Showing posts with label انساني اقدار،آدرش ۽ ڪردار. Show all posts
Showing posts with label انساني اقدار،آدرش ۽ ڪردار. Show all posts

Tuesday, December 4, 2018

لفظن جي سونهن کان گدلاڻ تائين!





شفيق الرحمان شاڪر
اڪثر ٻڌندا آهيون ته انسان کي تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري ڳالهائڻ گھرجي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ڪنهنجي ڪهڙي تهذيب آهي ۽ ان جو وٽس معيار ڇا آهي،اها خبر نٿي پوي.وري سڀ ڪنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجا معيار هوندا آهن.هر ڪنهن وٽ تهذيب جا مختلف دائرا ۽ حدون هونديون آهن،هر قوم ۽ هر سماج ۾ الڳ الڳ تهذيب ۽ اخلاقي معيار مقرر ٿيل آهن.تهذيب جا اهي دائرا ڪڏهن پکڙبا ته ڪڏهن سسندا به رهن ٿا.انهيء جون حدبنديون به هيٺ مٿي ٿينديون رهن ٿيون پر پوري دنيا ۾ ڪجهه شيون اهڙيون ضرور آهن جيڪي هر تهذيب ۽ سماج ۾ مڃيل ۽ تسليم ٿيل آهن،ايئن چئجي ته اهي متفقه تهذيبي ۽ اخلاقي معيار آهن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.مثال؛ معاملا عدل ۽ انصاف سان طيء ڪرڻ، ڪوڙ ۽ دوکي وارو وهنوار نه ڪرڻ،ماڻهن سان اخلاق ۽ تميز سان ڳالهائڻ وغيره پر هاڻي قوم ۽ فرد جي جي گڏيل ۽ ذاتي روين ۽ مزاج جي ڳالهه اچي وڃي ٿي ته انهن ڪهڙي ماحول ۾ سکيا ورتي آهي.اسان وٽ هاڻي تهذيب جو دائرو ڪجهه وڌندو ئي ٿو وڃي ۽ انهيء ۾ اهو ڪجهه به اچي رهيو آهي جيڪو نه ڪڏهن ڏٺوسين ۽ نه ٻڌوسين خاص طور تي سياست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بي لگام زبان ۽ تهذيب جو دائرو گھڻو وڌي چڪو آهي.
لفظن جي وڏي اهميت هوندي آهي.زندگيء ۾ انهن جي آفت ڀوڳڻ سان گڏوگڏ انهن مان فائدو به گھڻو ئي کنيوسين.انهن ئي لفظن سان گھر آباد ٿيندي ۽ بگڙندي ڏٺاسين.جيڪي لاڳاپا قبوليت جي ٽن لفظن سان شروع ٿيا ۽ محبت ڀريل لفظن سان جڙيا رهيا اهي زهر ڀريل لفظن سان ڪمزور ٿي ويا ۽ وري ٽن لفظن سان هميشه لاء ٽٽي به ويا.ڪنهن جا مٺاڻ ڀريا لفظ اهو ڪم ڪري ويا جو دليون محبت سان ٽمٽار ٿيڻ لڳيون۽ ڪنهن جي من ۾ گھر اڏجي ويا ۽ انهن ئي لفظن سان ڪروڙين پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ پنهن جي ضد تي اڙجي ويا ۽ پڪل ميوا سڙي ويا ۽ لفظن جي خزان سان زندگي۽ جا پن ئي زري ويا.پر انهن ئي لفظن جو جڏهن صحيح ۽ مناسب استعمال ٿيو ته وري بهار اچي ويئي،ڪيئي گل ٽڙي پيا.لفظن جي صورت ۾ ڪنهنجو چوڻ به گلن جهڙو ۽ ڪنهن جي گفتگو ڪنڊن جهڙي.ڪنهنجا ٻول اهڙا ته اڪسير ڄڻ ته اجڙيل چمن ۾ بهار اچي وڃي ۽ ڪنهن بيمار کي بي سبب قرار ملي وڃي.۽ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي بازي هارائي وڃن اهي زندگيء جي بازي کٽي وٺن ٿا.جيڪي لفظن جي مار تي صبر ڪري وڃن انهن جي تقدير تبديل ٿيندي ڏٺيسين ۽ هر بگڙيل ڪم ٺهندي ڏٺوسين.
مطلب ته عمل ۽ ڪردار جي اهميت پنهنجي جڳهه تي پر لفظن سان ڪردار جو سينگار۽ نماڻائيء ۽ عاجزيء سان ڏنل دعائن کي خدا جي پڪار ۽ انهيء تي مالڪ جو پيار ۽ مليو جو قبوليت جو هار۽ اهڙيء طرح ٻڏل ٻيڙا ٿي ويا پار.
سياست ۾ به جيڪر برو ڀلو چوڻ ضروري ئي هجي ته اهو به تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري چئي سگھجي ٿوجنهن سان اڃا به ڪنهن کي خوبصورت لفظن سان وڌيڪ چوٽ لڳائي سگھجي ٿي۽ سامهون وارو پشيماني وچان زمين تي نڪ رڳڙڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.ڪن ٻن ڀائرن وچ ۾ ڪنهن مامري تي تلخي پيدا ٿي پيئي ۽ ڪاوڙ به سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.ننڍي ڀاء کي وڏي ڀاء تي جيڪو غصو هو سو هن طرح وڏي ادب ۽ احترام سان ٻاهر ڪڍيائين ته “پيارا ڀاء! لڳي ٿو ته توهان گڏهه آهيو!“ اهو ئي طريقو جيڪر وڏا ۽ ننڍا سڀ سياستدان اختيار ڪري وٺن ته هوند سندن پوئلڳن کي ڪجهه سڪون اچي وڃي.
۽ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪجهه خوبصورت لفظ اسان جي زندگي بدلائي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن لفظن سان گڏ ڪردار به شامل ٿي وڃي ته تهذيب بدلجي وڃي۽ تاريخ بدلجي وڃي ۽ سياست بدلجي وڃي ۽ رياست بدلجي وڃي.
برائيء جي بدلي م ڀلائيء جو خوب اٿر ٿئي ٿو،ان سان وڏا وڏا ڪميڻا انسان بدلجندي ڏٺاسين پر آهي اهو نهايت ئي مشڪل ڪم!
قرآن ڪريم ۾ خالق ڪائنات فرمايو ته
“برائيء کي ڀلائيء سان پري ڪريو پوء اهو جنهجي اوهان سان دشمني آهي اهو اوهان جو جگري دوست بڻجي ويندو.“







Thursday, June 14, 2018

شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جا بنياد.


