۽ وڃڻو آهي اتي لهنوارا پيا لڙهنداسين ۽ ڪڏهن ته طلبيل ماڳ مڪان  تي پهچي نه سگهنداسين.
مثال طور اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“. اسان کي ان جي تشريح اهڙي نموني سان سمجهائي وئي آهي ته سچ چوڻ وارو سدائين مزن ۾ هوندو آهي ۽ پيو خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ۽ سندس وار به ونگو نه ٿيندو. پر اهو ڪنهن نه ٻڌايو ته سچ ٽانڊن تي نچڻ جو نالو آهي. جيڪو سچ چوندو، ان کي ڀوڳڻو ئي پوندو، سچ پنهنجو معاوضو وٺندو آهي ۽ ڪنهن ڪمزور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ جڳهه وٺي نه سگهندو آهي. جيئن ٽانڊن تان لنگهڻ ڏکيو ڪم آهي، تيئن سچ چوڻ به معمولي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ ڏاهپ، دانشمندي ۽ جوڳيءَ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سچ جيڪڏهن صورتحال کي مناسب ۽ مثبت انداز ۾ نه ٿو بدلائي ۽ ان بدران سچ ٻڌندڙ کي ٽانڊن تان گذاري ٿو يا ان کي ٽانڊا ڏئي ٿو ته سچ جهڙوڪ پنهنجو ڪارج پورو نه ڪيو. ان ڪري ”سچ ته بيٺو نچ“ جي تشريح ائين ٿيندي ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو باغ بهار ٿيندا ۽ انهن کي اهڙي سوغات ملندي جو ان جي خوشيءَ ۾ پيا نچندا. ڏاها ماڻهو ائين سچ نه چوندا جو چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو ٽانڊن تان گذري.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ نراسائي ۽ نااميدي جي تشريح به غلط نموني سان ڪئي ۽ ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اديب، شاعر يا سماجي ڪارڪن اهو چئي يا لکي ته اسان کي ڪنهن خوش فهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي ته ماڻهو اسان جي عزت ڪندا ۽ اسان سان محبت ڪندا، اسان مان هر ڪنهن انهيءَ ماڻهو جي عزت ۽ محبت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ”ضرورت“ آهي يا جيڪو اسان جي ضرورت يا مجبوري آهي ته، اهڙي بيان کي سياسي سوچ رکندڙ ۽ هٿرادو نظرياتي ماڻهو مايوسيءَ وارو بيان سمجهندو.
جڏهن ته اها مايوسيءَ جي تبليغ نه پر، حقيقت ۽ صورتحال جي سچي ترجماني آهي. اها هر دور جي اڻ مٽ سچائي آهي ته ڪم واري ماڻهوءَ کي ئي چاهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. ماڻهون ڪم پرين ٿيندا آهن. اسان انهن لاءِ ضروري بڻجي پئون ٿا، جڏهن سندن ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. ايڌي عبدالستار، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي ان ڪري ماڻهن ۾ مقبول آهن، جو اهي ماڻهن جي ڪم اچن ٿا ۽ اهي ماڻهن جي ضرورت آهن. هن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان مان اهي انسان امر آهن، مقبول آهن ۽ مشهور آهن، جيڪي پنهنجي سيني، سوچ ۽ سپنن ۾ سماجي ڪارج جي قوت رکن ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن کي بدلائڻ گهرجي. اسان اجائين خوش فهمين جو شڪار نه ٿيون ته اسان جي علمي يا ادبي حيثيت، لياقتن ۽ صلاحيتن سبب ماڻهو اسان کي گهر ويٺي مڃيندا ۽ مٿي تي کڻندا. جيڪڏهن ڪو مڃتا نه ملڻ جي دانهن ڪوڪ ٿو ڪري، ته اهو مايوسي نه ٿو ڦهلائي، پر ٻڌائي ٿو ته هن جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪو نقص آهي ۽ هن سماجي ڪارج جون اڃا تقاضائون پوريون نه ڪيون آهن.
