Showing posts with label تصويرن جي زبان. Show all posts
Showing posts with label تصويرن جي زبان. Show all posts

Wednesday, May 18, 2016

درشيل سفاري هاڻي نوجوان بڻجي ويو..!


ڀارتي فلم ” تاري زمين پر “ ۾ اٺن سالن جي ٻار جو ڪردار ادا ڪندي مشهور ٿيل درشيل سفاريڏسندي ئي ڏسندي ٻار مان خوبصورت نوجوان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.هن عامر خان جي ان فلم ۾ هڪ اهڙي شاگرد جو ڪردار ادا ڪيو جنهن کي پڙهائيء ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون

اداڪار درشيل سفاري ،9 مارچ 1997ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو.هن جي پهرين فلم ” تاري زمين پر “ 2007ع ۾ رليز ٿي .ان فلم ۾ جاندار ۽ ڀرپور اداڪاريء سبب تمام گھڻي شهرت 
۽ مقبوليت حاصل ٿي




ان فلم ۾ هن هڪ بيماري   ” ڊسليڪسيا“ ۾ ڦاٿل هڪ ٻار جو ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي تعليم جي ميدان ۾ تمام گھڻين مشڪلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اان فلم جي ڪاميابيء کان پوء درشيل کي فلم فيئر،زي سينيما ۽ اسٽار اسڪرين ايوارڊس سان پڻ نوازيو ويو.
ان فلم ۾ عامر خان آرٽ ٽيچر جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر فلم جو اصل هيرو ان جو مضبوط،جاندار ۽ نهايت ئي متاثر ڪندڙ اسڪرپٽ آهي جيڪو امول گپتا لکيو هو.
                                                         sindhsujag.blogspot.com