شفيق الرحمان شاڪر
شخصيت ڪنهن فرد جي ذهني،جسماني،شخصي ورتاء،روين،وصفن ۽ ڪردار جي ميڙ جو نالو آهي، ايئن چئجي ته انسان جون ظاهري توڙي باطني صفتون،نظريا،اخلاقي قدر،ڪم،احساس ۽ جذبا گڏجي ڪري انسان جي شخصيت جو خاڪو جوڙين ٿا.ظاهري سونهن سوڀيا وقتي طور تي ته ڪنهنجو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگھي ٿي پر ڪردار جو دائمي حسن ئي انسان کي امر بڻائيندو آهي ۽ ڪردار جي اهڙي تعمير ۾ سوچ ۽ نظرين جو بنيادي رول هوندو آهي.قرآن ڪريم انساني پيدائش ۽ موت جو مقصد ئي ڪردار جي آزمائش ٻڌايو آهي.جيئن صورت الملڪ ۾ فرمايو ويو ته    “ جنهن موت ۽ حياتيء کي خلقيو ته جيئن اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪير بهتر عمل ڪرڻ وارو آهي.”
اڄ جيڪر اسان ناڪامين جو شڪار آهيون ته ان جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اسان پنهن جون ترجيحون صحيح مقرر نه ڪري سگھيا آهيون.اسان کي اهو طيء ڪرڻو پوندو ته اسان جي سڀ کان وڏي دولت ڪهڙي آهي؟ پڪ سان اسان جي قيمتي دولت ۽ عظيم سرمايو ڌن،دولت،سون ۽ چاندي نه پر اسان جو اولاد آهي جن جي رونق سبب اسان جا اڱڻ جنت جهڙا نظر اچن ٿا.انهيء عظيم دولت جو زيان ۽ بگاڙ ئي اسان لاء پڌرو ڇيهو آهي.جيڪڏهن اسان سچ پچ زوال کي روڪڻ ۽ ان کي ڪمال ۾ بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء ماڻهن جي شخصيت سازي خاص طور تي ٻارن جي اخلاقي،سماجي ۽ روحاني تربيت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سماج امن ۽ سڪون جو مرڪز بڻجي سگھي.سماج ڇا آهي؟ انسانن تي ٻڌل هڪ عمارت آهي.جهڙيون سرون هونديون عمارت به اهڙي ئي جڙندي.اسان جو حال ئي اسان جو آئيندو آهي.سو حال کي بدلائڻ سواء مستقبل جي سڌاري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جهڙي آهي.نئين نسل کي ڊاڪٽر،انجنيئر،واپاري،سياستدان يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ کان پهرين هن کي هڪ خوش اخلاق،باوقار،ذميدار ۽ سٺو انسان بنائڻو پوندو جنهن لاء ڪردار جي تعمير ضروري آهي. سٺين وصفن ۽ وڻندڙ اخلاق وارا انسان انسانيت جا سفير هوندا آهن.انهيء ڪري شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير لاء گھربل بنيادي جزن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا ضروري آهي.ٻار جنهن ماحول ۾ پرورش پائين ٿا ان جو رنگ انهن جي شخصيت تي ڇانئيل رهي ٿو.اهو قائدو رڳو ٻارن تائين ئي محدود ناهي پر وڏن تي به ماحول جو اثر پوي ٿو.حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي عليه وسلم جن فرمايو ته
 “ هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو،ان جا والدين کيس يهودي يا نصراني بڻائين ٿا.“
انهيء حديث سان مطابقت رکندي انگريز فلسفي “جوهن لاڪ” پنهنجي تعليم واري نظريي ۾ ٻارن جي ذهن کي هڪ صاف سليٽ سان ڀيٽي ٿو ۽ انهيء ئي سوچ کي “ڊاڪٽر فل“ هيئن ورجائي ٿو ته  “ ٻار هڪڙي صاف سليٽ آهي جنهن تي والدين روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهن ٿا.”
ٻار سان ويجھڙائي رکندڙ هر شخص ۽ ماحول انهيء تي پنهنجا ليڪا وجھي ٿو ۽ انهن ئي تجربن ۽ ماحول جي اثر هيٺ ٻار جي شخصيت وجود ۾ اچي ٿي.ٻار ننڍپڻ کان ئي احساس،قدر ۽ رويا سکن ٿا جن جو اهي عملي زندگيء ۾ مظاهرو ڪن ٿا.حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجن انهن ئي روين ۽ نظرين جي نمائندگي ڪري ٿو جن کي هو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ اختيار ڪري چڪو هوندو آهي.لاشعوري طور تي سوچون ۽ رويا يقين ۾ بدلبا رهندا آهن.ٻارن کي پاڪيزه ماحول،صحيح سوچ جو انداز ۽ مثبت طرز معاشرت مهيا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خيالن جي خباثت ۽ اڻ وڻندڙ وصفن کان سندن ڪوري ذهن کي محفوظ رکي سگھجي ۽ کين فطرت جي اصولن سان سهمت ڪري سگھجي.تعليم جي فراهميء ۾ اڄ جو سماج گھڻو چست آهي پر پاڪيزه ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهو بريء طرح ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ بدامني،بي چيني ۽ ناانصافين جي ڪثرت نظر اچي ٿي.
شخصيت جي تعمير ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ فڪر جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.“وليم جيمز“ جي لفظن ۾ “ اوهين پنهنجي باري ۾ جيڪا تصوير جوڙيو ٿا اها تصوير جيڪر ڊگھي عرصي تائين اوهان جي ذهن ۾ رهي ته اوهين به اهڙا ئي بڻجي ويندا جهڙو توهان سوچيو ٿا.”                            منفي سوچ ۽ ناڪاري خيالن جي اثر هيٺ هڪ متوازن ۽ وڻندڙ شخصيت جي تعمير ممڪن ناهي. منفي سوچون ۽ خيال اهڙا وائرس ٿين ٿا جن سبب ذهن۽ دل مائوف ۽ نااميد بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ۾ وائرس اچي وڃي ته “فارميٽنگ” ذريعي ان جي ڪارڪردگيء کي بحال ڪيو ويندو آهي.اهڙيء طرح انسان کي به پنهنجي ذهن جي فارميٽنگ ڪرڻ ضروري آهي.
سوچن جي تبديلي به انساني شخصيت جي ترقيء ۽ سونهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. “ برائن ٽرائسي” پنهنجي ڪتاب “ جهڙا خيال تهڙي زندگي” ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته            “ جيڪراسان زندگيء جي مختلف شعبن م پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گھرون ٿا ته پوء اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي منفي سوچ کان جان ڇڏائڻي پوندي جو منفي سوچ اسان جي ذات کي محدود ڪري ڇڏي ٿي” 
خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاء مثبت خيالن ۽ ماڻهن سان رابطو پيدا ڪرڻ ضروري آهي،ڪنهن به شخص کي جڏهن لاڳيتو طنز ۽ تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته اهو احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڃي ٿو.والدين ٻارن کي اجائي تنقيد ذريعي سندن شخصيت برباد ڪيو ڇڏين.ننڍپڻ ۾ مناسب محبت ۽ شفقت نه ملڻ جي نتيجي ۾ بلوغت ۽ جوانيء ۾ پهچندي ٻار مختلف سماجي ۽ نفسياتي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.مکڙين کي جهڙيء طرح گل بڻجڻ لاء ماڪ جي ضرورت هوندي آهي،ساڳيء طرح ٻارن ۾ سندن ذات جي قدر ۽ قيمت جو احساس پيدا ڪرڻ لاء محبت ۽ شفقت جي سخت ضرورت هوندي آهي.نا اهل ۾ نااهل شخص به محبت ۽ شفقت سبب بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.انسان کي ناڪامي،تنقيد ۽ رد ٿيڻ جو خوف هميشه پريشان ڪندو رهندو آهي.منفي سوچ اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو ذهني ۽ جسماني صحت تي اثرانداز ٿي فطري صلاحيتن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي سراسري ڪارڪردگي گھڻو      متاثر ٿئي ٿي.انهيء ڪري منفي سوچ کي وڌائڻ وارن،عزت نفس کي ٺيس پهچائڻ وارن،اوهان جي تحقير ۽ تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن توڙي خيالن کان اوهان کي پري رهڻ گھرجي.انسان جي سوچ جيتري مثبت هوندي اوتروئي زندگي وڻندڙ ۽ خوشگوار گذرندي.مثبت سوچ انسان کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪري ٿي ۽ انسان ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي.انساني شخصيت،صحت،جرئت ۽ تخليقي صلاحتين جي نشو نما ۾ مثبت سوچ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ اها ذهني صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي ۽ ڪارڪردگيء کي بلندي عطا ڪري ٿي.انساني دماغ هڪ ئي وقت رڳو هڪڙي ئي خيال تي ڌيان ڄمائڻ جي لائق هوندو آهي توڙي جو اهو مثبت خيال هجي يا منفي.پر ياد رکڻ گھرجي ته پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي.هو منفي خيالن کي مثبت سوچن ۾ بدلائي پنهنجي زندگي خوشگوار بنائي سگھي ٿو.
انساني شخصيت تخليق ۽ تعمير جي لحاظ کان ٻن پاسن تي ٻڌل آهي.تخليق جي لحاظ کان انسان کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي برتري ۽ فضيلت حاصل آهي پر پاڻ جهڙن ٻين انسان تي برتري حاصل ڪرڻ لاء انسان کي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ته هن دنيا کي دارالعمل يعني عمل جي جڳهه قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري سٺن عملن ذريعي ئي انساني شخصيت جي تڪميل ٿئي ٿي۽ برا عمل ان ۾ ڦيٽاڙو پيدا ڪن ٿا.مذهب،تصوف توڙي صدين کان رائج مڃيل انساني ريتن ۽ قدرن جي روشنيء ۾ انساني شخصيت جي تعمير جا ڪجهه ضروري ۽ اڻ ٽر بنياد ٿين ٿا جن جي روشنيء ۾ ئي انسان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي مناسب نموني تعمير ڪري سگھي ٿو. جنهن جو پهريون بنياد “ ايمان،اعتقاد يا يقين” آهي.اهو اهڙو جذبو ۽ طاقت آهي جيڪا انسان کي هر قسم جي وهم،گمان،خوف،پريشاني ۽ غيريقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي منجهس همت،جرئت،حوصلو ۽ ثابت قدميء جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ڪري ٿو.ايمان رڳو زباني دعوائن جو نالو ناهي پر اهو انسان جي وجود جي نس نس ۽ دل جي اندر گھر ڪري ٿو.انسان کي ٻين سان ظلم ڪرڻ،ٻين جا حق غصب ڪرڻ.برائيء کان بچڻ ۽ بنان ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪرڻ واريون خوبيون ايمان ۽ يقين جي دولت سواء پيدا ٿي نٿيون سگھن.شخصيت جي تعمير جي لاء ٻيو اهم بنياد “علم” آهي.ذات جي تعمير ۾ علم جي بنيادي حيثيت آهي.علم سواء انسان ڀلي ۽ بري ۾ فرق ڪيئن ٿو ڪري سگھي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ سنڌو ڪيئن ٿو ڪڍي سگھي؟جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ويو ته “اي رسول! انهن کي چئو ته علم وارو ۽ جاهل، بئي برابر ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟”  ۽ علم ۾ سڀ کان اتم علم پنهنجي ذات جي سڃاڻپ آهي جنهن کي“ نفس جو عرفان” چيو وڃي ٿو. شخصيت سازيء ۾ ٽيون مکيه ڪردار“ غور ۽ فڪر” جو آهي.ڪائنات ۽ ڪائنات جي مختلف شين تي غور فڪر ڪرڻ سان انساني شخصيت کي گھرائيء ۽ حڪمت (دانائي) جي دولت هٿ اچي ٿي.ذهن ۽ دماغ جا بند پردا کلڻ لڳن ٿا ۽ انسان سطحي سوچن جي ڄار مان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن جي نظر شين جي ظاهر سان گڏوگڏ باطن تي به پوڻ لڳي ٿي.انهيء کان پوء شخصيت جي تعمير ۾ “نيت ۽ ارادي” جو عمل دخل اچي ٿو.انهيء ڪري حديث شريف مطابق سمورن عملن جو دارومدار ئي نيت کي قرار ڏنو ويو.ايئن سمجھو ته نيت ٻج آهي ۽ ان مان عمل جو سلو اهڙو ئي ڦٽندو جهڙي نيت رکي ويئي هوندي.ان کان پوء “عمل ”جو وارو اچي ٿو يعني رڳو يقين ۽ خواهشن ذريعي ڪو مقصد حاصل ڪري نٿو سگھجي ان لاء سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا دارالعمل آهي.جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “انسان کي اهو ئي ملي ٿو جنهنجي هو ڪوشش ڪري ٿو.”
آخري بنياد“ عمل جو نتيجو يا ردعمل ” آهي جيڪو حقيقت ۾ سڀني کان اهم آهي .ڪاميابيء جي صورت ۾ انسان   غرور ۽ تڪبر جڏهن ته ناڪاميء جي صورت ۾ نااميدي ۽ مايوسيء  جو شڪار ٿي سگھي ٿو.اهي ٻئي ڪيفيتون انساني شخصيت لاء نهايت ئي نقصانڪار آهن.انهن ٻنهي حالتن ۾ ڪيئن توازن برقرار رکڻو آهي،اهو فن ڄاڻڻ ئي انساني شخصيت جو ڪمال آهي.
(روزاني عوامي آواز 12 جون 2018ع



Wednesday, May 2, 2018

ڪڍي ڪڪر اک جو!


نور محمد ججھي

نور محمد جنجهي
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 مئي 2018ع)
نور محمد جنجهي

Monday, April 23, 2018

اچو ته اصطلاحن سوچن ۽ لوچن جي نئين سر تشريح ڪريون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان جي سوچن ۽ لوچن تي اصطلاح ۽ انهن جون تشريحون گهرا اثر وجهنديون آهن، جيڪڏهن اصطلاحن جون غلط تشريحون ذهن ۾ ويهي ويون ته مقصدن ۽ منزلن جا دڳ پيچرا ئي بدلجي ويندا ۽ ڪيترين حالتن ۾ جتي اسان کي اوڀارو وهڻو ۽ وڃڻو آهي اتي لهنوارا پيا لڙهنداسين ۽ ڪڏهن ته طلبيل ماڳ مڪان  تي پهچي نه سگهنداسين.
مثال طور اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“. اسان کي ان جي تشريح اهڙي نموني سان سمجهائي وئي آهي ته سچ چوڻ وارو سدائين مزن ۾ هوندو آهي ۽ پيو خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ۽ سندس وار به ونگو نه ٿيندو. پر اهو ڪنهن نه ٻڌايو ته سچ ٽانڊن تي نچڻ جو نالو آهي. جيڪو سچ چوندو، ان کي ڀوڳڻو ئي پوندو، سچ پنهنجو معاوضو وٺندو آهي ۽ ڪنهن ڪمزور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ جڳهه وٺي نه سگهندو آهي. جيئن ٽانڊن تان لنگهڻ ڏکيو ڪم آهي، تيئن سچ چوڻ به معمولي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ ڏاهپ، دانشمندي ۽ جوڳيءَ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سچ جيڪڏهن صورتحال کي مناسب ۽ مثبت انداز ۾ نه ٿو بدلائي ۽ ان بدران سچ ٻڌندڙ کي ٽانڊن تان گذاري ٿو يا ان کي ٽانڊا ڏئي ٿو ته سچ جهڙوڪ پنهنجو ڪارج پورو نه ڪيو. ان ڪري ”سچ ته بيٺو نچ“ جي تشريح ائين ٿيندي ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو باغ بهار ٿيندا ۽ انهن کي اهڙي سوغات ملندي جو ان جي خوشيءَ ۾ پيا نچندا. ڏاها ماڻهو ائين سچ نه چوندا جو چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو ٽانڊن تان گذري.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ نراسائي ۽ نااميدي جي تشريح به غلط نموني سان ڪئي ۽ ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اديب، شاعر يا سماجي ڪارڪن اهو چئي يا لکي ته اسان کي ڪنهن خوش فهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي ته ماڻهو اسان جي عزت ڪندا ۽ اسان سان محبت ڪندا، اسان مان هر ڪنهن انهيءَ ماڻهو جي عزت ۽ محبت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ”ضرورت“ آهي يا جيڪو اسان جي ضرورت يا مجبوري آهي ته، اهڙي بيان کي سياسي سوچ رکندڙ ۽ هٿرادو نظرياتي ماڻهو مايوسيءَ وارو بيان سمجهندو.
جڏهن ته اها مايوسيءَ جي تبليغ نه پر، حقيقت ۽ صورتحال جي سچي ترجماني آهي. اها هر دور جي اڻ مٽ سچائي آهي ته ڪم واري ماڻهوءَ کي ئي چاهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. ماڻهون ڪم پرين ٿيندا آهن. اسان انهن لاءِ ضروري بڻجي پئون ٿا، جڏهن سندن ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. ايڌي عبدالستار، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي ان ڪري ماڻهن ۾ مقبول آهن، جو اهي ماڻهن جي ڪم اچن ٿا ۽ اهي ماڻهن جي ضرورت آهن. هن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان مان اهي انسان امر آهن، مقبول آهن ۽ مشهور آهن، جيڪي پنهنجي سيني، سوچ ۽ سپنن ۾ سماجي ڪارج جي قوت رکن ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن کي بدلائڻ گهرجي. اسان اجائين خوش فهمين جو شڪار نه ٿيون ته اسان جي علمي يا ادبي حيثيت، لياقتن ۽ صلاحيتن سبب ماڻهو اسان کي گهر ويٺي مڃيندا ۽ مٿي تي کڻندا. جيڪڏهن ڪو مڃتا نه ملڻ جي دانهن ڪوڪ ٿو ڪري، ته اهو مايوسي نه ٿو ڦهلائي، پر ٻڌائي ٿو ته هن جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪو نقص آهي ۽ هن سماجي ڪارج جون اڃا تقاضائون پوريون نه ڪيون آهن.
جڏهن ههڙي نموني نراسائي ۽ نااميدي جو احساس ٿئي ته پوءِ پڙهلين کي ذهني ۽ فڪري طور پڙهائڻ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. قومي مفڪرن ۽ دانشورن کي ڄڻڪ ان مان دڳ ملي ٿو ته هو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اها ڪمي پوري ڪن ته اهي ڪيئن سماج جو حصو بڻجن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
اهڙيءَ ريت سنڌ واسين جي سوچن ۽ لوچن ۾ کوڙ ساريون ٻيون به غلط تشريحون گهر ڪري ويهي رهيون آهن. مثال عورت غلطي يا گناهه ڪري ته پنهنجي انا واريءَ غيرت کي بچائڻ ۾ ان کي مارڻ کان به نٿا مڙون. پر ساڳيو ڏوهه پاڻ ڪنداسين ته جهڙوڪ خدا کان معاف ڪرائي پوءِ پيدا ٿيا آهيون.
اسان مهمان نوازي جي اهڙي ته غلط تشريح ڪئي جو ٻين جا ٻار ٻچا بچائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ٻچا ٻار رلائي ڇڏياسين. اسان کان اهو وسري ويو ته مهمان گهڙي پلڪ لاءِ ٿيندو آهي ۽ نه ڪي مستقل  گهر ڪري ويهي رهڻ وارو. اسان جي وڏڙن جي مهما نوازيءَ سنڌ جي جاگرافي،  نظريه ۽ سماج کي ڪاپاري ڇيهو رسايو. چوندا آهن ته مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ايندو آهي، پر اسان پنهنجو روز اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، جيڪي آيا ته ڏانڊي لاءِ پر هاڻي بورچي بڻجي رهيا ۽ ويا آهن.
اسان پنهنجي قدرن ۽ نظرين جي غلط تشريح اهڙي ته سکي ۽ ياد ڪئي آهي جو ٻار اسان لاءِ مڇ جو وار آهي، جيڏانهن چاهيون تيڏانهن کيس واريون. پر حقيقت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه جا منڪر ٿي پوندا آهيون ته جيڪو ٻار ڄمي ٿو، اهي پنهنجون انفرادي ۽ ذاتي لياقتون ۽ صلاحيتون کڻي اچي ٿو. اسان کي ته فقط ماحول پيدا ڪري ڏيڻو آهي، نه ڪي پنهنجي رنگ ۾ هر ڄاول ٻار کي ريٽو ڪرڻو آهي. ٻار نه فقط هڪ وجود آهي بلڪه مڪمل شخصيت آهي. هن جو به ايترو ئي ادب ۽ خيال ڪرڻو آهي، جيترو ڪنهن وڏي ۽ بزرگ جو. هو اسان جي مڇ جو وار ناهي، پر مستقبل جو ابو آهي.