جڏهن ههڙي نموني نراسائي ۽ نااميدي جو احساس ٿئي ته پوءِ پڙهلين کي ذهني ۽ فڪري طور پڙهائڻ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. قومي مفڪرن ۽ دانشورن کي ڄڻڪ ان مان دڳ ملي ٿو ته هو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اها ڪمي پوري ڪن ته اهي ڪيئن سماج جو حصو بڻجن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
اهڙيءَ ريت سنڌ واسين جي سوچن ۽ لوچن ۾ کوڙ ساريون ٻيون به غلط تشريحون گهر ڪري ويهي رهيون آهن. مثال عورت غلطي يا گناهه ڪري ته پنهنجي انا واريءَ غيرت کي بچائڻ ۾ ان کي مارڻ کان به نٿا مڙون. پر ساڳيو ڏوهه پاڻ ڪنداسين ته جهڙوڪ خدا کان معاف ڪرائي پوءِ پيدا ٿيا آهيون.
اسان مهمان نوازي جي اهڙي ته غلط تشريح ڪئي جو ٻين جا ٻار ٻچا بچائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ٻچا ٻار رلائي ڇڏياسين. اسان کان اهو وسري ويو ته مهمان گهڙي پلڪ لاءِ ٿيندو آهي ۽ نه ڪي مستقل  گهر ڪري ويهي رهڻ وارو. اسان جي وڏڙن جي مهما نوازيءَ سنڌ جي جاگرافي،  نظريه ۽ سماج کي ڪاپاري ڇيهو رسايو. چوندا آهن ته مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ايندو آهي، پر اسان پنهنجو روز اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، جيڪي آيا ته ڏانڊي لاءِ پر هاڻي بورچي بڻجي رهيا ۽ ويا آهن.
اسان پنهنجي قدرن ۽ نظرين جي غلط تشريح اهڙي ته سکي ۽ ياد ڪئي آهي جو ٻار اسان لاءِ مڇ جو وار آهي، جيڏانهن چاهيون تيڏانهن کيس واريون. پر حقيقت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه جا منڪر ٿي پوندا آهيون ته جيڪو ٻار ڄمي ٿو، اهي پنهنجون انفرادي ۽ ذاتي لياقتون ۽ صلاحيتون کڻي اچي ٿو. اسان کي ته فقط ماحول پيدا ڪري ڏيڻو آهي، نه ڪي پنهنجي رنگ ۾ هر ڄاول ٻار کي ريٽو ڪرڻو آهي. ٻار نه فقط هڪ وجود آهي بلڪه مڪمل شخصيت آهي. هن جو به ايترو ئي ادب ۽ خيال ڪرڻو آهي، جيترو ڪنهن وڏي ۽ بزرگ جو. هو اسان جي مڇ جو وار ناهي، پر مستقبل جو ابو آهي.

اچو ته خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرون

اچو ته خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرون.


