Wednesday, April 27, 2016

روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي

روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي                                        

                    سنڌي علم ادب جو ڳچ حصو ”محبت“ جو مذڪور آهي. اسان جي شاعرن ۽ اديبن جيترو محبت جي جذبي کي عام ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، اوترو پنهنجي اجتماعي ۽ قومي حقن لاءِ نه لکيو آهي. بيشڪ مزاحمتي ادب سرجي پيو، پر امن ۽ محبت جون ڳالهيون اڃا به وڌيڪ زور سان ڪيون پيون وڃن.
                        سنڌيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ايتريون ۽ ايڏيون ڳالهيون ڪرڻ مان اهوئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ واسيءَ کي ڀرپور انداز سان محبت ڪانه ملي آهي.هو صدين کان وٺي انفرادي طور تي ۽ اجتماعي طور تي محبت کان محروم رهيو آهي. اجتماعي طور تي محبت کان اسان محروم ڪيئن رهيا آهيون؟ اهو معلوم ڪرڻو هجي ته هر دور جي حڪمرانن جي اکين ۾ ڏسڻ گهرجي، تاريخ جي چهري تان پڙدو لاهي ڏسجي ۽ وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن جو رنگ ڏسجي . پاڻهن خبر پئجي ويندي ته اسان کي اجتماعي طور تي محبتون مليون آهن  يا نفرتون. اسان انفرادي طور تي محبت کان محروم آهيون يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن روين ۽ اندازن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. پراوا ته رهيا پراوا پر پنهنجن به سنڌ واسين کي ڏکن جي ڏونگرن هيٺان پئي آندو آهي. هن حقييقت جي تصديق ڪرڻ  لاءِ اسان جو لوڪ ادب ڪيترن ئي پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آهي. تاريخ جا ورق اڻ ڳڻين واقعن سان ڀريا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته”ميرن کي گهران لڳي“،۽ انهيءَ چواڻيءَ سنڌيءَ کي سورن جي سوغات سدائين سنڌي کان ملي.
صدين جي غلاميءَ  ۽ آزاديءَ جي اکٻوٽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار خواهه نفسيات تي منفي اثر وڌا آهن. انهن مان هڪ برو اثر اهو به پيو آهي ته اسان پاڻ ۾ محبت ۽ ميٺ ۾ گهاري گذاري نه سگهندا آهيون. اسان جي پرچڻ جا ته سبب هوندا آهن،پر رسڻ لاءِ ڪنهن جواز، سبب ۽ ڪارڻ جي ضرورت ڪانه محسوس ڪندا آهيون.اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن رسون ٿا؟ ۽ ڪڏهن رسون ٿا؟ اها ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. پر جيڪڏهن ڳالهه فقط رسڻ تائين دنگ ڪري ها ته به جهڙوڪ اسان فائدي ۾ هئا سين.پر اسان جو رسڻ قهر بڻجي پوندو آهي.خدا تعاليٰ به ڪنهن گنهگار تي ناراض ٿي، کيس ايڏي سزا نه ڏيندو آهي ته جيتري اسان رسڻ کانپوءِ ڪنهن کي سزا ڏيندا آهيون. ڀلي ته ڪنهن سان کير کنڊ هجون، پر جيڪڏهن هن سان رسي پياسين ته سندس کير ئي زهر ڪري ڇڏينداسين. اها ڪنداسونس جو کيس ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن سلسلي ۾ اسان جي اها فطرت بڻجي چڪي آهي ته ڀلي ڪو اسان تي هزارين احسان ڪري ۽ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون پنهنجو رت پياري، پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاري، مجبوري ۽ بيوسيءَ سبب هڪ دفعو اسان جو ڪم نه ڪيائين يا پير ڀري نه سگهيو ته پوءِ اڳوڻا احسان به کڏ جي تري ۾ ته همراهه به تحت سرا جي تري ۾ . هن جا اسين جاني دشمن ٿي پونداسين ۽ سندس حياتي ئي حرام ڪري ڇڏينداسين.
اسان جي اهڙي ريت اک مٽڻ واري عادت کي ڏسي، اسان کي ڳڻ چور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ئي شايد اسان جي شاعرن ۽ اديبن صدين کان وٺي محبت جي موضوع تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو آهي.سماج جي هنن سپورنجن ان ڪري ئي محبت کي عام ڪرڻ مناسب ڄاتو ته جيئن اسان نفرت جهڙي مقدس ۽ عظيم جذبي جي اجايو ۽ بي دريغ  استعمال نه ڪيون.محبتون ماروئڙن لاءِ هونديون آهن ۽ نفرتون ظالمن، جابرن ۽ ڌارين لاءِ هونديون آهن. نفرتون ڪنهن به ناراضپن جي صورت ۾ ضايع نه  ڪبيون آهن. جهالت، غربت ۽ استحصال ۽ ظلم جون حالتون ئي نفرتن جون حقدار هونديون آهن.
منهنجي خيال ۾ ڀلي ته ڪو خيراتن ۾ خزانا لٽائي پر هن کي ايترو ۽ اهڙو سڪون نه ملندو، جيترو درگذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ مان ملي سگهي ٿو.
در گذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ جو عمل محبت جي جذبي مان ڦٽي نڪرندو آهي. معاف انهيءَ کي ڪبو آهي، جيڪو غلطي ڪري . درگذر خطائون ئي ڪبيون آهن. پر هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ ۽ هي ڪهڙي اسان جي فطرت آهي ته اسان انهن کي به معاف نه ٿا ڪيون، جيڪي نه ته غلطي ڪن ٿا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي خطا ڪن ٿا . اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي ته وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن اسان مان هر ڪنهن کي اهڙي زاوئي ۽ اهڙي ڪنڊ تي ٽيڏو ويهاري ڇڏيو آهي، جتي جيڪا به نگاهه پئي ٿي اها اسان کي پرکي ۽ پروڙي نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ اسان پاڻ ٽيڏا ٿي پيا آهيون ۽ ”هوت مڙوئي هيڪڙو پر ٽيڏا ڏسن ٽي“ مصداق هڪ ٻئي کي انيڪ روپن م تسليم ڪيون ٿا، جڏهن ته اسان جو روپ فقط هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان ساڳئي قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جا دک ۽ سک ، هڪ جهڙا آهن . اسان جو ماضي ساڳيو آهي ۽ اسان جو مستقبل ساڳيو آهي.
                        اسان جي محققن اسان کي تاريخ جا اهي ورق پڙهايا، جن ۾ اسان جي دانهن، آهن ۽ ڪوڪن جي رت مان ٻڏل داستان موجود آهن. اسان کي مدبرن وقت ۽ حالتن جا اهي روپ ڏيکاريا، جن کي ڏسندي اسان کان دانهون نڪري ويون. اسان کي سماج اهي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ، جن اسان جي نيڻن کي ڪڏهن به سڪڻ نه ڏنو. اسان سان رهبرن رهزنيون ڪيون، هادين دڳ کسيا، سڄڻن دشمنيون ڪيون، ايترو ۽ ايڏو روئاري ڪنهن به کلڻ ڪين سيکاريو. جيڪڏهن شاعرن ۽ اديبن محبت جون ڳالهيون ڪيون ته سي به مثالن ۾، اشارن ۾ ڪناين ، تشبيهن ۾ ۽ اصطلاحن ۾. ڪنهن ايئن نه ٻڌايو ته محبت درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. پيار معاف ڪرڻ جو نالو آهي ۽ پريم خامين سان گڏ خوبين کي به قبول ڪرڻ جو نالو آهي.اسان کي روئاريو ته هر ڪنهن آهي پر کلايو ڪنهن ڪنهن آهي . ڀلا جيڪڏهن ٻيو ڪو کلائي نه ٿو سگهي يا کلائڻ نه ٿوچاهي ته ڇا پاڻ اسان ايئن ڪري نه ٿا سگهون. ڇا کلائڻ به ڪو طريقو آهي جو ڪنهن ٻئي کان سکجي؟اسان پاڻ ان وقت کلي سگهون ٿا، جڏهن پاڻ ۾ پرچي پئون ۽ رسڻ جون ريتون ڇڏي ڏيون. پر جيڪڏهن رسي پئون ته پرچڻ لاءِ نه ڪي قهر بڻجي هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ لاءِ آتا رهون .

