Showing posts with label چهنڊڙيون. Show all posts
Showing posts with label چهنڊڙيون. Show all posts

Friday, August 5, 2016

چهنڊڙيون ؛ڇڏيو يار! بجلي هاڻي سولر هلايو




ڇڏيو يار! بجلي هاڻي  سولر هلايو

اجايو حڪومت  تان نه دنيا کلايو

نه بجلي ئي رهندي نڪا لوڊشيڊنگ

اڃا  هڪڙو  ڀيرو اسان کي کٽايو.

Sunday, July 31, 2016

چهنڊڙيون ؛ ويو شاه هڪڙو، ۽ ٻيو شاه آيو.


دبئيء  مان  سنڌ  لئي  نئون   ٺاه آيو،

ڪنهن جو  اوج تي ڀاڳ واه واه آيو،

سنڌين لئي اهائي ساڳي ڌوڙ ڇائي،

ويو  شاه  هڪڙو، ۽   ٻيو     شاه آيو.

Saturday, July 23, 2016

چهنڊڙيون ؛ نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،


نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،
ڪرپشن ڪا هتي ناهي، معيشت  جو   نه کُٽڪو آ،
عوامي  راء  آ  شامل   اسان  جي هن   بادشاهيء    ۾،
نه ڪوئي احتجاج آهي نه ئي ٻاهر ڪو   ٻُڙڪو آ.

Thursday, July 14, 2016

چهنڊڙيون ؛ اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،


اوهان سان ناه ٻيو تڪرار،نه ڪائي ڇڪ ڇڪان آهي،
اوهان سان ٻي شڪايت  ڪا،  نه  ڪا  ئي  ته گلا آهي.
اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،
پاناما  کان  پناه  گھرجي،     اها   بس          التجا  آهي.

Monday, July 11, 2016

چهنڊڙيون ؛ تنهنجو ئي درد ڀريو رکيو آ.


      ٻيو     هن    دل   ۾  ڇا  رکيو آ
      تنهن جو ئي درد ڀريو رکيو آ.
    چيري ڦاڙي جنهن به ڏٺي دل،
     پاناما     زهر    ڀريو    رکيو  آ. 

Friday, July 8, 2016

چهنڊڙيون : ٿڏي عهدو هليو وڃجي، اسان ۾ سا نه غيرت آ.


ڇڏي تو ڪرسي ڇو ڊيوڊ!عقل تي تنهن جي حيرت آ،
عوامي  راء  جي  چئين ٿو  تنهن جي  آڏو  ته اهميت آ،
اسان     کي   ڏس   ڪيڏا   الزام   سهندا  رهون  ٿا  پر،
ٿڏي   عهدو   هليو   وڃجي،  اسان   ۾   سا  نه  غيرت آ.

Thursday, July 7, 2016

چهنڊڙيون ؛ اسان جي عيد عذاب آهي.


اڃا     ته   آهن  ويران    نظرون،
اڃا     اڌورو ڪو خواب آهي،
اوهان جي عيد گلاب هوندي،
اسان جي  عيد   عذاب آهي.

Wednesday, July 6, 2016

چهنڊڙيون ؛ اسان ته آهيون پرديسي،عيد هت ملهايون پيا،


اسان ته آهيون پرديسي،عيد هت ملهايون پيا،
قوم جي ڏنا درد هن،   سي      هتي  ڀلائيون پيا،
ملڪ  جو  فڪر آهي،  قوم   جو    ذڪر  آهي،
قوم جي ئي پئسي مان  عيديون ورهايون پيا.

Tuesday, July 5, 2016

چهنڊڙيون : اجايو چٻن کي ڏنيوسين ڇو ووٽون؟


ڏٺا   جن  نه  مائين   هئا   پنجاه    رپيا

انهن کي ڏنيوسين هزارن جون نوٽون،

چوي پوء به پوڙهي کنيو هٿ ۾ پادر!

اجايو چٻن کي ڏنيوسين ڇو ووٽون؟

Tuesday, June 28, 2016

چهنڊڙيون ؛ جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،


جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،

جي    مٿي    ۾   آ  کڙ کڙ،لنڊن گھمي اچ

پنهنجي ملڪ   ۾ جي منجھي ساه  ٿو

اڏامي، ڪري     ڦڙ ڦڙ، لنڊن گھمي اچ.


Thursday, June 23, 2016

چهنڊڙيون: اسان ديس واسيو! کڻي دوربينيون،


نڪو      چنڊ       موسم،
 نه    دولت   ٿا    ڳولهيون،
نه  ئي     مينهن    جي ڪا
حقيقت        ٿا     ڳولهيون،
          اسان       ديس       واسيو!          
 کڻي                دوربينيون،
رڳو    پنهنجي     پياري
حڪومت ٿا ڳولهيون

Wednesday, June 22, 2016

چهنڊڙيون ؛ امن جي جا حالت وري سنڌ ۾ آ،


ڦرون،     قتل      اغوا !   ارمان آهي.
گولي، دڙڪو،ڌمڪي دهمان آهي.
امن جي جا  حالت   وري سنڌ ۾ آ،
“وڏو سائين”   ان تي حيران  آهي

Tuesday, June 21, 2016

چهنڊڙيون ؛ سڏائين سنڌ جا ليڊر، اهي بي هوش ڇو آهن؟


سڏائين سنڌ جا ليڊر،  اهي    بي  هوش ڇو آهن؟
رٿي  وئي سنڌ لئي سازش ،اڃا خاموش ڇو آهن؟
هڻن ناپاڪ   نڙيون ٿا  ڌرتيء کي   ورهائڻ   لئي،
ڪميڻا ڪم ظرف اهڙا، ايڏا پرجوش ڇو آهن؟

Monday, June 20, 2016

چهنڊڙيون : زوراور لئي سزا ناهي،


ڀلي ڪجھه ٿي، ڀلي ڪينئن ٿي،

چيل    آ   جيئن  ،   ڀلي تينئن ٿي ،

زوراور         لئي        سزا        ناهي،

ڀلي هونئن ٿي،    ڀلي هينئن ٿي،

Sunday, June 19, 2016

چهنڊڙيون ؛ جيڪر ٿي دال آ مهانگي، ڪڪڙ کائي گذارو ڪر،


جيڪر  ٿي دال  آ مهانگي، ڪڪڙ کائي گذارو ڪر،
ناهي جيئري   اگر   وس ۾ ، مئل   سان  ئي گذارو ڪر،
اٽي جو اگھه چڙهيل جي آ، ڊبل روٽي صحيح رهندي،
اها ترڪيب  آ “ اسحاق”  سمجھائي   گذارو    ڪر.

Wednesday, June 15, 2016

چهنڊڙيون ؛ ڪمائيء جو مهينو.


محبت، عبادت ،سچائيء جو مهينو.
رمضان     سارو ، ڀلائيء جو مهينو،
 هجي حيف اهڙن نڀاڳن تي جن آ،
بنايو انهيء کي ڪمائيء جو مهينو.

Tuesday, June 14, 2016

چهنڊڙيون ؛ انڌير نگري ۽ چرٻٽ آ راجا،


خوشحالي  آئي   ۽  ترقي  آ  هرهنڌ،
نچو  ۽    ٽپو  ۽  وڄايو     ڪي   واڄا.
انڌير   نگري    ۽     چرٻٽ  آ    راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي ،ٽڪي سير کاڄا.