شفيق الرحمان شاڪر
Grand Theft Auto Vice City  ” راڪسٽر نارٿ طرفان جوڙيل هڪڙي ڪمپيوٽر گيم آهي جيڪا ٻين عام راندين جيان رڳو هڪڙي راند نه پر تصورن سان ٽمٽار هڪ ٻي زندگي آهي.جنهن ۾ توهان روزمره جي زندگيء جا سمورا ڪم ڪري سگھو ٿا.ايستائين جو راند جي اندر ئي اوهان کاڌو کائي، لباس خريدي ۽ وار سنواري سگھو ٿا.جتي ماڻهن جون باقائدي دوستيون ۽ دشمنيون ٿين ٿيون.جتي ٽيڪسي هلائي يا ٻيو ڪوبه پسند جو ڪاروبار ڪري پئسو ڪمائي سگھجي ٿو،هٿيار خريد ڪري ۽ دشمن کي سبق سيکاري سگھجي ٿو.دنيا جي وڏن وڏن بااثر ماڻهن سان لاڳاپا قائم ڪري سگھجن ٿا.مطلب ته اها راند اسان جي عام زندگيء جي متوازي هڪ پوري زندگي آهي پر آهي سڄي خيالي ۽ تصوراتي.جنهن کي به تصوراتي زندگي Virtual Life جو سچ پچ صحيح اندازو لڳائڻو آهي ته اها گيم گھڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي.جڏهن ڪو هڪ ڀيرو تصوراتي دنيا جي ان راند ۾ داخل ٿئي ٿو ته بس اڳتي وڌندو وڃي ٿو.مثال، ڪنهن ان راند ۾ ڏوڪڙ گڏ ڪري جائيداد خريد ڪئي ته اهو  جيئن جيئن وڌيڪ ڏوڪڙ گڏ ڪندو ۽ وڌيڪ جائيداد خريد ڪندو وڃي ٿو تيئن تيئن سندس ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ جائيداد خريد ڪرڻ جي طلب ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو.جيئن جيئن هو پنهنجن دشمنن جو انت آڻيندو وڃي ٿو تيئن تيئن هن جا وڌيڪ دشمن پيدا ٿيندا وڃن ٿا ۽ هو انهن دشمنن جو دنيا مان نالو نشان مٽائڻ ۽ پنهنجي شان شوڪت جا جھنڊا پوري دنيا ۾ ڦڙڪائڻ جي مستيء ۾ مست ٿيندو ٿو وڃي.جيڪر تصوراتي دنيا ۾ انسان کي هٿ آيل دولت،شهرت ۽ طاقت جو نشو ايتري قدر آهي ته پوء اندازو لڳايو ته جيڪر اهي شيون انسان کي حقيقي دنيا م هٿ اينديون هونديون ته انسان ڇا ڇا  نه ڪندو هوندو! پر ان سموري راند جو مايوس ڪندڙ مرحلو اهو ته انهن مان ڪابه ڪاميابي انسان حقيقي طور تي حاصل نٿو ڪري.جيئن ئي ڪمپيوٽر بند ٿيو خواهشن ۽ خوشين جا سڀ خوبصورت محل مسمار ٿيو وڃن ۽ زندگيء جي سخت حقيقتن جو راڪاس وات کوليو انسان کي ڳڙڪائڻ لاء سامهون بيٺل نظر اچي ٿو.
اهي مسئلا ڪهڙا آهن؟ شاگرد لاء پڙهائي،بي روزگار لاء نوڪري، بکئي لاء ماني،بي گھر لاء پناهه وغيره وغيره.ان راند جو هڪ ٻيو پهلو اهو ته جڏهن انسان تصوراتي دنيا جي راند ۾ مصروف ٿئي ٿو ته هو عملي زندگيء مان آئوٽ ٿي وڃي ٿو ڇو ته عملي زندگيء جا ڪم نهايت ئي ڏکيا ۽ مرحلا نهايت ئي صبر آزما آهن.عملي زندگيء ۾ پئسو ڪمائڻ لاء تصوراتي دنيا واري راند جيان صرف بٽڻ دٻائڻو نٿو پوي پر گھڻا پاپڙ ويلڻا پون ٿا.اها ته محنتن ۽ مشقتن جي دنيا آهي جتي دشمنن کي مات ڏيڻ ايڏو آسان ڪم ناهي نه ئي توهان انهن جي ايئن آسانيء سان مرمت حجامت ڪري سگھو ٿا جو انهيء کان اڳ اوهان جي پنهنجي مرمت حجامت جو خطرو رهي ٿو.