Tuesday, August 9, 2016

آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا...!


اکين اڳيان اوندھ ورھائيندڙن کي ڪھڙي خبر ته خواھشن جي ڪا سرحد ناھي ٿيندي، ليڪا ته سياست جو ڪاروبار آھي، محبتن کي نقصان ۽ فائدي جي ڪھڙي پرواھ! ملڪن جون ڀلي ڪنڊيدار تارون ھجن يا وري گھرن کي ڏنل ٻاٻري لوڙھا، محبت لاءِ قيد جي ڪھڙي معنيٰ!؟ وجود جيڪڏھن ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ قيد به ڪري ڇڏجي ته ڇا محبت جو پويتر شعور قيد ٿي ويندو؟ جيڪو پويتر شعور انساني وجود ۾ به قيد نه ٿو ٿي سگھي، سو ڪنھن چؤديواري ۾ قيد ٿئي، سا ڳالھه ته ائين آھي جيئن سج کي غُسل ڪرائجي.... ممڪنات جي قيدي روحن کي اھا سادي ڳالھه به سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته ميلاپ رڳي جسمن جو نه پر شعور جو به ٿيندو آھي، جنھن ۾ به ٿڌا ساھ ھوندا آھن، ڀاڪرن جون ڀَريون ھونديون آھن، ڳوڙھا ھوندا آھن ۽ ٽھڪ به... جن ٽھڪن جو آواز ٻوڙا نه ٻُڌي سگھندا آھن... عشق ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ تي جو ڪجھه ھوندو آھي، اُھو ئي ته عشق ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن وچ تي ڪجھه به ناھي ھوندو ته پوءِ الائي ڇو قيدي روحن جا ڌڻي پنھنجي ئي قيد جي چوڪيداري ڪندا آھن. جتي ڪجھه به ناھي ھوندو، اُتي ئي ته سڀ ڪجھه ھوندو آھي، ممڪنات ۽ ناممڪن جي وچ تي اميدن جي اجائيپڻي کان سواءِ ڇا ھوندو آھي؟ پر پوءِ به اميدون سدائين ناھن مرنديون جو آسمان ۽ ڌرتي جو عشق لاحاصل ھوندي به قائم آھي. ڇو ته سندن جُز ۽ ڪل واري رشتي جي تاريخ لکين سال پراڻي آھي. اسان جي ڌرتي ۽ آسمان جي وچ تي ھر وجود جي وائِي جا ويري بڻيا آھيون، انھن کي ڪھڙي خبر ته آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا. جي احساسن کي نه ٿا ماري سگھون ته پوءِ آوازن کي زخمي ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور! پر اسان جا روح به قيدي پکين وانگر آھن، پڃرن ۾ رھي رھي قيد جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ جڏھن کين آزاد ڪيو وڃي ٿو، تڏھن به ھو پڃري کي ئي پسند ڪن ٿا ۽ پوءِ به ھو پڃرن ۾ ٻولين ٿا پر اھو قيدي پکين جو ڪلام ڪھڙي ڪم جو جنھن تي وڻ رقص ڪري نه سگھن!؟ اسان الاءِ ڇو اجايو ڪنھن ڪمري جا دروازا بند ڪري سمجھندا آھيون ته سج ناھي اڀريو، شايد پکين جي قيد وانگر اسان کان به اڏرڻ وسري ويندو آھي ۽ محروم ٿي ويندا آھيون، ان اتم اڏار کان جيڪا ڌرتي جا نياپا آسمان ڏانھن کڻي ويندي آھي. ڌرتي ۽ آسامان جي وچ تي جو ڪجھه آھي، اھو ڌرتيءَ جو درد آھي ۽ ڪائنات جو وڏو درد ئي ھيڪڙائي وارو عشق آھي، جنھن کي اسان نظرين جي پڃرن ۾ رھي قيدي عادتن وانگر رھڙي رانڀوٽا ھڻي لھو لھان ڪري رھيا آھيون.
خواھشن جون نديون سُڪنديون ناھن، انھن لاءِ سانوڻي سدائين ھوندي آھي. خواھش اميد جي ساڙوٽي ڀيڻ آھي، جنھن کي اھا خبر ناھي ھوندي ته من جي وڏ ڦڙي لاءِ بادلن جي ضرورت ناھي ھوندي. ائين جيئن اکيون ڪنھن ڪڪر کان سواءِ سارنگ بڻبيون آھن. گلن جو رنگ ڪھڙو به ھجي پر اھي پُرڪشش ھوندا آھن. رنگن تي پسند ناپسند جا عنوان اسان ڏيندا آھيون، جنھن سان گلن جي صحت تي ڪو فرق ناھي پوندو. ھو جنم وٺندا آھن پيش ٿيڻ لاءِ ۽ ھو وارن جي چوٽي ۾ ڄمندا آھن ته ڪتابن جي پنن ۾ به، ڪنھن شڪايت کان سواءِ سڪڻ ۽ ڀور ڀور ٿيڻ تائين پيا ھوندا آھن، ائين جيئن ڪنھن سيج تي ذرا ذرا ٿي به خوشبو ڏيندا آھن ۽ اسان فطرت جي ھر سيج کي ساڙڻ چاھيون ٿا ۽ نه ٿا سمجھون ته خوشبو اصل ۾ بدبوءِ جي احساس کي ختم ڪرڻ جو نالو آھي پر اسان لاءِ ڇو نڪ کي رڳي ساھ کڻڻ سمجھي ويٺا آھيون، تڏھن ته نه ٿا سمجھون ته اھي گلابن جا پتا ئي عشق جا آھن، جيڪي پنھنجو وجود ريزا ريزا ڪري به سيج جي سندرتا سنڀاليندا آھن... عشق آھي ئي سندرتا کي سنڀالڻ جو نالو پر سندرتا جي ادراڪ کان خالي قيدي روح حسن کي رانڀوٽا ھڻي رتو رت ڪندا پئي آيا آھن پر پوءِ به ھو پنھنجي اظھار کان ڪڏھن مڙيو آھي...!
حُسن مھمان آھي پر اسان سڀئي عقيدا، آدرش ۽ نظريا وساري ان مھمان کي ڀلجي آيل شڪار سمجھندا آھيون... اھو ئي ته الميو آھي چنڊ جي مستيءَ کي مات ڪرڻ جو، پر پوءِ چنڊ ڪڏھن رنو آھي؟ مستي، ھستي ۽ نيستي جو ڪائناتي ميلاپ ھوندي آھي، جتان سنسار کي معنيٰ ملندي آھي ۽ اسان ان معنيٰ جا ڪيئي قتل ڪيا آھن ۽ ان خونريزي جي تاريخ تمام پراڻي آھي پر اڃان تائين اھڙي ڪا عدالت نه لڳي آھي جا انصاف ڪري ۽ محبت جي مارِيُن تي ڪي تعزيراتون لڳن. چنڊ کي ٽڪرا ڪرڻ واري خواھش مان ڪجھه ناھي ورڻو، جو چنڊ سمنڊ جو وجود آھي ۽ صدين کان سمنڊ جي سڪائڻ جون خواھشون ئي انسان جو الميو آھن.... تھذيبن ته وڌيڪ وھشتن کي ڄڻيو آھي، تھذيب جي پنھنجي ڪک مان بندوق نه ڄڻي ھا ته اڄ ھي حسين دنيا پنھنجي حسن جي سَخا ڪري ھا ۽ ھر ڪنھن کي پنھنجي پَتيِ ملي ھا پر اسان جو بادشاھتن جا اُتم تاج جوڙيا ته بندوقن پنھنجو غليظ اظھار ڪيو.... وحدت جي المناڪ ورھاست ٿي، جنھن آزادي سان پنھنجي حسن جو اظھار ڪرڻ پئي چاھيو پر بندوقن جي بي رحم ڀئو، قبيلن کان وٺي قومن تائين ۽ نظرين کان وٺي لڪيرن تائين جي قيد جا وڏا ڪوٽ اڏي ڇڏيا ۽ سڏڪا حُسن لاءِ ھزارين سالن جو ڏاج بڻجي پيا ۽ عاشقي جي اکين مان اڄ تائين رَت ٺيِنڍيون ڪري وھي رھيو آھي.
رتُ جنھن کي دلبرين کان دورين لاءِ سڙڻ کپندو ھيو، اھو عقيدن لاءِ سڙيو ۽ اسان حسن مٿان ڪات اڀا ڪري بيٺاسين ته اڄ تائين اسان جي ڳچين ۾ بک ۽ بدحالي جا طوق پيل آھن. جو حسن سڀن جو ھيو، اُھو تنھنجو منھنجو بڻجي پيو ۽ اتان کان فطرت جي ڪنڌ ۾ ڪات لڳو جو اڃان تائين اُن جي ڳچيءَ مان رت ٽمي رھيو آھي ۽ جنھن ۾ اسان سڀ لُڙھي رھيا آھيون... اسان آسمان تي به خاردار تارون ٽنبڻ چاھيون ٿا ۽ ان خواھش جي ڪُک ۾ اسان جو پنھنجو ئي موت لکيل آھي... نه ٿا ڄاڻون ته اسان ھن جنت جھڙي ڪائنات ۾ نانگ پالي انھن کي آزاد ڇڏي ڏنو آھي، جيڪي ڪائنات جي ذري ذري ۾ زھر ڀري رھيا آھن... زھر جيڪو اسان جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙي رھيو آھي، اھو رڳي اسان کي انت طرف نه پر سموري ڪائنات کي انت طرف وٺي وڃي رھيو آھي... اسان زھر جي وجود جا موتمار عضوا بڻجي پيا آھيون ۽ اندر ۾ جيئرن وڇن لاءِ جايون جوڙي ڇڏيون اٿئون، جيڪي اسان جي زبان ۽ ڪردار مان ٻين کي ڏنگي رھيا آھن...
ڪھاڙا ۽ ڪرٽ جڏھن وڻن کي وڍيندا آھن، تڏھن وڻ روئندا آھن جو ڪھاڙن جا ڳَنَ به وڍيل وڻن جو وجود ئي ھوندا آھن، ائين بلڪل ائين... اسان به پاڻ کي ئي وڍي رھيا آھيون... وڻن جو ماتم اسان کي ٻڌڻ ۾ ناھي ايندو جو اسان جي شعور جا ڪن ٻوڙا آھن ۽ ضمير جون اکيون چُلهھ بڻيل آھن پر سچ ته وڻ روئندا آھن! جن کي اعتبار نه ٿو اچي اھي ڪنھن وڻ ھيٺان ويھي ڏسن ۽ غور ڪن ته پکين جون ٻوليون رڳي گيت ناھن ھونديون پر انھن ۾ اوسارا به ھوندا آھن ۽ اھي اوسارا وڻن جو وڇايل تڏو ئي ته ھوندا آھن پر الاءِ ڇو اسان ھن ڪائنات لاءِ ھڪ اھڙو خوف بڻجي پيا آھيون، جيئن ڪنھن ٻار جي روئڻ تي ماءُ ”گدڙ کائيندو“ جو دڙڪو ڏيندي آھي، اسان ڪنھن ماءُ جو دڙڪو به نه پر اھي گدڙ آھيون، جيڪي ڪائنات جي ھونگڙيون ڏيندڙ ٻارن کي کائي رھيا آھيون، عشق ٻار ٿيندو آھي، سا اسان کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آھي ۽ نه ٿا ڄاڻون ته وحدت ماءُ جي ڪک وانگر ٿيندي آھي، جنھن مان ڀٽائي ۽ سچو به جنم وٺندا آھن.
گوشت رڳي جانورن جو نه ٿو کاڄي، ڪائنات جي ھن جھان ۾ انسانن جا ڪاسائي به آھن، جن ڪڏھن ڀري بازار ۾ ماءُ سان رانديڪي لاءِ ضد ڪندڙ ٻار جو ننڍڙين آڱرين وارو ھٿ ننڍڙي ٻانھن کان جدا ڪيو آھي ته ڪڏھن ھستي جي انڪار لاءِ ويل عدم جي پانڌيئڙن جي مسافت کي به ڪُٺو آھي... ڪاسائي جيڪي ھڪ ھوندي به ڪيترن قبيلن ۾ بگھڙن جي ڌڻن وانگر ھلن ٿا، انھن سمنڊ کي به ڌماڪه خيز مواد آڇي خودڪشيءَ لاءِ اتساھيو آھي. ھو چنڊ جي پيٽ سان به بم ٻڌڻ چاھين ٿا، ھو چاھين ٿا ته مور جي ڳچيءَ ۾ بمن جو ھار پارائجي ۽ ندين جي پيٽ ۾ پاڻي بجاءِ بارودي مواد جا وھڪرا ھجن ۽ عورت جي چوٽيءَ ۾ گندرف جو تيل لڳل ھجي..... ھو بارود جي بدبوءِ جا ھيروئني موالي ٿي چڪا آھن، جيڪي ھيروئن جي پُڙيءَ لاءِ ماءُ جي ڪپڙن کي به وڪڻڻ چاھين ٿا، جيڪي ڪک کي ڪھن ٿا انھن لاءِ ان پوتي جي ڪھڙي معنيٰ جنھن ۾ حجابن جي حسين ڪائنات ھوندي آھي..... ھو ھر اھو لفظ شھيد ڪرڻ چاھين ٿا جنھن ۾ حسن، پيار، عشق ۽ اوسيئڙن جو اظھار ھجي..... ھو ھر اظھار جو قتل چاھين ٿا ۽ چاھين ٿا ته انساني آزاديون پکين جا پڃر بڻجي وڃن، محبتن جي سسي پٽي وڃي ۽ اکين جي ندين کي ھميشه لاءِ بند ڪيو وڃي ته جيئن ڪو ڳوڙھو ڳلن کي غسل نه ڪرائي سگھي، جو ڳوڙھا رڳي درد جا ناھن ٿيندا.... محبوب سان وڇوڙن کان پوءِ واري ميلاپ کي به ڳوڙھا ٿيندا آھن...
ندين، نارين، نوجوانن ۽ ٻاتڙين ٻولين جي قاتلن جا قبيلا نه ٿا ڄاڻن ته ھو وحدت الوجود جي اھا رت ڳڙي آھن جيڪا سندن ئي بدن مان گند اوڳاڇي ڪائنات ۾ ھڪ اھڙي ڌپ ڦھلائي رھي آھي، جنھن سان ھن حسين ڪائنات جو ساهه ٻوساٽجي رھيو آھي... ھا وحدت الوجود کي به تڏھن رت ڳڙي نڪرندي آھي، جڏھن اسان ٻيائي جي ٻرندڙ آڳ تي پنڌ ڪندا آھيون ۽ وحدت الوجودي حسن جڏھن روئندو آھي ته دنيا اندر ڀٽائي پيدا ٿيندا آھن ۽ سچل جون صدائون ڪائنات جي زخمن تي پھا رکنديون آھن ۽ پوءِ حسن ۽ عاشقيون وري جيئندي ڪائنات جا ڳوڙھا اگھنديون آھن.......
(روزاني عبرت)