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،



اسان مان هر ڪو هٽ لسٽ تي آهي

اسان مان هر ڪو هٽ لسٽ تي آهي

                                  جيئن جيئن دنيا جهان اسان خلاف اکيون ڦوٽاريندو رهي ٿو ۽ جيئن جيئن خارجي قوتون واڳونءَ جيان وات ڦاڙي اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ آتيون ٿي وڃن ٿيون  ، تيئن تيئن اسان ۾ پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي موت ڏيڻ لاءِ من ۾ مانڌاڻ پيدا ٿي وڃي ٿو.اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان دشمني نه ٿا ڪيون ته آرام ڪو نه ٿو اچي. اسان جيڪڏهن ڪنهن جون پاڙون ڪونه ٿا پٽيون ته سڪون نه ٿو ملي. وڏي عرصي کان وٺي اسان جو معمول اهو ئي رهيو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان ڄاوا ئي پنهنجن جا ترا ڪڍڻ لاءِ آهيون.
                        انوکي ڳالهه اها آهي ته هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جواز ۽ سبب جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. بس اسان کي هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻي هوندي آهي. ايئن هر ڪو هڪ ٻئي جو دشمن لڳو پيو آهي . پوءِ ڀلي ته ڪنهن جي فرشتن کي به خبر نه هجي، بلڪ ڪوئي پاڻ به نه ڄاڻندو هجي. خبر تڏهن پوندس جڏهن پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندس.
                        اسان مان هر ڪو هڪ ٻئي جي هٽ لسٽ تي ڇو آهي؟ اهو اسان جي قومي نفسيات سان لاڳاپيل اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه علمي، ادبي، نظرياتي، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ قوم کي پاڻ سان گڏ ڪري ۽ گڏ کڻي منزل طرف گامزن ٿي نه ٿو سگهي.

اسان جو پنهنجن سان نه راهه مولا ۽ نه وري راهه رسول دشمني ڪندا آهيون ، ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ هي آهي ته اسان ڪنهن کي لئه ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهيون . ڪو جيڪڏهن قلم کڻي قوم جي خدمت ڪندو آهي.ڪو جيڪڏهن ترَ جي پير يا امير جي اجائي حاضري نه ڀريندو آهي. ڪو جڏهن عوامي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته اسان مٿس اهو الزام هڻندا آهيون ته ” همراهه هٿن کان نڪتو پيو وڃي.“ انڪري ان جي آڪڙ لاهڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت شل ڪو غريب اڇا ڪپڙا پائي نه هلي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڳڻ ڪارڻ سندس عزت ۽ احترام  نه ٿيڻ لڳي . اسان مٿس بهتان هڻڻ لڳنداسين ته ”همراهه مفت ۾ پيو لئه ڪري.“ پوءِ هن جي لئه ڊاهڻ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين ۽ هن جا اهڙا ته دشمن ٿي پوندا سين جو پيو ڏينهن جا تارا ڏسندو .
اسان پنهنجي چوگرد نظر ڦيرايون . اسان کي هر انهيءَ ماڻهوءَ خلاف نفرت جا طوفان نظر ايندا، جيڪو ناجائز طريقي سان ڪنهن جا انگل پورا نه ٿو ڪري، اسان کي هنڌين ماڳين اهو ماڻهو بدنام ٻڌايو ويندو جيڪو هزارين چڱايون ڪندي ڪنهن سان ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ سبب ڪو هڪ دفعو چڱائي ڪري نه سگهيو هوندو . اسان جو عوام نه ڪيل گناهن جون سزائون ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو ماڻهو قرار ۾ ڪونهي جنهن جا لٽا ڪپڙا اڇا آهن ۽ جيڪو جهوپڙيءَ بدران ڪنهن ڪچي جاءِ ۾ رهي ٿو.جيڪو اکيون ٻوٽي ڪنهن جي حڪم جي پيروي نه ٿو ڪري، جيڪو ڀلي ۽ بري جي تميز رکي ٿو ۽ جيڪو پنهنجو ۽ قوم جو استحصال ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪو ڏوهه کي ڏوهه ۽ چڱائي کي چڱائي چئي ٿو. اسان جيڪڏهن ڪنهن کي فڪري آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جڏهن پنهنجن کي اختلاف جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جيڪڏهن ڪنهن کي جائز لئه ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿا سگهون، اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها  وهايا ته ڇا ٿي پيو؟
اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم – ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون  پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.
اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي  ڳالهه ۾  ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.
ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.