تصوراتي دنيا ۾ دنيا جا سمورا مشڪل ترين ڪم به بلڪل آسان آهن، مثال؛ اونهن کڏن کوٻن مان گاڏيء کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي اچڻ،رستي ۾ ڪنهن سواريء کي لاهي ماري ڇڏڻ، رستي هلندي ڪنهن به ڏٽي مٽي تي مڪن ۽ لتن جو وسڪاروڪرڻ يا هٿيار ڏيکاري پئسا ڦرڻ، پيڇو ڪندڙ پوليس کي بيوقوف بنائي بچي نڪرڻ،ايستائين جو مرڻ جي صورت ۾ به  پريشانيء جي ڪا ڳالهه ڪانهي توهان صرف هڪڙو بٽن دٻائي پنهنجي زندگي وري شروع ڪري سگھو ٿا ڇوته اها حقيقي نه پر تصوراتي دنيا آهي.                         وائيس سٽي راند سان گڏوگڏ تصوراتي دنيا جو هڪ ٻيو مثال فيس بڪ آهي.وائيس سٽيء ۾ ته توهان اهو سڀ ڪجھه اڪيلي ڪري رهيا هوندا آهيو پر فيس بڪ تي اوهان کي جيئرن جاڳندن انسانن جو ساٿ ميسر هوندو آهي.اوهين روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تڪراري موضوعن کي تبصرن جو نشانو بڻائي ماڻهن کان ڍير سارو داد وصول ڪري سگھو ٿا.پنهنجو فين ڪلب ٺاهي سگھو ٿا،پنهنجن پسند ڪندڙن ۾ واڌاري لاء اوهان کي ٻين فيس بڪي ڀائرن سان ڀائي بنديء جو تعلق نڀائڻو پوي ٿو جو جيترو توهان ٻين فيس بڪي ليکڪن جو ساٿ ڏيندا اوتروئي اهي توهان سان دوستي نڀائيندا.اوهان جي حيثيت اوهان کي مليل پسنديدگين مان پرکي وڃي ٿي. توهان جي پوسٽ تي تبصرا ڪندڙن جو به توهان کي شڪريو ادا ڪرڻو آهي ته جيئن اهي آئيندي  به تبصرا ڪندا رهن،ڏينهن ۾ ٽن چئن موضوعن تي راء ڏيڻ،تبصرا پڙهڻ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ،منفي تبصرن جي صورت ۾  پنهن جو بچاء  ڪرڻ ۽انهن جو جواب ڏيڻ،ٻين لکندڙن جي پوسٽن ۽ تبصرن کي ڏسڻ ۽ انهن تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ،ان سموري ڪم لاء توهان کي روزانو 6 کان 12 ڪلاڪن جو وقت گھربل هوندو آهي.ٻي ڳالهه اها ته ڪيترن ئي مقبول ڪالم نگارن ۽ ٽي وي اينڪرن به فيس بڪ تي پنهنجا فين پيج جوڙي رکيا آهن،توڙي جو انهن وٽ ايترو وقت ناهي جو ويٺا سمورا تبصرا پڙهن پر تڏهن به جيڪر سندن پيج تي ڪو منفي تبصرو يا تنقيد وغيره جا لفظ اچي ويا ته پوء جواب ۽ جواب در جواب جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو وڃي۽ انا جي هڪڙي جنگ جو طويل سلسلو به شروع ٿي سگھي ٿو جيڪو سالن تائين جاري رهي سگھي ٿو.ان معاملي جو نهايت ئي خطرناڪ پاسو اهو آهي جو اسان جي عملي يا حقيقي زندگيء جو پورو اڌ حصو سوشل ميڊيا يا ڪمپيوٽر جي اها تصوراتي دنيا آسانيء سان هضم ڪيو وڃي.ان سڄي کيل تماشي ۾ انسان اهڙو ته مست ٿي وڃي ٿو جو پورو ڏينهن ٽنگون ٽيڙي ننڍي يا وڏي اسڪرين سامهون تصوراتي زندگيء جي هر ميدان ۾ پنهنجين ڪاميابين ۽ ڪامراننين جا خيالي جھنڊا جھولائيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي جڏهن ته سندس پلئه ۾ پائي به ناهي هوندي. زال، ٻار ۽ ماء پيء اهڙي “ارسطو” کي حيرت ۽ پريشانيء وچان ڏسندا ۽ دعائون گھرندي نظر ايندا ته الاهي! اسان جي هن عقل جي اڪابر کي تصوراتي دنيا مان ڪڍي واپس حقيقي دنيا ۾ آڻ.