Tuesday, August 2, 2016

سڀِ سَڀوئي حال، مَنجھان ئي معلوم ٿئي!


آخر ھي ڪھڙي مام آھي جنھن ۾ پاڻ ئي جل جلاله آھي ۽ پاڻ ئي جان جمال به، وري پاڻ ئي صورت پرين جي ٿيو پوي ۽ پاڻ ئي حسن جي ڪمال تي پھتل آھي. ڪڏھن پير ٿئي ته وريو ڪڏھن مريد ٿيو پوي ۽ خيال به پاڻ ئي آھي، جنھن جي سموري خبر ۽ احوال به اندر مان ئي معلوم ٿيو وڃيس...
پاڻَهِين جَلّ جَلاله، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پرينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
اندر ۾ ئي جي سڀ ڪجھه موجود آھي ته پوءِ اسان پنھنجو پاڻ کان ڇو نه ٿا پڇون؟ ۽ ڇو نه ٿا ڄاڻون ته ھي جلوا ۽ جلال اسان جي من ۾ آھن، حسن به اسين پاڻ آھيون، محبوب جي صورت به اسين خود آھيون ته پوءِ ھي ٻيون صورتون ڇا جون آھن جن تي موھجي پئون ٿا، پير ڪير آھي ۽ مريد ڇا آھي؟ جي پير آھيون ته ڪنھن کي ويٺا ھدايتون پھچايون ۽ وري جي مريد آھيون ته ڪنھن کان ويٺا ھدايتون وٺون، جو ٻئي شيون ته اسان پاڻ آھيون ۽ ان سموري حقيقت جي معلومات به اسان جي اندر ۾ آھي. جي سڀ ڪجھه جا ڌڻي اسان آھيون ته پوءِ ھي تلاش، ھي موھ، مھانتا ۽ ماتم ڪنھن لاءِ ڪندا آھيون؟  ھي سوال جو صدين کان اڃارو آھي ۽ ھميشه يتيم رھندو آيو آھي، اڄ تائين ڪنھن به ھن معصوم سوال جي مٿي تي ھٿ ناھي رکيو ۽ ھر ڪو پنھنجي من جون ڳالھيون ان سوال جي جھولي ۾ وجھيو ھليو وڃي ٿو ۽ سوال ويچارو ڪڏھن ڪھڙي سمنڊ ۾ غوطا کائي ته ڪڏھن وريو ڪٿي پيو ساھ ٻوساٽجيس...
غور ڪريون ته ھي جو بمن ۽ بارود جي راند کيڏي رھيا آھن ۽ جن جو جياپو رت پيئڻ تي آھي، انھن جي اندر ۾ انھن سوالن جا جواب ڇونه آھن جي ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“ ٿو ته.... يا انھن کي اھو معلوم ٿيو آھي ته بارود جي باھ ئي حق آھي ۽ جي اھو حق آھي ته پوءِ ٻيائي ڇا آھي؟ ۽ ڪنھن سان آھي؟ ڇو آھي؟ ماجرا ڏاڍي ڏکي آھي، ڳالهه چڙھيل ٿي ڏسجي...
انسان جي شعوري المين ۾ ھڪ وڏو الميو اھو به باسي ٿو ته ھو  انصاف ڪندڙ نه آھي، جو کيس پسند اچي ٿو ان کي ئي حق سمجھي ٿو ۽ اھو ئي سندس لاءِ جائز آھي... جي ائين نه ھجي ھا ته اھا ڪھڙي ڳالهه آھي جا ھڪ انسان کي پيٽ سان بم ٻڌي پاڻ ۽ ٻين (جن ۾ به ھو پاڻ آھي)کي رت سان وھنجاري ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي؟ ھي سموري دنيا جنگي حالت جو شڪار ٿي چڪي آھي سا ڪنھن سان جنگ ڪري رھي آھي ۽ ڇا جي جنگ آھي؟ پنھنجو پاڻ سان جنگ....؟
ھا اسان پنھنجو پاڻ سان وڙھي رھيا آھيون، پنھنجي وجود واري  فنا جي سفر جا راھي بڻجي پيا آھيون جنھن ۾ اسان جي عمرين جو ڪو تعين ناھي، جنھن ۾ اسان جي حسن جو ڪو حساب ڪتاب ناھي، جنھن ۾ اسان جي معصوميت به رت سان لت پت آھي، تنھنڪري ھن دنيا مان سونھن موڪلائي وئي آھي ۽ جڏھن دنيا مان سونھن رُسي وڃي ته پوءِ ڇا جي دنيا ۽ ڪنھن جي دنيا؟ اسان جيڪي جيِ رھيا آھيون ھن دنيا ۾، سا ھڪ اھڙي دنيا بڻي آھي، جيڪا اسان لاءِ اوپري آھي ۽ اسان جلاوطن ٿي جيئڻ لاءِ مجبور آھيون جو اسان جون اکيون رڳي ٻين کي ڏسي رھيون آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ لاءِ انڌيون آھن، پاڻ پسڻ لاءِ اسان نابين بڻيل آھيون تڏھن ته اسان جي حواسن ۾ خوشبوءِ بجاءِ بارود جي بوءِ حڪمراني ڪري رھي آھي، بلڪه اسان خود بارود جا واپاري ٿي ڪري پنھنجي ئي وجود سان ويڙھاند ۾ مصروف آھيون..... جو چون ٿا ته وحدت الوجود جھڙو نفيس سچ زماني جي وھنوارن لاءِ خطرو بڻيل آھي.
ھا ڀٽائي صاحب اسان کي جا ڳالهه صديون اڳ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي سا ڳالهه اسان اڄ تائين سمجھي نه سگھياسون ۽ ھيڪڙائي کي جو سنگسار ڪيوسين ته اڄ تائين ڪڙين ڪثرتن جي ڀيانڪ ڪُن ۾ غوطا کائي رھيا آھيون ۽ اھو به ھڪڙو وڏو سنگين الميو آھي ته ڪي ڳالھيون صدين تائين سمجهھ ۾ ناھن اينديون يا وري زماني جا مالڪ اسان جي وجود سميت اسان جي شعور تي به پھرا لڳرائي ڇڏيندا آھن، ائين ئي آھي.... اسان ڪڙي نگراني ھيٺ بدبودار ماحول ۾ جي رھيا آھيون ۽ ان ڌپ اسان جي حواسن تي ايتري ته حڪمراني ڪئي آھي جو اسان وٽان خوشبو جا احساس ئي شھيد ٿي ويا آھن.
نه ته ڀلا سڀ سڀوئي حال اسان منجھه موجود آھي ته پوءِ ھي وارتائون ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون؟ بس اندرکي جيئن جوڙيون!! جنھن کي جيئن صحيح ۽ غلط سمجھون!! پر جي عقل جي اک سان ڏسون ته ڀٽائي سائين ڪائنات کي سمجھڻ لاءِ خود ڪائنات جيڏي وڏي ڳالهه ڪري ويو آھي....
اسان مان ھر ھڪ حسن آھي ۽ اسان ئي عاشق به آھيون ته معشوق به،پرين به پاڻ آھيون جو وحدت جي دنيا ۾ ڪثرتون ته ان جو صرف اظھار آھن ۽ جڏھن اسان ڪثرتن سان عشق ڪندا آھيون ته اصل ۾ پاڻ سان ئي عشق ڪندا آھيون. اسان کي جو ڪجھه موھت ڪندو آھي، اھو ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ ھوندا آھيون جو اسان وحدت جي ان وجود ۾ رھندڙ آھيون، جنھن کي ڪائنات سڏجي ٿو، پوءِ جڏھن مزي وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان  پنھنجن ئي ڪثرتن جي جھان ۾ پِيرَ به ٿي پوندا آھيون ته وري مُريد ٿيڻ لاءِ به دل چوندي آھي جو ڳالهه ته سموري مزي جي آھي.... سڀ ڪجھه خيال ئي ته آھي جو سوُنھون آھي سموري سنسار جو....  ۽ جڏھن ان خيال جي چيچ جھلجي ٿي ته اسان ڪنھن ڳولا لاءِ نڪتل باسون ٿا ۽ ڳوليندي ڳوليندي، جيڪي ڀٽڪڻ کان بچي وڃن ٿا، سي جڏھن پنھنجي منزل جي ويجھو پھچن ٿا ته کين پنھنجو پاڻ سان ئي ملاقات ٿئي ٿي ۽ اھا ملاقات به ڪا جھڙي تھڙي ملاقات ھجي ٿي؟ ھر گز نه! پنھنجو پاڻ سان اھو ملڻ ان عظيم سچ جو لڀي پوڻ ھجي ٿو، جنھن سچ لاءِ صدين کان انسان تڙپندو رھيو آھي ۽ اھو ئي سچ آھي، جنھن سچ جي تلاش ۾ ڀٽ ڌڻي ڪائنات جي اصل راز کي سمجھي ان نتيجي تي پھتو ھيو ته ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“.... سو ھي سمورو سنسار اسان جي اندر ۾ ئي آھي جنھن سان ملاقات لاءِ اسان کي پاڻ سان ملاقات ڪرڻي پوندي، جنھن سان ڪثرتن جا ڪروڙين رنگ رڙيون ڪري چوندا ته تون تون.... مان مان..... نه! بس رڳي تون ھي تون.
 (روزاني عبرت)