(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،     تاريخ : 04.04.1995)

ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب

ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب
  
 سنڌ ۾ تمام سٺو ۽ تمام گهڻو لکيو وڃي ٿو ، پر وس وارا پڙهن ئي ڪونه ٿا. اسان جون اخبارون سنڌ واسين جو بي بدل آوا ز آهن.اسان جون آهون ۽ دانهون، حڪايتون ۽ شڪايتون روزانو اخبارن ذريعي در در تي پهچن ٿيون پر اهي ڪونه ٿا پڙهن، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه اسان جي دردن جو دارون ڪري سگهن ٿا.”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“ واري صورت حال ڪانه رهي آهي. ٻڌڻ وارو ٻروچ اڄ ٻوڙو ٿي پيو آهي، بلڪ سنڌي سليمي به پڙهي نٿو سگهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارن جو اهو حشر آهي ته هاڻي اچو ۽ اهو ڏسون ته ڀلا ٻڌڻ وارا ڪيترا آهن.هن ڪالم جي عنوان ۾ مون ”ٻڌڻ“ ، ”سمجهڻ“ ۽ ”مڃڻ“ هڪ ٻئي سان مشروط ۽ مربوط بڻايو آهي. اهو هينئن ته جيڪڏهن ڪو ٻڌندو ئي ڪونه ته سمجهندو ڪٿان؟ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن گهڻو ڪجهه ٻڌي به ماڻهو رتيءَ ڀر سمجهي ئي ڪونه ته به ٻڌڻ ڪهڙي ڪم جو؟ پر جيڪڏهن ماڻهو ٻڌي سمجهي به، پر انهيءَ کي مڃي ڪونه ۽ ان تي عمل ئي ڪونه ڪري ته پوءِ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ مان ڪهڙو فائدو.
                        هاڻي اچو ته ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب ڏسون. اسان طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. سياڻن جو چوڻ آهي ته ”مڊل ڪلاس“ اسان وٽ منظم نموني سان ٺهي جڙي نه سگهيو آهي. ان ڪري اسان جي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٻه طبقا آهن: ”مٿيئون طبقو“ ۽ ”هيٺيون طبقو“. هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عام ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي، ان جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته ” مٿئيون طبقو غريبن کي پنهنجا حق ڏئي، مٿن ظلم نه ڪري ۽ سندن استحصال نه ڪري.“ ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪبي ته اسان جو ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجي ڇڏيندو، بلڪ اڻ ڳڻين ماڻهن کي به مجبور ڪندو ته هو پنهنجي ڪنن ۾ آڳريون وجهي ڇڏن ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٻڌن. اهي ماڻهو جيڪي روزگار ،ملازمت، بدلي،  ڦڏي کان بچڻ وغيره جهڙيون مجبوريون ۽ مفاد رکن ٿا، اهي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثر رسوخ واري ماڻهو يا ”مٿئين طبقي“ جي نمائندي جا محتاج ٿين ٿا. ان ڪري هو چاهيندي به چڱي ڳالهه نه ٻڌڻ لاءِ مجبور آهن. هو پاڻ کي ايئن بليڪ ميل ڪرائي سچ جو پاسو ڇڏي وڃن ٿا. حادثن ۽ حالتن جي واچوڙي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه هنن کي متاثر نه ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ هنن جا ڪن کلي پون ٿا ۽ اکين تان پٽيون لهي پون ٿيون ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌن، سمجهن ۽ مڃن ٿا، نه ته سڀني جو خير.

                        هاڻي جڏهن ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پاڻ ٻڌي پر ٻڌندڙن کي بدظن ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هيٺين طبقي جو ڳچ حصو پنهنجن مفادن ۽ مجبورين ڪري ٻڌڻ گوارا نه ڪري ته پوءِ اندازو لڳايو ته ڪيترا ٿا ٻڌن؟
ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ملازم آهن. انهن سان هيءَ مجبوري آهي ته هو هر ڪا ڳالهه سمجهن ضرور ٿا ليڪن ان کي ٻڌڻ ۽ مڃڻ کان گهڻو پري ٿين ٿا. مثال طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سورن کان هر ڪو سرڪاري ملازم باخبر آهي، پر هو نوڪريءَ بچائڻ خاطر نه ته اهڙن فنڪشنن ۾ وڃي سگهي ٿو ۽  نه وري ڪنهن پارٽيءَ جو رڪن ٿي ڪنهن جي ڳالهه مڃي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جي آباديءَ جو هي حصو مجبور ۽ مفلوج آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اهو طبقو ٻڌڻ، سجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي صف ۾ شامل ٿي نٿو سگهي.
                        اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي جي وڏي اڪثريت جو اهو حال آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي راءِ جو ڌڻي چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اسان جا ڪيترائي لکيل پڙهيل، عاقل ۽ بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن نظريئي يا آدرش جا معتقد ۽ مريد بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري پوءِ باقي ڄمار” هزماسٽرس وائيس“ بڻجي ٻين جون ڳالهيون ڪندا وتن ٿا. هنن کي ٻڌڻ لاءِ نه ته ڪوئي وقت ٿئي ٿو ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي جو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. بلڪ هو ٻئي کي ”ٻڌڻ“ وڏو گناهه سمجهندا آهن. انهيءَ حساب سان اسان جي لکيل پڙهيلن مان ”نظرئي وڪوڙيل ۽ گروهه زده طبقو“ ڪنهن جو ڪجهه به قطعي ڪونه ٻڌندو.
                        اسان جي آدمشاريءَ جو وڏو حصو اڻپڙهيل آهي، پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو پڙهيل آهي ته فقط نالي ماتر. اهي پنهنجي مسئلن ۾ ايترو ته مصروف ۽ مجبور آهن جو واقعي انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي ته هو ڪنهن کي ٻڌن. هاري پنهنجا ڪم ڪار۽ ٻني ٻارا ڇڏي، گاهه ۽ ڳاهه ڇڏي ڪنهن عالم جو واعظ، ڪنهن دانشور جي تقرير ۽ مدبر جو خطاب ڪونه ٻڌندو. ان ڪي اسان پنهنجي آدمشماريءَ جي وڏي حصي کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن ۾ شامل ڪري  نه ٿا سگهون.
                        انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڻ ۾ ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي ڪمي آهي ۽ انهيءَ ئي صورت حال ۾ ڪنهن عالم، دانشور ۽ مدبر کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ٻڌائڻي ۽ مڃائڻي آهي. جيئن زلزلا جبلن کي ڦاڙي ۽ ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن، تيئن ئي اڄ جي عالم دانشور ۽ مدبر کي پنهنجي ڳالهه چوڻي ۽ مڃائڻي پوندي.ان لاءِ هنن کي نت نوان طور طريقا ڪم آڻڻا پوندا. بهرحال هنن کي اهو ڌيان ڪرڻو پوندو ته کين ٻڌڻ وارا آهن ئي ڪونه. في الحال هو پاڻ چوڻ وارا ۽ پاڻ ئي ٻڌڻ وارا آهن. هي صورت حال پريشان ڪندڙ ضرور آهي، ليڪن مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪونهي. ڇو ته اهڙيون حالتون نبين ۽ پيغمبرن کي به ڏسڻيون پيون هيون. ايتري قدر جو الله تعاليٰ کي پنهنجي قرآن ذريعي دلداري ڏيڻي پئي ۽ فيصله ڪن انداز ۾ فرمائڻو پيو ته ڪي ماڻهو ٻوڙا ۽ گونگا ٿيندا آهن ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ به نبين ۽ پيغمبرن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن کي ٻڌڻو، سمجهڻو ۽ مڃڻو پيو. اسان وٽ ۽ اسان ۾ ٻڌڻ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب گهٽ آهي ۽ اها هن دور جي سچائي آهي.

ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

 لطيف سائين فيصله ڪن انداز ۾ ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي، فرمايو اٿس ته”جي ڪوڙو تون ڪفرسين ته ڪافرڪيم سڏاءِ “اسان سان جٺ اها آهي ته اسان نه پاڻ کي ٻڌندا آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ٻڌندا ۽ مڃيندا آهيون.
پاڻ کي ٻڌڻ، پاڻ کي مڃڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جا سبق ڏيندي اسان جي ڏاهن جا الائي ڪيترا نسل وڃي قبرن ڀيڙا ٿيا. اسان اهو چئي کين سندن پيغام کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته هوصوفي لاڪوفي آهن ۽ سندن پيغام اسان کي بي عمل بڻائي ڇڏيندو. جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ سڃاڻي ها ته ، نه پاڻ ڪنهن جي هٿان استعمال ٿيون ها ۽ نه وري ڪو ٻيو ڌاريو استحصال ڪري ها. پاڻ نه سڃاڻڻ ، پاڻ کي نه ٻڌڻ ۽  پاڻ کي نه مڃڻ جو نتيجو اهو  نڪتو آهي ته هوا ۾ اڏندڙ ڪک پن بڻجي ويا آهن. جنهن جيڪا ڳالهه ڪئي، ان تي ڳنڍ ٻڌي کڻي هائو ۾ هائو ملائينداسين.ان تي ڪڏهن به سوچ ويچار ڪونه ڪنداسين. جيڪڏهن سوچ ويچار ڪري سگهون ٿا ته پوءِ پنهنجن توڙي پراون ، ڏاهن توڙي اڏاهن کي پرکي سگهون ها. انهيءَ ڪري اسان جهڙوڪ ٻين کي به نه ٿا ٻڌون ۽ سمجهون. لياقت ۽ صلاحيتن، سوچن ۽ لوچن، وقت ۽ دولت کي بيڪار استعمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ڪيڏي نه ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي.مٿي ذڪر ڪيل سٽ ۾ ساڳئي ڳالهه سلي اٿس. چئي ٿو ته ” انهيءَ ٿيڻ ۽ پاڻ کي سڏڻ جي ڪوشش نه ڪر، جيڪو تون نه آهين. اهو ٿيءُ ۽ ايئن هل جيڪو اصل ۾ پاڻ آهين. “ حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن مور ڪانءُ جيان هلڻ لڳندو ته ، پنهنجو ٽلڻ به وساري ويهندو.
                        هي هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته نڪ کان ڪن جو ، ۽ ڪن کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. هر ڪنهن جو ڪم الڳ الڳ آهي ۽ انهن کان اهوئي ڪم وٺڻ گهرجي.اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾ انهيءَ ڪري توازن برقرار نه ٿو رهي ۽ ڪو به ڪم ان ڪري نتيجو نه ٿو ڏئي جو اسان اهو ڪجهه ڪيون ٿا جيڪو پاڻ کي نه ڪرڻ گهرجي ، ۽ اهو ڪجهه نٿا ڪريون جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي. هر ڪنهن جون لياقتون ۽ صلاحيتون الڳ آهن. هر ڪو انهن لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق هڪ ٻئي کان الڳ  ۽ منفرد آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي ۽ الڳ ٿيڻ گهرجي. صحافي سگهڙ ٿي نه ٿو سگهي، سياستدان سائنسدان ٿي نه ٿو سگهي. علم ادب الڳ شئي آهي، صحافت جدا ڳالهه آهي، سياست انهن ٻنهي کان مختلف آهي . زندگيءَ جو هر شعبو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هوندي به الڳ آهي، پر اسان وٽ ايئن ڪونه آهي. اسان مان هر ڪو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ڪري، پر اسان مان هر ڪو اها تبليغ ڪري ٿو ۽ اها ڪوشش ڪري ٿو ته باقي دنيا هن وانگر ٿي پئي. پوءِ اديب ۽ شاعر سياستدان سان ملندو ته سياستدان ان کي تبليغ ڪندو ته لکڻ پڙهڻ ڇڏي سياست ۾ ڪاهي پئو. اهڙي ريت اديب ۽ شاعر جي تمنا رهندي ته ٻيا ماڻهو هر ڪو ڪم ڪار ڇڏي هٿ ۾ قلم کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لڳن. سماجي ڪارڪن سان ملبو ته اهو ئي چوندو ته سياستدان ٺڳ ۽ قلم ڌڻي سودائي آهن صحيح ۽ سچو ڪم  فقط سماجي ڪارڪن ئي ڪن ٿا. صحافي اهو ٿو سوچي ته سچ فقط ۽ فقط هو ئي ٿو ٻڌائي پر اديب ته قوم کي خيالي پلاءُ ٿو کارائي.
                        پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو اهو سوچڻ لڳي ته هن کان سواءِ ٻيو پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ٿو ڪري ۽ هن جون اهي ڪوششون به ڪارائتيون آهن ته ههڙي صورت حال ئي پيدا نه ٿئي. هوند هر ڪوماڻهو هر ٻئي کي پنهنجي پوءِ لڳ، مريد ۽ معتقد بڻائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري.