خيالي دنيا ۾ پنهنجن عظيم خيالن جا موتي ۽ ڏاهپ جا هيرا ونڊيدڙ کي اها توفيق به ڏي ته هو حقيقي زندگيء ۾ به ڪو ڪم ڍنگ سان ڪري سگھي. تصوراتي دنيا جي اهڙي ئي هڪ عظيم باشندي کان سندس دوست هن جي کنڊريل وارن جو سبب پڇيو ته فرمائڻ لڳو ته آئن اسٽائين جا وار هميشه ايئن کنڊريل هوندا هئا.سو جيڪر رڳو وار کنڊيرڻ سان ڪو آئن اسٽائين بڻجي سگھي ٿو ته پوء ملڪ جا پاڳل خانا اهڙن آئن اسٽائينن سان سٿيا پيا آهن. آئين اسٽائين وار کنڊيرڻ سان گڏ حقيقي زندگيء ۾ ٻيا به ڪيئي اهم ڪارناما سرانجام ڏنا هئا.               سوشل ميڊيا جي ان تصوراتي دنيا ۾ وڏن وڏن ليکڪن ۽ ڏاهن تي بنان سوچڻ سمجھڻ جي تنقيد ڪرڻ وارن جي به هڪڙي فوج موجود آهي.هڪڙو صاحب جيڪو سوشل ميڊيا تي ڪاپي پيسٽ ذريعي دانشور بڻيو آهي تنهن شاه عبدالطيف جي شاعريء تي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي. اهڙيء طرح هڪڙو صاحب جيڪو سرڪاري ٽي وي ۾ ملازم هو تنهن حضرت علي هجويري يعني داتا گنج بخش رحه جي ڪتاب ڪشف المحجوب جون خاميون ڳڻائڻ شروع ڪري ڇڏيون.           ننڍپڻ ۾ اسان خيالي دنيا جي ٻن ڪردارن “ ديون ” ۽ “بونن “ جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن، ديو جيڪي انسان جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسان کان ڳري مخلوق آهي جيڪا انسانن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي جڏهن ته بونا انسانن جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسانن کان پتڪڙي مخلوق آهي جيڪي انسان کي مختلف شرارتن ذريعي ايذائين ۽ ستائين ٿا.بس تصوراتي دنيا ۾ ته رڳو ديو يا بوناهوندا آهن باقي انسان ته حقيقي  ۽ عملي دنيا جا پابند ۽ زمان ۽ مڪان جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا آهن سو زماني سان گڏ هلڻ جو مقصد خلائن ۾ خيالن جا محل تعمير ڪرڻ نه پر زماني جي حقيقتن کي سمجھڻ،انهن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.هن ڪائنات ۾ انسان جيڪر پنهنجي اصل  فطري حقيت ۽ حيثيت کان منهن موڙي خيالن جي دنيا م پنهنجي لاء ڪو ٻيو مقام ڳولهڻ جي غير حقيقي ۽ غير فطري ڪوشش ڪندو ته يا ته اهو ديو بڻجي ويندو يا بونو! دنيا تماشي جي جڳهه ضرور آهي پر هر ماڻهوء خاص طور تي نوجوانن کي اڄ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته زندگيء جي تلخ حقيقيتن کي اکيون اکين ۾ وجھي  منهن ڏيڻو آهي يا وري زندگيء جي پرفريب ۽ وڻندڙ  خيالي رڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پاڻ کي رتورت ڪرڻو آهي.اهو خيال رهي ته خيالي دنيا جو هر خيال  رڳو رڃ آهي ۽ رڃ مان مان اڃ جو اجھامڻ حقيقت جي دنيا ۾ اڃا صرف هڪڙو خيال آهي.