Monday, July 18, 2016

مفادن جون ذلتون


سون ورني سنڌ سدائين لڄپال ۽ لک پال رهي آهي، هي اهو خطو آهي جتي جي زرخيزي، خوشحالي، خوبصورتي، سرسبزي ۽ سونهن دنيا جي ڏتڙيلن کي هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي ۽ جيڪو به هتي آيو آهي (سواءِ ڀائي لوگن جي) اهو هن مٽي جو ئي ٿي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي سرزمين ۾ دنيا جي هر جاگرافيائي رنگ کي اوهان ڏسي سگهو ٿا، هر موسمي انڊلٺ کي محسوس ڪري سگهو ٿا اتي هر رنگ ۽ نسل جا فرد پڻ هن ڌرتي تي ”سنڌي“ بڻجي رهندي- ڏسڻ ۾ ايندا.
سنڌ اها ڌرتي رهي آهي جنهن نفرتن کي هميشه ناڪار ڪئي آهي ۽ محبتن کي من ۾ ويهاريو آهي. هتي جڏهن به مذهبن ماڻهن کي منجهايو آهي ته ڪو سچل، ڪو سامي، ڪو صوفي شاهه عنايت، ڪو لاکيڻو لطيف ڪر کڻي جاڳيو آهي ۽ هُن محبتن جا گلاب پوکي ٻيهر ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو آهي پر هي ته ”ڪُل جُڳ“ آهي. سولي سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن چئون ته مشيني ماحول- جتي هر فرد مشين بڻجي ويو آهي. سوچون سوارٿ جي چوڦير ڦرن ٿيون، مطلب ته ”پهرين پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا.“ ان خود پسندي، خود نمائي ۽ پنهنجو ڀڀ ڀرڻ واري دؤر ۾ ٻيهر ڪجهه فرد نفرتن جو فصل پوکڻ لاءِ زمين سنوارڻ جي ڪرت کي لڳا آهن. ڇاڪاڻ ته کين انهيءَ فصل مان ڊالرن جي اپت ٿيڻ جي اُميد آهي. ڏيساور ڏسڻ جي آس آهي، سندن بنگلن کي محلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لالچ آهي، ڪارن کي پراڊو ۾ بدلائڻ جي سوچ آهي، باقي غريب ۽ پيڙهيل ماڻهن سان ڪا جُٺ ٿئي ٿي، انهن لاءِ ”سانون ڪي؟“.
ٿيو هيئن آهي ته ڪجهه فردن کي مٿان  کان ڪو ”نوٽن سان ڀريل دهل“ مليو آهي جنهن تي هو ”دلت“ جي وڄت ڪري رهيا آهن. چون ٿا ته هن ڌرتي جا اصل ڌڻي جيڪي ڪجهه دراوڙ قبيلا آهن اهي نه هندو آهي، نه سنڌي آهن، اهي سي پي ڄائي سندن بابا صاحب جي قول موجب ”دلت“ آهن، انهن کي باقي معاشري کان ڌڪي ڌار ڪري هو کين سندن ”حق“ وٺي ڏيندا. انهن جي ڳڻپ به الڳ ڪرائيندا، انهن لاءِ ”ڪوٽا“ به الڳ رکرائيندا ۽ انهن کي اسيمبلين ۾ سيٽون پڻ الڳ ڏياريندا.
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي فرد جن مان ڪجهه ته نه انهن جاتين مان آهن ۽ نه ئي انهن جي ڌرم ڪرم ۾ سندن ساٿي، انهن ته پنهنجي ابن ڏاڏن پاران ڏنل پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ ڇڏي ماڊرن نالا ۽ ماڊرن انداز اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻي هليا آهن سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي سندن اصلوڪي سڃاڻپ ڏيارڻ ڪيڏو ته مذاق آهي! دراصل اسيمبلين ۾ سيٽون وٺڻ سندن ئي سرواڻ جو سپنو آهي جنهن لاءِ هو غريبن کي سيڙهي وانگر استعمال ڪرڻ ٿا چاهين.
انهن ۾ وري سڀ کان گهڻو ڳالهائيندڙ فرد جنهن پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ ڇڏي صوفي جي نانءُ ۾ پناهه ورتي اهو وري آکي ٿو ته سنڌ ۾ نه محبت رهي آهي نه سهپ واري نه ئي صوفياڻي سڃاڻپ آهي سنڌ ۾. سندس هيرو بن قاسم آهي جنهن سندن چواڻي کين براهمڻ راڄ کان نجات ڏياري. ڀاڳن جا ڀريا جيڪڏهن سنڌ صوفياڻي نه هئي ته توڏي ڪهڙا چڱا مڙس ميڙ کڻي آيا هئا ته تون پنهنجي نانءُ سان صوفي جو پُڇ ڳنڍ! تو اها سڃاڻپ ڇو اختيار ڪئي. انهن جو چڱو مڙس جنهن ٿر جي نالي تي پنهنجي ڪکائين گهر ۾ هڪ ديپ جلائي، ان کي محل بڻايو ۽ سڄي ٿر کي اهڙو ته قرضي بڻايو جو اڄ به روزانو ڪيترائي ڪاٺ ۾ ٿا وڃن ڇو ته انهن پنهنجن ئي گڏ ڪيل پئسن مان ”قرض“ کنيو هو. اهو همراهه جنهن کي ٿر رڳو ان لاءِ وڻي ٿو جو اهو هُن لاءِ ڊالر ڇپڻ واري مشين آهي ۽ ٿاريلا ان لاءِ وڻن ٿا جو اهي سندس وکر آهن جن کي وڪڻي هو محل پيو اڏائي ۽ بئنڪ بئلنس پيو بڻائي. ان همراهه جڏهن پٽ پرڻايو ته وي آءِ پيز لاءِ الڳ طعام تيار ٿيا هئا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ شاميانا لڳايا ويا هئا ۽ غريب غربي لاءِ دال ڀت الڳ، اهو ٿو چوي ته آئون برابري جو دعويدار آهيان ڀلا ڀاڳ. دراصل کيس سياست ۾ سڌو ايوان پهچڻ لاءِ اڀو ٽپو ڏيڻ لاءِ ڪنهن لانچنگ پيڊ جي ضرورت آهي ۽ اهو کيس انهن برادرين جي غربت جي صورت ۾ مليو آهي.
چڱا چون ٿا ته هن وقت سنڌ جا ٻه وکر عالمي منڊي ۾ سڀ کان وڏي قيمت تي وڪامن ٿا ۽ انهن جا خريدار به هڪيا حاضر هوندا آهن، اهي آهن ”غربت ۽ محرومي“. هي ”دلت“ جا دهلاري به اهي وکر وڪڻي ڪروڙ ڪمائڻ وارا آهن، انهن پنهنجا پراڻا پروجيڪٽ پورا ٿيڻ بعد ڌنڌي ڌاڙي لاءِ نوان گس پي ڳوليا ته کين اسان جا اهي ڀائر نظر اچي ويا ۽ سندن ڄڻ ته پنج ئي گيهه ۾ پئجي ويون. مٿان وري هڪ اڻ ڏٺل اشارو به کين انهي گس تي هلڻ لاءِ ملي ويو سو اهي هليا آهن غربت ۽ غريبن کي وڪڻڻ.
اچو ته ڇيد ڪريون ته اها ذلت واري ٻه منهين بلا آخر نڪتي ڪٿان ۽ سنڌ ۾ سندس ڪو وجود به آهي يا نه.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڀارت جي قانون واري پهرين وزير ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر جنهن کي سندس ئي رياست جي راجپوت راجا پرڏيهه پڙهائي پرويڻ بڻايو تنهن پاڻ سان ڪجهه فردن پاران ڪيل ڪُڌي رويي جو بدلو وٺڻ لاءِ سڄي برادري ۽ ان سان لاڳاپيل برادرين کي الڳ ڪري بيهاريو. هو جيئن ته ڀارتي آئين جو خالق هو ان ڪري هو ان پوئتي پيل ۽ ڏتڙيل برادرين کي تعليمي ميدان، نوڪرين، پارليامينٽ ۽ مڪاني ادارن ۾ بهتر ڪوٽا ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو بعد ۾ هُن هزارين ماڻهن سان گڏ مذهب تبديل ڪري ٻڌ ڌرم قبول ڪيو.
هي ان وقت جو قصو آهي جڏهن گڏيل هندستان انگريزن جي راڄ هيٺيان هوندي به مختلف راڄواڙن ۽ بادشاهن توڙي نوابن جي سڌي راڄ هيٺ هو ۽ ان وقت هندو برادرين ۾ موجود سماجي ويڇن سبب ڪيتريون ئي برادريون پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي خراب صورتحال ۾ محسوس ڪنديون هيون. ان صورتحال دلت تحريڪ کي جنم ڏنو جيڪا شيڊيولڊ ڪاسٽ لاءِ ڪوٽا تي ختم ٿي، ان بعد انهن برادرين جي ترقين جو هڪ دور شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهن کي 18 سيڪڙو ڪوٽا زندگي جي هر شعبي ۾ ملڻ لڳي. ڀارتي آئين موجب هر 5 سالن کانپوءِ شيڊيول ڪاسٽ ڪميشن جو اجلاس ٿيندو آهي جنهن ۾ ان فهرست ۾ موجود برادرين جي اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انهن کي ڪوٽا جي ٻين فهرستن ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ڪاسٽس، شيڊيول ٽرائيب ۽ ادربيڪ ورڊ ڪاسٽس جي نالي ۾ مختلف ڪوٽا مقرر آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوٽا شيڊيول ڪاسٽن کي مليل آهي.
هاڻي اچون سنڌ جي صورتحال تي، ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جو حصو هجڻ ڪري انهن سماجي اڻ برابرين ۽ اڻ سهپ جو اثر سنڌ تي به ٿورو گهڻو هو پر ملڪ جي آزادي کانپوءِ اڪثريت ۽ اثر رسوخ وارين قوتن ۽ برادرين جي تبديلي سبب آهستي آهستي اهي ويڇا ۽ برايون ختم ٿيڻ لڳيون. سڀ کان وڏي تبديلي تعليم آندي جيڪا هتي هر ڪنهن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ميسر آهي. ان ڪري تعليم جي نعمت مان سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن برادرين ورتو جن وٽ عام زندگي ۾ وسيلن جي اڻهوند کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو. هتي موجود زميندار طبقي جي ماڻهن پاڻ وٽ زميني وسيلا ۽ انهن جي بهتر اُپت هجڻ سبب تعليم ڏانهن ڪجهه گهٽ ئي ڌيان ڏنو، واپاري طبقي پڻ صرف بنيادي تعليم کي پنهنجي نئين نسل لاءِ ضروري سمجهيو ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي ڪاروبار کي هلائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ جيتري سمجهه، لياقت ۽ علم جي ضرورت هئي انهن ان تي ئي ڌيان ڏنو. باقي رهيو اهو طبقو جيڪو اقتصادي طور پوئتي پيل ۽ ڏتڙيل هو، ان تعليم کي پنهنجي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ ان جو نتيجو اڄ اوهان ۽ اسان آڏو آهي ته ملڪ ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ اسان انهن پوئتي پيل برادرين سان لاڳاپو رکندڙ فردن کي اهم عهدن تي براجمان ڏسون ٿا.