                        جنهن معاشري ۾ لياقتن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻ، شناس ۽ قدر داني ڪو نه هوندي، اتي هر ڪو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم کي بيڪار ۽ بي سود ڄاڻيندو بلڪه ٻئي ماڻهوءَ کي ڪم ئي اهڙو ڏيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هن جي ڏانءُ، لياقت ۽ صلاحيتن مطابق نه هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي ٻين ڳالهين کي ڇڏي رڳو ملازمتن کي ئي وٺو ، اوهان سروي ڪري ڏسو ۽ هر ڪنهن ملازم کان پڇو . اوهان کي جواب ملندو ته کيس ٻي نوڪري نه پئي ملي ان ڪري اها نوڪري ڪري رهيو آهي. سرڪاري دفترن ۾ جيڪا اوندهه لڳي پئي آهي ۽ ڪم جو اڪلاءُ نه پيو ٿئي ۽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن ٻيءَ نوڪريءَ جي تلاش ۾ سرگردان آهي ۽ ان نوڪريءَ هوندي ڪونه ڪو اضافي ڌنڌو ڌاڙي به ڪري ٿو ، ان جو هي به هڪ بلڪ اهم ڪارڻ آهي ته ان کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق ملازمت ڪانه ملي آهي. هن جون لياقتون ۽ صلاحيتون بيقرار روح بڻجي هن کي بي سڪون بڻائي ڇڏين ٿيون. اسان جيستائين ٻين جي لياقتن ۽ صلاحيتن کي مڃتا نه ڏينداسين ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪم بدران پنهنجي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا سين ، ان وقت تائين اسان مان ڪنهن جي به محنت رنگ نه لائيندي نه پاڻ ڪم ڪري سگهبو ۽ نه ٻئي کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. بس هر ڪو انهيءَ ڌُن ۾ هوندو ته ٻئي کان سندس ڪم ڇڏائي پنهنجي ڪم سان ڪيئن لڳائي. انهيءَ روش ۽ انهيءَ سوچ اسان مان ٻين سان تعاون ڪرڻ واري سگهه ۽ صلاحيت کسي ڇڏي آهي. بلڪ ان جي برعڪس اسان کي هڪ ٻئي جو حريف ۽ دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياستدان اديب کي بيڪار ۽ بي مقصد ڄاڻي ٿو ۽ اديب ۽ دانشور کي ڏاهو به چئي پر ان کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ چاهي ٿو.ليڪن  انهيءَ ڏاهي جي چوڻ تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . زندگيءَ جي هر شعبي جو اهڙو ئي حشر آهي.

                        اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان هٿ نه ونڊايو ته ڪا خراب ۽ خطرناڪ ڳالهه ڪونهي. پر هڪ ٻئي کي آزاديءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ته هوند بهتر نتيجا نڪري پون. اسان جيڪڏهن سوٽو کڻي اخبار وارن جي مٿان چڙهي وينداسين ته هي خبرون ڇپيو ۽ هي خبرون نه ڇپيو ته عوام تائين حق سچ ڪيئن پهچندو؟ ۽ عوام صحيح عام راءِ ڪيئن قائم ڪري سگهندو . اسان جيڪڏهن اديبن ۽ ليکڪن تي پابنديون مڙهينداسين ته اهي ڌر بڻجي ڪنهن پارٽي، شخصيت يا ڪنهن واقعي يا مسئلي تي قلم کڻن ته پوءِ ادب ۽ اديب جو ڪهڙو مقصد وڃي بچندو ؟ اسان جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي پنهنجي مرضي مطابق بيان ڏيڻ ۽ سياست ڪرڻ لاءِ بار وجهنداسين ته هو پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون ڪيئن ڪم آڻي سگهندو؟ هن لاءِ ضروري آهي ته اسان صحافيءَ کي صحافي، سياستدان کي سياستدان، اديب کي اديب ، شاگرد کي شاگرد ئي رهڻ ڏيون ۽ انهن تي ٻيا بار نه رکون. ايئن ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجن سوچن ۽ لوچن ۾ توازن قائم ڪري سگهون ٿا. هي ڳالهه تمام ضروري آهي ته اسان ٻين کي زوري پاڻ جهڙي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪيون ۽ پاڻ ٻين جهڙي ٿيڻ جو سعيو نه ڪيون. بلڪ ٻين کي آزاد ڇڏيون ته اهي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق سوچن ۽ لوچن، ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ڪيون.