(روزاني جيجل 31 مارچ 2018ع)

ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا

ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي زندگيء ۾ ڪو ڏينهن اهڙو به هوندو آهي جنهن ڏينهن تي اسان جا سمورا ڪم سولا ٿي پوندا آهن.ان ڏينهن اسان اهڙو ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن جي ڪرڻ جي اسان کي پاڻ مان اميد ئي ناهي هوندي پر اهي ڏکوئيندڙ ساعتون به اسان مان گھڻن جي ذهن ۾ تازيون هونديون جڏهن اسان جو ڪيل ڪو سبتو ڪم به ابتو ٿي ويو.ڪو ٺهيل ٺڪيل مامرو به منجھي ويو.هزار ڪوششن باوجود صرف ناڪاميون ئي منهن پونديون آهن.ماڻهو ته اهو ساڳيو آهي پوء ايڏو فرق ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪو جڏو رانديگر به شاندار ڪارڪردگيء جو مظاهرو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪو شاندار رانديگر به ٻڙي ڪارڪردگي ڏيندو آهي.اصل ۾ فرق هوندو آهي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن جو جن ۾ ڪم جي وقت انسان هوندو آهي.انهن ڪيفيتن مان هرهڪ جي هڪ قوت آهي پوء اها قوت هاڪاري هجي يا ناڪاري.ڪجهه ڪيفيتون اسان کي اڳتي جڏهن ته ڪجهه پوئتي ڌڪين ٿيون.ڪجهه ڪيفيتون  چست ۽ ڦڙت جڏهن ته ڪجهه سست ۽ بيزار بنائين ٿيون.
مثال؛ اعتماد،پيار،اندر جو يقين،خوشي ۽ وجدان جون ڪيفيتون انساني ذات مان طاقت جا عظيم ڦوهارا ڦوڙي ٻاهر ڪڍن ٿيون جڏهن ته ذهني  ڏڦير، انتشار،خوف،پريشاني، ڊپريشن، بيچيني،غم ۽ مايوسيء جون ڪيفيتون اسان جي عضون ۽ اعصابن کي مفلوج ڪري بي طاقت ۽ ڪمزور بنائين ٿيون.انهن ڪيفيتن جو مشاهدو اسان کي هروقت پنهن جي روزمره جي زندگيء ۾ ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان هروقت زندگيء جي وڻندڙ يا نه وڻندڙ ڪنهن نه ڪنهن صورتحال مان گذرندا رهندا آهيون. مثال؛اسان ڪنهن هوٽل ۾ وياسين ته آرڊر وٺندڙ بيري اسان سان جنهن انداز سان ڳالهايو ان مان سندس بيزاري يا غصو صاف طور تي بکي رهيو هو.هو ڪوشش جي باوجود به سندس منهن جي اڻ وڻندڙ تاثرات کي لڪائي نه پيو سگھي.جيڪر اسان سمجھون ٿا ته ان بيري جو اهو رويو سدائين ان نموني جو هوندو ته اسين غلط آهيون.جيڪر ايئن هجي ته پوء اهو ان هوٽل جي نوڪري هن وقت تائين وڃائي چڪو هجي ها.گھڻو امڪان اهو آهي ته اڄوڪو ڏينهن شايد ان بيري لاء سٺو ناهي رهيو. ٿي سگھي ٿو ته هن کي ڪا ذاتي قسم جي پريشاني لاڳو ٿي هجي يا هن جي ڪنهن گراهڪ سان منهن ماري ٿي هجي.هو ذاتي طور تي هروڀرو ڪو خراب انسان نه هوندو پر ان وقت هو جنهن ڪيفيت جو شڪار آهي سندس رويو ان ڪيفيت جو ئي مظهر آهي.اسان سندس ذهني ڪيفيت کي تبديل ڪري سندس رويي کي بدلائي سگھون ٿا.مطلب اهو ته اصل صورتحال جي ڄاڻ ئي ڪنهن تبديليء کي سمجھڻ ۽ گھربل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪنجي آهي.ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته اسان جو رويو اسان جي ڪنهن اندروني ڪيفيت يا ذهني حالت جو عڪس هوندو آهي،هاڻي اچو ته اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهي ذهني ڪيفيتون آخر ڇا هونديون آهن ۽ انهن کي ڪيئن تبديل ڪري يا ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو؟