رهي ڳالهه ڇوت ڇات واري ته اها به ورهاڱي کان اڳ جي بيماري هئي ۽ آزادي بعد علم ۽ شعور وڌڻ سان گهٽجندي رهي ۽ هاڻي اُها اتي به محسوس نٿي ڪئي وڃي جتي علم جو سهائو اڃا تائين نه پهتو آهي.
مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته جڏهن پروجيڪٽي پنڊتن کي پنهنجي بئنڪ بئلنس ۾ ڪجهه ڪروڙن جو واڌارو ڪرڻ لاءِ دلت جو دهل وڄائڻ جي ڪِرت هٿ آهي تڏهن انهيءَ وڄت جو سڀ کان وڏو مخالف انهن ئي برادرين جو پڙهيل لکيل ۽ شعور رکندڙ نوجوان آهي، جيڪو ٻيهر انهن ذلتن جي اونداهين ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي.
ڪيتري نه عجب ۽ اڻ سهندڙ ڳالهه آهي ته اهي ذلتن جا سوداگر چون ٿا ته اهي هندو ناهن پر سندن سرٽيفيڪٽن تي مذهب جي خاني ۾ اڄ تائين هندو ئي لکيل آهي، اهي جيڪڏهن پاڻ کي امبيڊڪر جا پوئلڳ سمجهن ٿا ته کين پنهنجي بابا صاحب جي پيروي ڪندي ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪري ان بعد اها دعويٰ ڪرڻ گهرجي. اهي چون ٿا ته اهي غريب دلتن کي براهمڻن ۽ واڻين جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائيندا. انهن عقل جي انڌن کي خبر ناهي ته اسان جي غريب برادرين جي اڪثريت جيڪي هر هاري آهن اهي جن زميندارن جي ”نجي جيلن“ مان آزاد ڪرايا ويندا آهن انهن ۾ اڌ سيڪڙو به براهمڻ يا واڻيا ناهن. ٻيو ته سندن ئي چواڻي سندن هيرو بن قاسم کين براهمڻ راڄ مان آزاد ڪرائي ورتو هو ته ان کان 13 سئو سال پوءِ اوچتو ئي اوچتو رات وچ ۾ براهمڻ راڄ ڪٿان نڪري آيو؟ جڏهن اسين هن ملڪ جي عتاب هيٺ آيل اقليتن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ظلم جي سيڪ هيٺ آيلن ۾ سمورا محمود ۽ اياز هڪ ئي صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. نياڻين جي جبري مذهب تبديلي وارو ظلم هجي، ڀُنگ لاءِ اغوا هجي، ڀتي جون ڌمڪيون هجن يا ٻيا ظلم، هندو برادري سڄي انهيءَ عتاب جو شڪار آهي، واپاري برادريون ان جو ڪجهه سرس ئي شڪار ٿين ٿيون، رهيا براهمڻ ته اهي ويچارا سدائين انهن ئي برادرين جي جڻين، ڪريا ڪرم، نانءُ ڏيڻ ۽ سُوتڪا ڪڍڻ واري ڪرت ڪري پنهنجي پيٽ پورت ڪن ٿا، ڪيترا ته ڪراچي جي انهن فيڪٽرين ۾ بورچيخانو سنڀاليندي نظر ايندا جن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن گهڻو ڪري انهن ئي غريب برادرين مان هوندا آهن. اهي جيڪي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ انهن ئي برادرين تي دارومدار رکن ٿا اهي ڪهڙو مٿن ظلم ڪندا. هاڻي جيڪڏهن اهي پروجيڪٽي پنڊت ڪوٽڙي جي هڪ ڪنڊ ۾ قائم هڪ ننڍڙي هڪ ڪمري واري هوٽل يا مٺي ۾ ڪنهن فرد پاران وڌيڪ گراهڪ اچڻ جي لالچ ۾ ٺاهيل ڪنهن برادري هوٽل کي کڻي سموري سماج جي منهن تي دانگي ملڻ جي سوچ ۾ آهن انهيءَ کي ڪو ذي شعور شخص قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهي ڇاڪاڻ ته انهن ئي شهرن ۾ سوين اهڙيون هوٽلون پڻ موجود آهن جن تي سمورا فرد بنا ڪنهن فرق جي کائن پيئن ٿا.
اصل ڳالهه اها آهي ته سدائين مذهبن جي نالن تي ورهايل هن ملڪ جي اقليتن گذريل ڪجهه سالن کان گڏيل طور تي حقن جي جدوجهد شروع ڪئي آهي جنهن ۾ جديد سائنسي بنيادن تي سروي ۽ تحقيق ڪري انگ اکرن ساڻ سياسي ۽ حڪومتي ڌرين سان لابنگ ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه دوست انهن ئي گڏيل پليٽ فارمن تان ملڪ جي اعليٰ ترين انصاف وارن ادارن تائين پهتا جتان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلي هڪ هلچل مچائي، 68 سالن ۾ پهريون ڀيرو اقليتن لاءِ قانون سازي ٿيڻ لڳي، حڪومتون ان ڳالهه تي سنجيده ٿيون ته مذهبي اقلتين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪرڻ انهن ڌرين لاءِ انتهائي ڏکيو ٿي پيو جيڪي اقليتن کي حق ڏيڻ جي حق ۾ ناهن. انهن ڌرين جي هٿن ۾ هميشه ڪجهه گڏيون هونديون آهن جن کي ضرورت پوڻ تي پُتلي تماشو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿو ويندو آهي. هي پڻ هڪ اهڙو ئي پتلي تماشو آهي.
 ان معاملي جو هڪ ٻيو ۽ اهم پاسو اهو به آهي ته اڄڪلهه ٿر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي اڻ الاعلانيل طور تي ڪجهه ويڙهاڪ ڌرين جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي مذهبي تعليمي ادارن جي نالي ۾ پنهنجا قلعا جوڙي رهيون آهن پر جيئن ٿر جتي 50 سيڪڙو ۽ ڪٿي ان کان به وڌيڪ آبادي هندو برادرين سان لاڳاپيل آهي ۽ انهن اندر نه ڪي فرقيوار تڪرار آهي نه ڪي طبقاتي جهيڙا آهن، انهيءَ محبتن جي مانڊاڻ ۾ انهن ڌرين کي اُتي پير کوڙڻ ۽ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ان ڪري هندو برادرين ۾ ڪي هٿ ٺوڪيا تڪرار پيدا ڪري انهن ۾ ويڇا وڌائڻ واري ايجنڊا پڻ پروجيڪٽي پنڊتن کي مليل آهي اهي اهو مٺو زهر پکيڙڻ جي ڪم ۾ رڌل آهن.
کين خبر ناهي ته اهو ٿر جنهن جي سڀ کان وڏي مندر ”پير پڇمائي آشرم“ ڏيپلو جي مهنت اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو راما ٻائي صاحبه رهي جنهن جي پوئلڳن ۾ اهي سموريون برادريون شامل آهن جن کي هي دوست ظالم سڏين ٿا جن کي شايد اهو پتو ناهي ته راما ٻائي صاحبه جنهن جي آشيرواد جو هٿ مٿي تي اچڻ کي ماڻهو خوشقسمتي سمجهندا هئا، اها ٺاڪرڙا ڪولهي برادري سان لاڳاپو رکندڙ هئي، انهن دوستن کي شايد  اهو به پتو ناهي ته عوامي خدمت لاءِ مشهور ٿر جي مشهور سنت نيڻو رام جي آشرم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ آشرم جي مک دروازي تي موجود ڀڳت چاندا رام ميگهواڙ جي سماڌي جي حاضري ڀرڻ لازمي آهي. اڄ به ان آشرم ۾ آرتي ماستر نانڪرام مينگهواڙ ڪندو آهي ۽ کين اهو ته هرگز پتو نه هوندو ته نيڻو رام جي ميلي جي شروعات هميشه مراد فقير پاران ڀڄنن جي چوڪڙي ڳائڻ سان ٿيندي آهي ۽ اهو ميلو لڳائيندڙ اسلام ڪوٽ جي لوهاڻا برادري آهي جن کي هنن ظالمن جي لسٽ ۾ درج ڪيو آهي انهن کي صرف هڪ خبر آهي ته ماڻهو ۾ نفرتن جو زهر ڀرڻ، پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀرڻ لاءِ لازمي آهي ۽ ان لاءِ هنن ذلتن جي پرچار کي پنهنجو مشن بڻايو آهي پر هن ملڪ جي غريب هندو برادري جا ماڻهو ايترا به اٻوجهه ناهن جو ذلتن جي سوداگرن جي پنجوڙ ۾ ڦاسي ٻيهر اونداهين ۾ ڌڪجن. عوام کي اها خبر آهي ته جيڪي فرد اڄ به ايوانن ۾ هندن جي سيٽن جي چونڊجي اچڻ بعد ”آئون دلت آهيان“ جا پوسٽر کڻي بيهن ٿا انهن کي اهي سيٽون پهريون ڀيرو نه مليون آهن، اهي سدائين هندن جي گڏيل ووٽن تي چونڊجي ايوانن تائين پهتا، نه رڳو اهي فرد پر گلجي رتن جي مينگهواڙ پارو مل ڪولهي، لالا مهر لال ڀيل، ڪرشن لال ڀيل، ڀيرو لال ٻالاڻي، انجنيئر گيانچند، پونجو مل ڀيل، ڪانجي رام مينگهواڙ سميت ڪيترائي نام ڪٺيا فرد انهيءَ سياسي سفر ۾ ايوانن جو سير ڪري چڪا آهن. انهن جي پورهئي کين اوستائين رسايو هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد رڳو ڊالرن جي چمڪ ذريعي شارٽ ڪٽ ڪري ايوان تائين رسڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ به ڪيئي گئس موجود آهن پر خدارا غريب برادرين کي پنهنجن مفادن لاءِ ذلتن جي اونداهين ۾ نه ڌڪيو.
(روزاني عبرت)