(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

Tuesday, April 26, 2016

دوکو ناهي دل جو دارون

دوکو ناهي دل جو دارون

  اڄ اهو دؤر اچي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن کي چڱائي ڪرڻي هوندي ته پهريون ادب سان هٿ ٻڌي پڇڻو پوندس ته ” سائين يا سانئڻ  ! ڇا مان اوهان سان چڱائي ڪيان؟“ جيڪڏهن هن اهڙي اجازت نه ورتي ته بدن تي کل ئي نه هوندس. اڳي چيو ويندو هو ته ”چڱائي ڪري درياهه ۾ لوڙهجي“ پر هاڻي روايتون بدلجي چڪيون آهن. هاڻي چڱائي ڪري ان کي نه پر پاڻ کي لوڙهن گهرجي ڇو ته خيريت ان ۾ ئي آهي.
اسان جي قوم نفسياتي طور تي انهيءَ صورت حال کي ڇو پهتي آهي؟ چڱائي ڪندي هٿ ڇو ٿا سڙن؟ اوهان جيڪڏهن ڪنهن سان پيار ۽ خلوص سان هلندا ته هو اوهان سان نفرت ڪندو، ايئن ڇو ٿو ٿئي ؟ ڀلائي ڪندي موٽ ۾ برائي ڇو ٿي ملي؟ ٽن صدين کان وٺي اسان ان چڪڻ مان نه چڙهيا آهيون.لاکيڻي لطيف به دانهون ڪيون هيون ته ” اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي اها سٽ ٻڌائي ٿي ته اسان ڳڻائتن جا دشمن ٿيندا آيا آهيون. اسان چڙندا آهيون ته چڱائي ڪرڻ تي ناراض ٿيندا آهيون ته ڀلائي ڪرڻ واري تي ! اسان جي ريت ئي عجيب آهي.  جيڪو اسان سان دوکو ڪري اهو اسان جو خير خواهه آهي. جيڪو اسان جو استحصال ڪري، اهوئي اسان جو محسن آهي. اسان ڳڻ چور آهيون ۽ اسان جي دل جو دارون فقط ۽ فقط دوکو آهي. دوکي بنا اسان کي قرار ئي نه ٿو ملي.
قوم جي انهيءَ سوچ کي ڪير بدلائيندو؟ هي ڪم اهوئي مٿي تي کڻڻ گهرندو، جيڪو دوکو کائڻ ۽ دوکي ڏيڻ جي خلاف هوندو. جيڪو چڱائي کي چڱائي ۽ مندائي کي برائي ڄاڻيندو. جيڪو خود-فريبي ۽ قوم –فريبي ۾ ايمان نه رکندو هوندو. قوم کي ته قوم دشمن قوتن انهيءَ ڏاڪي تي اچي بيهاريو آهي. ان ڪري هي ڪم فقط ۽ فقط قوم جا خير خواهه ئي ڪري سگهن ٿا. اسان جي قوم اهڙي درياهه ۾ لڙهي رهي آهي، جنهن جو هڪ ڪنارو ڏوهه پرستي ته ٻيو ڪنارو خود – فريبي آهي . درياهه کي اهي بند ڌرتيءَ يا ڌرتيءَ ڌڻين پاڻ ڪونه ٻڌا آهن.اهي حالتن ۽ حادثن جا جوڙيل بند آهن. اهي ٽٽي سگهن ٿا ۽ اهي ٽوڙي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ عقل جو ڪوڏر ۽ همت جي بيلچن جي ضرورت آهي. انهيءَ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي ته ته قوم کي انهيءَ قيد ۾ ڪنهن بند ڪيو آهي. اُهي ڪهڙا محرڪ، محور ۽ مرڪز آهن جن اسان جي نفسيات کي اهڙو انوکو ۽ عجيب روپ ڏنو آهي.
هن صورتِ حال جي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ رهڻ جو پهريون ۽ بنيادي سبب اهو آهي ته قومي نفسيات جي ماهرن هن مسئلي کي مستقل طور تي سنگين مسئلي جي حيثيت ۾ نه کنيو آهي. شاهه ، سچل، سامي ۽ ٻين دانشورن هن مسئلي تي ضروري توجه ڏنو، پر ٻين انهيءَ جو تسلسل قائم نه رکيو . جيئن هر درد جي دوا ٿئي ٿي، تيئن هن مسئلي جو به حل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو.
اسان جي انهيءَ قومي نفسيات ان ڪري دائمي درد جي صورت ورتي آهي، جو صدين کان وٺي عام ۽ عوام کي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سياست، ڪڏهن ثقافت ته ڪڏهن علم ادب جي نالي تي ايترا ته دوکا ڏنا ويا آهن، جو هاڻ جيڪو قوم کي هن خود  فريبيءَ جي طلسم مان ڪڍڻ گهري ٿو ته سندس ڪوشش کي به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪنهن قوم سان چڱائي ڪئي هجي ته قوم کي به ڪڏهن چڱائي تي اعتبار اچي .اهم سبب هي به آهي ته اسان جي مٿئين طبقي چڱائي ۽ خلوص جي اهڙي ته مٽي پليت ڪئي آهي جو ماڻهن جو چڱائي ڪرڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جڏهن به نيڪي، چڱائي، خيرخواهي، سچائي خلوص۽ قرباني ، مطلب هر ڳڻ کي سرڪاري ، درٻاري، نوڪر شاهي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي دروازي تي وٺي وڃبو ته اهي ڳڻ اتان ننگا ، لنگڙا ۽ لولا ٿي موٽندا. ان ڪري حقيقت ۾ اسان مان ڪيترا ماڻهو حقدارن بدران ڳڻن کي حق غضب ڪندڙن جي در تي وٺي وڃن ٿا۽ اتان پاڻ توڙي ڳڻ بي مهتا ٿي موٽن ٿا. اهڙن ڳڻن جو حقدار عوام آهي ۽ اهي عوام لاءِ ئي آهن. اهي عوام دشمن قوتن لاءِ قربان ڪبا ته مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به هڙ پلئه نه پوندو.
ڳڻن تان ارواح ان ڪري به کڄي ويندو آهي جو انهن جي چهري تي ڪنهن نه ڪنهن لالچ يا غرض جو ٺپو هنيو ويندو آهي. اسان پاڻ جڏهن ڳڻن جا چهرا داغدار ڪنداسين ته پوءِ انهن کي عوام وٽ قبوليت ڪيئن ملندي؟
اسان جون دليون جيڪي ڌڻي ڄاڻي ته الائي ڪيترين صدين کان دوکي کي دارون ڄاڻينديون اچن ٿيون، انهن کي دلاسي ۽ درست دوا جي ضرورت آهي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻ تي يقين ۽ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ جي سگهه ڏئي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي اسان قدرن،نظرين ۽ اصولن جي منهن مٿي ڪرڻ لاءِ مالي ۽ جاني قرباني ڏئي سگهون. اسان جيڪڏهن هن موڙ تي ناحق، برائي ۽ اوڳڻن خلاف نفرت جي جذبي کي اڀاري سگهون ته عوام دوکي کي دل جو دارون ڄاڻڻ ڇڏي ڏئي. اسانکي پنهنجي قول ۽ فعل سان اوڳڻن جي ندا ڪرڻي پوندي ۽ عوام جي دلين جا تالا ٽوڙڻا پوندا. ماڻهو جيڪو ڪجهه محسوس ڪن ٿا، ان جو ڀرپور اظهار به ڪري سگهن. جيڪڏهن عوام کي اظهار جو موقعو مليو ته هو ڀلائي ۽ برائي، ظلم ۽ رحم، اوندهه ۽ روشني مطلب ته سمورن تضادن ۽ انهن جي فرق کي محسوس ڪري وٺندو اهڙيءَ حالت ۾ ئي هو دوکي کي دارون نه ڄاڻندو.

ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،  

رس مَ رسڻ گهوريو

رس مَ رسڻ گهوريو 

صدين جي  غلامي جي پاڇن ۾ پلجندڙ قوم جي ذهني ۽ فڪري بيهڪ ڏسڻي ۽ ماپڻي هجي ته پوءِ پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ئي هلت چلت ۽ قول فعل کي ڏسڻ گهرجي. اسان اها ئي قوم آهيون، جنهن غلامانه سوچ ۽ جاگيردارانه فڪر کي مصر جي مميز وانگر پنهنجي ذهنن ۾هميشه لاءِ محفوظ ڪري رکيو آهي . غلط فهمين، محرومين، ۽ پيڙائن جي دز اسان جي اکين ۾ اهڙي ريت ته گهر ڪري ويٺي آهي ، جو اسان سونهن، سچ ۽ حق کي به ڏسي ۽ پرکي نٿا سگهون. اسان جيڪو پاڻ سوچيون ٿا، ان کي ئي صحيح ڄاڻون ٿا ۽ لٺ کڻي ٻين کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا. اسان جيڪو پاڻ ڪيون ٿا ، ان کي درست ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کي پنهنجي پوئلڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيون ٿا. اسان سوچن ۾ بنهه ٻاراڻي اوستا وارا انسان بڻجي پيا آهيون . جيئن ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ڪو به ڪم نه ڪري ۽ فقط کيس ريجهائي پرچائي ، تيئن اسان به هر ڪنهن ڏاهي، مدبر سوچ ڌڻي ۽ دانشور ۾ اهڙي ئي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ، ڳالهائي ، سوچي ۽ لوچي . اسان جا جيڪڏهن افعال ايستائين غير جمهوري هجن ته به ڪڏهن نه  ڪڏهن فڪري ۽ علمي آزاديءَ جي تازي هوا اسان جي سوچن ۾ ڦيرو آڻي سگهي ٿي . ليڪن پاڻ وٽ ته ڳالهه اڃا اَور آهي. هتي ته مامرو ئي ٻيو آهي.
                        اسان جن حالتن مان گذرون ٿا ، انهن جي تقاضا اها آهي ته ڪجهه وقت اجتماعي جياپي ۽ وجود لاءِ پاڻ گڏ ٿيون. ليڪن پاڻ ائين نٿا ڪيون. اسان کي جڏهن متحد ٿيڻ گهرجي ته ان وقت باهمي اختلافن جو شڪار ٿي وڃون ٿا.اسان کي جتي محبت ڪرڻ گهرجي، اتي نفرتن جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. اسان کي جتي عفو ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، اتي ڪڏهن به معاف ڪرڻ نٿا گهرون.
                         پر ڳالهه اڃا اَور آهي! اسان الائي ڪهڙي عينڪ پاتي جو پنهنجن جون چڱايون به اسان کي عيب لڳن ٿيون. اسان جي اندر وارين اکين مان بصيرت جي قوت اهڙيءَ ريت ته ختم ٿي وئي آهي، جو پاڻ کي ڪنهن جو ڳڻ ڪنهن جي صلاحيت ۽ ڪنهن جي خوبي به نظر نه ٿي اچي . ان جي برعڪس جنهن ۾ ڪا چڱائي يا صلاحيت ڏسون ٿا ته چڙي پئون ٿا. هتي هڪ اڌ مثال ڏجي ته بي وقتو نه ٿيندو.
                        اسان جا ڪيترا اديب ۽ قلمي پورهيت گهڻو لکن ٿا ۽ سٺو لکن ٿا. مون سان هڪڙي نظرياتي مهربان اهائي شڪايت ڪئي بلڪه رازدارانه انداز ۾  پڇيو ته ” فلاڻو ڪي فلاڻو اديب هر ڪنهن موضوع تي لکي ٿو. مون کي شڪ ٿو پئي ته هو اهو سڀ ڪجهه پاڻ نٿو لکي، پر هن جي نالي ۾ ايجنسيون لکن ٿيون يا کيس لکي ڏين ٿيون.“ مان هن همراهه ڏي ڏسندو رهجي ويس. مون کي هن جي عقل تي ارمان ٿيڻ لڳو. عقل جي اڪابر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته ايجنسيون فقط اديبن کي مقالا ۽ مضمون لکي ڏيڻ لاءِ ڪونه ويٺيون آهن. ايجنسين کي انهيءَ کان وڌيڪ ۽ اهم ڪم ٻيا به هوندا آهن.
                        هاڻي ڪو انهيءَ بدنصيب، دانشور ۽ قلمي پورهيت کان  پڇي ته تون ته خلوص مان خلاص ٿي رهيو آهين ۽ پنهنجي سوچن جي رت کي مس بڻائي ڌرتيءَ خواهه ڌرتيءَ ڌڻي جي مسئلن، ماضي، حال، مستقبل تي لکي رهيو آهين، پر ڪن ماڻهن وٽ ته تنهنجو دڪو به داخل نٿو ٿئي . ويتر ان جي برعڪس اهي ته توکي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن . اهو حشر فقط  ۽ فقط اديب جو نه آهي . سماجي   ڪارڪن هجي، صحافي يا فنڪار هجي قوم جو خير خواهه پر جيڪڏهن هو واقعي خير خواهه ، پر خلوص ۽ بي لوث آهي ته دشمنن کان اڳ پنهنجا هن جا تختا ڪڍندا۽ پراون کان اڳ هن تي اهي ناراض ٿيندا، جن لاءِ هو سوچي يا لوچي رهيو هوندو.
                        رسڻ جي اها ريت عام ۽ عوام کي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن انهيءَ جا ماهر آهن ته اهي جيڪي پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ عقل جا اڪابر ڄاڻن ٿا. هنن ويچارن جي اها مجبوري آهي ته هو پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نٿا سگهن. هو لال جا آرسي آهن ۽ عمل جي دنيا ۾ گڙنگ موالي آهن. ان ڪري ذهن جو فتور هنن لاءِ انوکي قسم جا الهام کڻي ايندو آهي. هو اهڙين ئي سوچن کي عام ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اهڙن لولن لنگڙن انسانن برابر آهن ، جيڪي راهه وٺي ويندڙ هر ڪنهن مسافر کي پنهنجي بيساکيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . ڇو ته هو پاڻ اڳتي وڌي ۽ منزل طرف وڃي نه سگهندا آهن.
                        اهڙا لولا لنگڙا انڌا۽ منڊا انسان به ته پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جا آهن. اڪثر ڪري ڪو به لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي گهر ڀاتي کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪونه ڇڏيندو آهي. اوهان ۽ اسان به ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون. انڪري انهن کي لوڌي ڪڍڻ بدران کين ڳراٽڙيون پائي ، هٿ ٻڌي ليلاٽيون ڪري اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي اجايو رسڻ ڇڏي ڏين۽ ائين ناراض نه ٿين. پنهنجي قوم جي انهيءَ طبقي کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ کي کليو ڪتاب بنائڻو پوندو ۽ وڏي صبر خواهه تحمل سان انهن حالتن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جن جي روشنيءَ ۾ هو حق، سچ ۽ سونهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهن.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