اسان جي اندر هر وقت وقوع پذير ٿيندڙ لکين نيوراليجيڪل پروسيس ( Neurogical Process)   جي مجموعي کي ڪيفيت (State) چئبو آهي.ٻين لفظن ۾ وقت جي ڪنهن به وقفي يا عرصي ۾ اسان جي ٿيندڙ ڪنهن مشاهدي يا تجربي جي ردعمل جي نتيجي ۾اندر ۾ پيدا ٿيل ذهني صورتحال کي ڪيفيت چئجي ٿو.ڪيئي ڪيفيتون اسان جي پاران ڪنهن شعوري ڪوشش يا هدايت سواء پاڻمرادو پيدا ٿين ٿيون.اسان ڪا شيء ڏسندا آهيون ۽ ان جو ردعمل ڪنهن خاص شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهيون. اها ڪيفيت مثبت به ٿي سگھي ٿي ۽ منفي پڻ.پر اسان مان گھڻا انهن ڪيفيتن ۾ توازن يا انهن تي ضابطو رکڻ ۾ ناڪام ويندا آهن.ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ فرق ئي اهو آهي جو ڪامياب ماڻهو لاڳيتو پنهنجي اندر اهي ڪيفيتون قائم رکڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا جيڪي انهن جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جون مددگار ثابت ٿين ٿيون.جڏهن ته ناڪام ماڻهو ڪنهن ردعمل جي نتيجي ۾ پنهن جي اندر پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪيفيتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. عام طور تي ماڻهن جي اها خواهش رهي ٿي ته گھربل مثبت ڪيفيتون امڪاني ۽ اتفاقي طور تي پاڻمرادو کين ملي وڃن پر اسان جي زندگيء جو خمير جنهن نموني جڙيل آهي انهيء ۾ ايئن ڪڏهن ٿيندو ناهي.ڪيتريون ئي ڪيفيتون آهن جن کي اسان پاڻ جنم ڏيئي سگھون ٿا. مثال؛ پيار،محبت،اعتماد،احترام،وغيره جن ۾ خوشيء جي هڪ جادوئي ۽ طاقت سمايل هوندي آهي.محبت،خوشي يا ٻي ڪا طاقت جن لئي انسان سالن کان تلاش ڪندو رهيو آهي انهيء جي ڪنجي انسان جي پنهن جي رهبري پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ لڪيل آهي ۽ اها صلاحيت تيستائين حاصل نٿي ٿئي جيستائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ تنظيم جو فن نه ايندو هجي. وري پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ انهن کي پنهن جي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ جي ڪنجي پنهن جي ذهن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي سکيا ۾ آهي.انهيء ڪم لاء انسان کي پهرين اهو سمجھڻو پوندو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ انسان صدين تائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن کي بدلائڻ ۽ پنهن جي مشاهدي جي طرز کي تبديل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي.هن بک،نشي وارين شين،،مناجات، موسيقي،لباس، خوراڪ، جنس،پوڄاپاٽ وغيره مطلب ته سمورا طريقا آزمايا آهن پر هاڻي وڌيڪ طاقتور ۽ موثر ذريعا ڳولهيا پيا وڃن.سوال اهو ته جنهن ڪيفيت ۾ اسان آهيون انهيء کي پيدا ڪير ٿو ڪري؟ ڪيفيت جا ٻه بنيادي جزا ٿين ٿا.پهريون جزو اسان جي اندروني صورتن (Presentations) جو آهي  ۽ ٻيو جزو اسان جي جسماني صورتحال ۽ ان جو استعمال.توهان ڪهڙين شين کي ڪهڙي تصوير ڏيو ٿا،ان جي باري ۾ ڪهڙي ۽ ڪيئن راء پيدا ڪيو ٿا.اها ڪيفيت جنهن ۾ توهان آهيو ان کي پنهنجي ذهن ۾ هڪ شڪل ڏيو ٿا ۽ پوء توهان جا پيدا ڪيل رايا توهان جي روين مان ظاهر ٿين ٿا. مثال؛ توهان پنهن جي اولاد جي دير سان گھر موٽڻ تي ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿا؟ انهيء جو گھڻو دارومدار توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت تي هوندو.جيڪر توهان ڪلاڪن کان ذهن ۾ اها تصوير ٺاهي ويٺا آهيو ته شايد ڪو خوني حادثو ٿي ويو هجي،خبر ناهي ته هو زنده بچيو به هجي يا نه؟ان ڪيفيت ۾ توهان جو ڪو پيارو دير سان گھر موٽندو ته اوهان لڙڪن،محبت.بي قراري،خوشي ۽ حيرت يا گرمجوشيء سان هن جو آڌرڀاء ڪندا ۽ هن کي ڏسي سک جو ساه کڻندا.پر جيڪر توهان جي  ذهن جي ڪيفيت ڪا ٻي آهي ته ان جي موٽڻ تي اوهان جو رويو ان ڪيفيت جو مظهر هوندو.
هاڻي اچون ٿا ڪيفيت جي ٻئي جزي يعني جسماني صورتحال طرف.اسان دنيا کي ڪيئن ڏسون ٿا ۽ ان کي ٻين سامهون ڪيئن پيش ڪيون ٿا،ڪيفيت جو ٻيو جزو به ان ۾ بنيادي عامل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جسماني ڇڪ.ٿڪاوٽ.بيزاري،کاڌخوراڪ.ڪا جسماني بيماري يا ڪمزوري وغيره اهي سڀ جسماني حالتون اسان جي روين تي اثرانداز ٿين ٿيون.
ماڻهن جي عام طور تي اهائي خواهش هوندي آهي ته اهي جنهن ڪيفيت ۾ آهن انهيء کي تبديل ڪن ڇو ته ڪوبه هميشه غمگين ۽ پريشان رهڻ نٿو گھري.انهيء تبديليء لاء اهي مختلف شيون ڪندا آهن.مثال؛ ٽي وي ڏسڻ،کل ڀوڳ جي ڪنهن محفل ۾ ويهڻ،گھر کان ٻاهر ڪنهن آئوٽنگ تي هليو وڃڻ،سگريٽ جا دونهان لڳائڻ يا نشي وارين شين جو استعمال ڪرڻ وغيره پر انهن شين جو نتيجو به دائمي نه پر عارضي هوندو آهي.جيئن ئي ٽي وي شو ختم ٿيو،يا نشي جو اثر گم ٿيو يا ماڻهو محفل ڇڏي اڪيلائيء جو شڪار ٿيو ته ساڳيون ڪيفيتون انسان کي گھيريو وڃن.
ڪاميابيء جي عروج تي پهچڻ وارا ماڻهو پنهنجي ذهن جي اعليٰ صلاحيتن کي جاڳائڻ تي پورو عبور رکندا آهن ۽ اهو ڪمال ئي انهن کي ٻين کان ممتاز بنائي ٿو.بس ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جون ڪيفيتون پنهن جي اندر زبردست طاقت رکن ٿيون ۽ جيڪر انهن تي ضابطو آڻڻ جو فن اچي وڃي ته انسان کي حالتن جي رحم ڪرم جو محتاج ٿيڻو نٿو پوي.
(انٿوني رابنز جي ڪتاب”Unlimited Power”  مان رهنمائي ورتل)
(روزاني عوامي آواز 27 مارچ 2018ع)