Tuesday, July 12, 2016

مئن مٿان مامرا، هيئن نه وجهجن هوت

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
زندگي ۽ موت سچائيءَ جي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪنهن به پاسي کي خالي رهڻو ڪونهي، جيڪو گهڙو ٺهيو آهي سو اوس ئي ڊهي. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته ”مرڻو ناهي ميار، پرڻو ناهي گار“. هن فاني دنيا ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين بيشمار انسان ڏٺا ۽ هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو. اهو سلسلو تيستائين قائم رهندو جيستائين دنيا قائم آهي.
ماڻهو ڄمندا به رهندا ته مرندا به رهندا. پر انهن واقعن تي ردعمل قومن جي نفسيات جي تصوير چٽيندا آهن. مشرقي ملڪن ۾ انسان دوستي ڪنهن حد تائين وڌي وڃي انسان پرستي بڻجي پوي ٿي. اهو انسان جو ڪمال آهي جو پاڻ جهڙي انسان کي پنهنجي محبت ۽ عقيدت سان ايترو ته مٿي کڻي وڃي ٿو جو هن جي انهيءَ آدرش جو جيڪو نانءُ وٺي، تنهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کان به نٿو لهرائي. آدرش ۽ اڳواڻ هادي ۽ رهبر ڇڙوڇڙ ٿيل قوم کي ايڪي ۽ اتحاد جي مالها ۾ موتين جا پوئيندا آهن ۽ نظرياتي خواهه فڪري تربيت ڪندا آهن. پر جيڪڏهن اها آدرش دوستي آدرش پرستيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ غلاميءَ جو نئون زنجير ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي وڃي ٿو. اسان وٽ تقريبن ائين ئي ٿئي ٿو. نتيجي طور شخصيتون ۽ آدرش اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ نظريا خواهه اصول نظرانداز ٿي وڃن ٿا. آدرش پرستي جا شائق اهو وساري ويهن ٿا ته آدرش به انسان ٿيندا آهن ۽ اهي بي مثال خدمتن خواهن خوبين باوجود ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن غلطيءَ جا مرتڪب به ٿيندا آهن. ان ڪري آدرشن کي انسان طور ئي پيش ڪجي۽ نه ڪي مافوق الفطرت هستي ۽ گناهن غلطين کان پاڪ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن آدرش پرستيءَ يا آدرش پرچاريءَ کي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ، گروهه بندي ڪرڻ ۽ ماڻهن جو احساساتي استحصال ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ته قوم کي جهڙوڪ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر گهاڻي جي چوڌاري ڦيرايو ويندو ۽ ان کي منزل طرف وڌڻ جو موقعو ئي نه ملندو.
اسان آدرش پرچاريءَ ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي اسان جي اجتماعي روشن مستقبل کي اونداهون ڪري ڇڏينديون. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان ساڳئي ئي سوچ ۽ محبت سان پنهنجي آدرشن يا لٽيرن کي هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاريون. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ڌيءَ شهيد راڻي جي مزار تي به پڙ پون ٿا، ته اهڙيءَ ريت مخدوم بلاول جي مزار ۽ پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ پون ٿا. انهن سمورين شخصيتن جي حيثيت الڳ الڳ آهي. شهيد ڀٽو ۽ سندس نياڻي سياستدان هئا، مخدوم بلاول وطن دوست ديني عالم هو ۽ پرو چانڊيو هڪ ڌاڙيل هو. جڏهن اسان جي دور ۾ به پڙن پوڻ جو اهو رواج موجود آهي ته صديون پوءِ پرو چانڊيو پڻ اسان لاءِ هڪ وڏو پير فقير بڻجي ويندو. اسان کي پنهنجن اهڙن روين ۽ اهڙي آدرش پرستيءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻ ائين نه ڪيو ته پوءِ تاريخ جي غلط روايت قائم ٿي ويندي ۽ ڪيترا رهزن اسان جا رهبر ڄاتا ويندا ۽ ڪيترن رهبرن جو پنڊيءَ تي به نالو ڪو نه هوندو.
مون فقط چند نالا مثال طور پيش ڪيا آهن. جڏهن ته سياسي شعبي ۾ اسان آدرشن کي ائين ٿا مڃون ۽ مٿي تي کڻون جيئن انهن کي اسان جو پڪو دين ايمان هجي. هر ڪنهن کي حق آهي ته پنهنجي سياسي هادي ۽ رهبر کي دل جي حضور سان مڃي، پر اهو ڪنهن کي به حق نٿو رسي ته پنهنجي آدرش کي ٻين مٿان زوري ۽ زبردستي مڙهيو وڃي. اسان کي پنهنجي آدرشن جي دل جي گهرائين سان تعريف ڪرڻ گهرجي، پر ان جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته ٻئي ڪنهن جي آدرش جي توهين يا تذليل ڪئي وڃي.
اسان مئن توڙي زندهه آدرشن سان حقيقت ۾ انصاف نه ڪيو آهي. اسان اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون، جنهن کي زندگيءَ جي بدران موت ڏاڍو وڻي ٿو. شل نه ڪو آدرشي انسان مري،پوءِ اسان جو جهڙوڪ مڪو مچي ويو. سندس موت تي قلم اڀا ٿي ويندا، يادگيريون لکجڻ شروع ٿي وينديون ۽ اکين مان ائين ڳوڙها وهندا ڄڻ ته مري ويل اسان کانسواءِ ماني نه کائيندو هو يا اسان ان کان هڪ پل به پري نه هئاسين. ان جو موت اسان جو موضوع بڻجي پوندو، پوءِ اسان ڳالهين جا ڳهير اهڙا ته داستان ڇيڙينداسين جو توبه نعوذ بالله ملڪ الموت به پريشان ٿي ويندو ته هن ڪيڏو نه ڪيس ڪيو آهي. پر اسان جي روين کي ڪو به باريڪ بينيءَ سان ويهي ڏسي ته صورتحال ئي نئين اڳيان اڀري ايندي. مثال طور نامور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي گذاري ويو ۽ اسان کيس گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلاميءَ سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. اهو اعزاز  قائداعظم کي مليو ۽ ان کانپوءِ ضياءَ الحق جي مداحن به اهڙو موقعو هٿان نه وڃايو ۽ ٽيون عبدالستار ايڌي هو، جنهن کي اهڙيءَ ريت اعزاز سان دفنايو ويو.
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عبدالستار ايڌيءَ جيان ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو اسان جي محبتن جي مينارن برابر آهن. عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي نماز پڙهڻ وقت ڊاڪٽر اديب رضوي به موجود هئو، پر ان تي ڪنهن جي به نظر ڪا نه ٻڏي، هو پهرينءَ صف ۾ ڪو نه هو پر ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي هڪ عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هو. هن جي موجودگي ڪو معمولي واقعو نه هو پر هن کي ته ان وقت ڪنهن وي آءِ پي ٽريٽمينٽ ڪو نه ڏنو ۽ ڪنهن نگاهه کڻي به ڪو نه ڏٺس، پوءِ هي ڪٿان جو انصاف چئبو ٿه اسان زندهه آدرشن کي کيڪاريون به ڪو نه ۽ اهو انتظار ڪيون ته ڪو مري پوءِ اسان جي محبت ۽ عقيدت جا رنگ ڏسي.
اسان معاشري ۾ وڏ ماڻهپ جي منزل ماڻڻ ۽ مئي کانپوءِ پنهنجي قبرن تي پڙ چاڙهڻ لاءِ موت کي جهڙوڪ لازمي شرط بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي جهڙوڪ آدرشن جي موت جو انتظار هوندو آهي ۽ زندگي يا زندهه آدرشن سان تر جيترو به واسطو نه رهندو آهي. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ۽ هيءُ ڪهڙي حڪمت عملي آهي ته موت تي جشن جهڙو سماءُ پيدا ڪيون ۽ حياتيءَ تي موت جهڙي خاموشي اختيار ڪيون. زندهه آدرشن جو جيڪا قوم قدر نٿي ڪري، اها مري ويلن آدرشن تي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هاڻي اسان کي اهي روايتون ختم ڪرڻ گهرجن. اسان مري ويلن سان وڏو آزار ڪيو آهي. انهن جي قدرن ۽ نظرين کي ڪوشش ڪري پنهنجي مفادن ۽ مقصدن طور ٽوڙي ۽ مروڙي پيش ڪيون ٿا، هنن جي نانءُ کي مصيبت بڻائي ٻين جي ذهنن ۽ نظرين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا. اڄ جي لطيف زندهه هجي ها ته هن کي اسان جي افعالن ۽ روين تي وري ڪي نوان داستان لکڻا پون ها. اڄ جي سچل زندهه هجي ها ته هو حيران ٿي وڃي ها ته هن جي تصوف جي اسان ڪهڙي نه تشريح ڪري رهيا آهيون. اڄ جيڪڏهن سامي زندهه هجي ها ته هو به ويدن جي واڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتي تي روئي پوي ها. اسان کي دودي سومري، مخدوم بلاول، هوشوءَ، هيمون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي، سائين جي ايم سيد، تان جو ويندي عبدالستار ايڌي جهڙن آدرشن جي نظرين ۽ قدرن جي تبليغ تي زور ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي نظرياتي ڀلائي آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن گذاري ويل شخصيت کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ لاءِ پير فقير بڻايو ويو يا سندس مزار تي پڙ چاڙيا ويا ته اها آدرش پرستي ته چئبي پر آدرش پرچاري ڪا نه چئبي..

Tuesday, July 5, 2016

تعبيرن جي عيدَ نه ڪائي

سيما عباسي
خوابن کي اميدَ نه ڪائي
خوشين جي نويدَ نه ڪائي
روز ڏسون ٿا خالي سپنا
تعبيرن جي عيدَ نه ڪائي
(س.ع)
عيد الفطر جو موقعو آيل آهي. عيد جا مختلف فڪري پهلو هوندا آهن. هڪ مذهبي، ٻيو سماجي ۽ ٽيون معاشي . اها به حقيقت آهي ته مذهبي طور اسان وٽ عيد جو جيڪو حقيقي تصور آهي اسان تنهن تي به پورو ناهيون لهندا. مثال روزن رکڻ جو جيڪو مقصد آهي ته اهو پنهنجي نفس تي ضابطو آڻجي. معني ماڻهو پنهنجي مان کي ماري، فطرو ۽ زڪوات ڏئي معني ته غريب عربي جو خيال ڪجي. پر جڏهن اسان ان فڪري پهلوءَ کي وساري صرف نمائشي طور مذهبي ڏڻ ملهايون ۽ عيدون ڪيون ته پوءِ يقينن هڪڙا سماجي ۽ معاشي گهوٽالا پيدا ٿيندي نظر ايندا. انهيءَ ۾ ڏوهه مذهب يا عيد جو ناهي پر ماڻهن جو آهي. جيڪي حقيقي معني ۾ نه مذهبي فرد ٿا ادا ڪن ۽ نه ئي مذهب ۾ ڄاڻايل عيد ٿا ملهائن. مطلب ته مذهبي تصور جي ابتڙ اسان عيدون ملهائيندا آهيون. مذهبي تصور جي ابتڙ عيدون ملهائڻ ڪري پوءِ جيڪي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيندا آهن تن جو ذڪر اڄوڪي ڪالم ۾ ڪيون ٿا.
اسان عيد جي موقعي تي ٻين مذهبي هن موقعي تي به ٻين مذهبي تهوارن وانگر نئي لباس جي خريداري ضروري سمجهي وڃي ٿي. عورتون عيدن تي لباس چوڙين ۽ مينديءَ جو سخاص انتظام ڪنديون آهن، اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته انهن موقعن تي نمائش يا ظاهري ڏيکاوَ ۾ پنهنجي محدود آمدني جون هڙ حدون اورانگهي، مهانگا ڪپڙا ۽ ٻي خريداري ڪندي نظر اينديون آهن ته جيئن هو مٽن، مائٽن ۽ سهيلن تي پنهنجي ظاهري حيثيت ۽ رتبي جو ڪوڙو رعب جهاڙي سگهن ۽ پوءِ انهن جي اهڙن عملن سان احساس ڪمتري جون ماريل گهٽ آمدني واريون غريب عورتون پنهنجي غربت ۽ بدحالي جي پيش نظر تمام گهڻي تڪليف ۽ اذيت محسوس ڪنديون آهن. اهڙن حالتن ۾ انساني نفسياتي دٻاءَ وارا اهي ڳڻتي جوڳا معاملا اڪثر ڀيانڪ هاڃن جي صورت ۾ پڻ ظاهر ٿي پوندا آهن.
تازو نواب شاهه ۾ پيش آيل هڪ بدنصيب عورت جو واقعو، اهڙي ئي اذيت جوڳي ڪيفيت جو نتيجو آهي، جڏهن هڪ بشيران نالي عورت عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڙس کان پئسا گهريا ته هن جي مڙس هن تي تشدد ڪندي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ان عورت صدمي ۾ اچي حرام موت کي ترجيح ڏيندي خودڪشي ڪري ڇڏي. ذڪر ڪيل واقعي بابت گهڻن جو اهو به چوڻ آهي ته ان عورت آپگهات ڪونه ڪيو آهي پر هن جي غريب مڙس بدحالي سبب عيد جي موقعي تي زال جون خواهشيون پوريون نه ڪرڻ جي ڪري ڪاوڙ ۾ اچي کيس گُهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.
بهرحال حقيقت ڪهڙي به هجي ٻنهي صورتن ۾ اهڙي قسم جي احساس ڪمترين جا نتيجا اهڙن سانحن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، ان ڪري اسان کي عيد جي موقعي تي پنهنجين خوشين کي خريد ڪرڻ سان گڏو گڏ اوسي پاسي وارن غريب ماڻهن جو پڻ خيال رکڻ گهرجي. اسان کي عيد الفطر جي موقعي تي نيڪن ۽ پرهيزگارين جو سلسلو رمضان کان پوءِ به جاري رکڻ جو وچن پڻ ڪرڻ گهرجي.
عيد الفطر جي موقعي تي ”فطري“ جي ادائيگي ۽ ”زڪوات“ جو اسان سڀني مسلمانن کي خاص خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته انهن موقعن تي اهڙن ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ نهايت نيڪ ۽ سهڻو عمل آهي جيڪي غربت جي ڪري وڏن تهوارن کي ملهائڻ کان محروم ٿا رهن، هونئن به اسان جي مذهب ۾ خوشين جي موقعن تي مسڪينن، غريبن ۽ لاوارثن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سختي سان تلڪين ڪئي وئي آهي، ڇو ته اهڙا موقعا خوشين ملهائڻ جا موقعا هوندا آهن ۽ اسان کي اهي خوشيون سڀني ۾ ورهائڻ گهرجن. فطري ۽ زڪوات جي ادائيگي فرض قرار ڏني وئي آهي. هونئن به روزن جي قبوليت جو دارومدار ئي فطري ڏيڻ تي آهي، جيڪڏهن هر مسلمان فطري ۽ زڪوات کي اسلام جي ڏنل تعليمات جي مطابق پابندي سان ادا ڪري ته هوند بدحالي جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي.
هن ڏينهن کي بامقصد بڻائڻ لاءِ اهڙن نيڪ عملن ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي جنهن سان پنهنجي روح جي تسڪين ۽ الله جو راضپو حاصل ٿي سگهي. جهڙوڪ مٽن مائٽن جي خير و خيريت پڇڻ سان گڏو گڏ انهن لاءِ تحفا تحائف کڻي وڃڻ يا وري قبرستان ۾ وڃي پنهنجي مري ويل پيارن کي ياد ڪرڻ وغيره.
الله سائين کان دعا آهي ته هن عيد تي اسان جي ملڪ مان بدحالي، دهشتگردي ۽ بد امني جو خاتمو اچي ۽ اها عيد اسان سڀني مسلمانن لاءِ امن ۽ سلامتي جو پيغام کڻي اچي.

Tuesday, June 14, 2016

اسان اڌ ڪاٺ جا ته اڌ لوهه جا

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ماڻهو اڌ انسان ۽ اڌ حيوان ٿي نه ٿو سگهي، پر اسان ۾ اهڙو جادو آهي جو ائين ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ائين صدين کان ڪندا اچون ٿا. ان ڪري اسان جي ادب ۾ اهڙي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”ڪي ماڻهو منهن ۾ مسلمان آهن پر اندر ۾ ابليس آهن.“ اسان اندر ٻاهر ان ڪري هڪ جهڙا نه آهيون، جو ڏاڍا سياڻا ٿي ويا آهيون ۽ پاڻ کي عقل جو اڪابر ڄاڻون ٿا ۽ علم جي انهيءَ منزل تي وڃي رسيا آهيون، جو سمجهون ٿا ته باقي ماڻهو اسان جي ڀيٽ ۾ جاهل ۽ اڻ پڙهيل آهن. اسان انهيءَ ريت ۽ اهڙي طرح پنهنجي نيتن ۽ مطلبن جو هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي وڃون ٿا. اسان جي انت بحر جي ڪنهن کي خبر نه ٿي پئي. اصل ۾ اسان اڌ ڪاٺ جا آهيون پر ٻاهر ۾ ٻيا آهيون. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جو موقف منٽ منٽ ۾ مٽجي وڃي ٿو. اسان پاڻ لاءِ هڪڙي طريقي سان سوچيون ٿا ۽ ٻين لاءِ ٻئي طريقي سان سوچيون ٿا. اسان پنهنجي لاءِ هڪڙا آهيون ۽ ٻين لاءِ ٻيا آهيون.
اسان هڪ ئي وقت ۾ ٻه روپ ۽ رويا رکون ٿا. اسان جو اهو دين ايمان بڻجي ويندو آهي ته جيئن اسان سوچيون ٿا، تيئن دنيا به سوچي. اسان جنهن نظريئي کي مڃيون ٿا، اهو نظريو جيڪڏهن ڪنهن رضا خوشيءَ سان نه قبوليو ته پوءِ ان کي ڏاڍ ڏمر سان به مڃرائبو. ڀلي اسان جي دين ڌرم ۾ ڏاڍائيءَ سان مڃرائڻ واري گنجائش نه هجي، پر اسان وٽ ڏاڍ ڏمر کانسواءِ ڪا گنجائش هوندي ئي ڪا نه. اسان جهڙوڪ حاتم طائي بلڪه عجيب قسم جا سوشلسٽ بڻجي پئون ٿا. جيئن سوشلسٽ چاهيندو آهي ته ونڊي کائجي ۽ ايمان پائجي، تيئن اسان چاهيندا آهيون ته اسان جو نظريو، دين ۽ ڌرم به ائين ئي اسان ورهائيندا رهون ۽ ٻيا ان کي اکيون ٻوٽي رضا خوشيءَ سان قبول ڪندا وڃن ۽ ان تي عمل ڪندا رهن.
اسان نظرين ۽ قدرن ۾ سخي، حاتم طائي ۽ مثالي سوشلسٽ آهيون، پر ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ ورهائڻ وارا به پاڻ ته کائڻ وارا به پاڻ. جيئن اسان پنهنجا نظريا، قدر ۽ اصول ٻين کي ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ٻين ۾ دل کولي ورهائڻ چاهيون ٿا، تيئن ڌن دولت، ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه ورهائينداسين. خوشيون ڪو نه ورهائينداسين، سک ۽ سلامتي ڪو نه تقسيم ڪنداسين. انهيءَ حوالي سان اسان بنهه بلڪ ٺپ ڪپيٽلسٽ آهيون. اهڙي قسم جي هر ڳالهه ۽ هر موقعي تي اسان هڪ هٽي قائم ڪري ويهنداسين. مجال ڪنهن جي جو اسان جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشس ڪري. ڪو سوچي به نه ٿو سگهي ته اها سهوليت ماڻي، جيڪا اسان کي جائز يا ناجائز طريقي سان ملي آهي. انهيءَ حوالي سان نه ته اسان مرنداسين ۽ نه وري منجو ڏينداسين. ادارا ڀلي الله کي پيارا ٿي وڃن، پر انهن ۾ ٻين کي پير پائڻ نه ڏينداسين. تنظيمون ڀلي ڀنگ ٿي وڃن، پر انهن ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ نه ڏينداسين. ائين ئي اسان اجتماعي ڪمن کي انفرادي يا گروهي قبضن ۾ رکي روشن ۽ گڏيل مستقبل جي راهه وڃائي ويٺا آهيون. پر پوءِ به زبان تي قومي درد ۽ قومي مفاد جون ئي ڳالهيون هونديون. جهڙوڪ اسان کان وڌيڪ ڪو قوم جو هڏ-ڏوکي آهي ئي ڪو نه. جهڙوڪ قومي درد ۾ اسان کي ماني به ڪا نه ٿي وڻي.
اسان جي قومي ۽ سماجي مفڪرن کي سنڌ واسين جي اهڙي نفسيات جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙا دڳ، طريقا تجويز ڪرڻ گهرجن ته جيئن اسان پاڻ وساري قوم کي ياد ڪيون، پنهنجي ڀلي کان اڳ ٻين جو ڀلو به چاهيون. اها اسان جي وڏ آهي ته فقط ۽ فقط پنهنجي لاءِ سوچيون ۽ لوچيون ٿا پر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن کي صفا وساري ويهون ٿا. اسان ناني ويڙهن ٺاهڻ ۽ هڪ هٽيون قائم ڪرڻ بدران جيڪڏهن اڪيلا هوندي به ۽ انفرادي طور تي به ڪي اجتماعي ۽ قومي مفاد وارا ڪم ڪيون ته هوند مثبت تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن وقت اسان نظرين ۽ قدرن کي پوئتي رکي بت سازيءَ ۾ اهڙو ته ماهر ٿي ويا آهيون جو ڪا نه ڪا شخصيت پوءِ ڀلي ان جا هڏا به ڳري ويا هجن، پر ان کي آدرش بڻائي هادي ۽ رهبر بڻائي سندس نالي ۾ پنهنجي من پسند نظرين ۽ قدرن جي تبليغ ڪيون ٿا ۽ ماڻهن کي زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ۽ اهو سمجهون ٿا ته اسان سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ڪو انقلاب آڻي رهيا آهيون.
ڀلي ڪو انقلاب نه اچي، ڀلي ڪا ڌرتي ڦاٽي نه پئي يا آسماني نه ڪري. فقط ائين ۽ اهو ٿي پئي ته اسان اڌ ڪاٺ جا ۽ اڌ لوهه جا نه ٿيون. جهڙا اندر هجون، اهڙا ٻاهر هجون، جهڙا پنهنجي لاءِ هجون، اهڙا ٻين لاءِ هجون. ائين جيڪڏهن اسان سڀني جا ٿي پئون ته سڀ اسان لاءِ ٿي پون. دليون ۽ دماغ ئي بدلجي وڃن ۽ حالتون ئي بدلجي وڃن. ڪنهن انقلاب آڻڻ جي لاءِ ڪا رت- ڇاڻ  ڪرڻي نه پئي پر ائين انقلاب اچي وڃن جو اسان جي دنيا ئي بدلجي وڃن.