اچو ، ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيون

اچو ، ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيون

 قومن تي ڪڏهن ڪڏهن ڏکوئيندڙ ڏينهن به ايندا آهن. بلاشڪ هينئن به ٿيندو آهي ته ”قوم جا مرد زالن جهڙا ۽ زالون جنازن جهڙيون ٿيو پون.“پر هيءَ ڳالهه، جنهن جي نشاندهي ابنِ خلدون جي حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي آهي،ايڏي خطرناڪ ڪانهي ، خطرناڪ ڳالهه ۽ خوفائتي صورتِ حال ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن قوم جا باشعور ماڻهو بي شعور، علم ڌڻي وائڙا ۽ اختيار ڌڻي خود غرض ٿي پون، اهڙِي صورتِ حال ۾ قوم جو واهي الله . اسان اهڙي ئي صورتِ حال مان گذري رهيا آهيون.
                        ڏکوئيندڙ صورتِ حال هي آهي ته اڪثر ڪري اسان مان هر ڪو اُهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو ڪجهه کيس پنهنجي ضمير، ذهن، علم ۽ ذميواريءَ پٽاندڙ ڪرڻ گهرجي. ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن؟ ڪنهن گهر کان دفتر تائين، بازار کان گهٽيءَ تائين، ادارن کان فردن تائين ٿوري نگاهه ڪري ڏسبي  ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.
                        ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري، پر اسان مان اڪثر ڪري هر ڪو نه ته پاڻ سان سچو آهي نه وري پنهنجي آدرش سان سچو آهي. اسان هر قسم جي آدرش سان مذاق ڪيون ٿا. قرآن مجيد انهيءَ لاءِ آهي ته اسان ان کي پڙهون، سمجهون، ۽ ان تي عمل ڪيون. اسان قرآن شريف کي ان وقت ڪم آڻيندا آهيون جڏهن پنهنجي چوري ٿيندي آهي ته ان کي ڳولهڻ لاءِ يا ٿيل چوريءَ جو الزام لڳندو آهي ته پوءِ قسم کڻي پنهنجي سچائيءَ جي تصديق ڏيندا آهيون. هونئن نه ته قرآن شريف ڏي ڏسندا به ڪونه آهيون.
                        اسان کي ڌرتي ۽ ڌر تيءَ - ڌڻين جا ڏک ان وقت ياد ايندا آهن. جڏهن پنهنجي مٿان کا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي. ان وقت اسان ڌرتي ۽ ڌر تيءَ - ڌڻين جي دکن دردن جو  دل کولي اظهار ڪندا آهيون، پر اهو به وري اهڙي نموني سان جو ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿئي ، پنهنجو مطلب به پورو ٿئي ۽ ٿورو وري ٻين تي ٿئي. مثال طور سکر بئراج جي تعمير جون ڳالهيون هليون ته اسان جي وڏيرن کڻي ”هاري پارٽي“ ٺاهي ته جيئن جلسن جلوسن ۽ نعرن هڻڻ لاءِ هاري ساڻن گڏ هجن ۽ زمينن وٺڻ  ۾ کين آساني ٿئي .
                        اهو زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ اسان پاڻ سان يا پنهنجي آدرش سان سچي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟اسان جا روحاني ، تعليمي، علمي ۽ سياسي آدرش انهيءَ ۾ خوش آهن ته اڻ ڳڻيا ماڻهو سندن معتقد ۽ پوئلڳ آهن. پر کين ڪهڙي خبر ته انسان انهيءَ الله کي مڃڻ لاءِ تڪڙو تيار ڪونه ٿيندو آهي ، جنهن کيس پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن هن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ سوا لک نبي موڪليا.
                        اسان وٽ آدرشن سان عقيدت جو اهو عالم آهي جو لطيف سائين زندهه هو ته رَتُ ڪري ڇڏيو سين. جڏهن اسان کان جدا ٿيو، تڏهن اسان لاءِ دنيا جو عظيم شاعر بڻجي ويو. اسان جو ڪنهن چڱي ڀلي شخصيت جي وفات کان پوءِ سندس نالي پٺيان اڪيڊميون ٺاهيندا آهيون ۽ انهيءَ جا ڏينهن ملهائيندا آهيون ، اهڙي عمل پٺيان به اڪثر ڪري پنهنجي شهرت واري لالچ لڪل هوندي آهي.       هي جو هيترا سارا ماڻهو جلسن ۽ جلوسن ۾ وڃن ٿا، ڪي انهن مان پنهنجا مٿا ڦاڙائن ٿا ۽ ڪي وري ٻين جون ٽنگون ٻانهون ڀنڃي اچن ٿا.انهن مان سندن پنهنجي رهبر لاءِ عقيدت ۽ محبت جي معنيٰ ڪڍڻ اجائي آهي.ڇو ته اهو نظرياتي نه پر نفسياتي مسئلو آهي. نظريات انسانن ۽ معاشرن جي سڌارن لاءِ هوندا آهن. ڪو به نظرياتي ماڻهو ڏڦيڙي ٿي نه ٿو سگهي. اسان مان اڪثر جذباتي ٿين ٿا. انهن پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران انهن جي غلامي کي پسند ڪيو آهي. ان ڪري اسان اڪثر ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿي پوندا آهيون. ان ڪري اهڙي طبيعت وارن کي معتقد ۽ محبتي سمجهڻ ڀل آهي. عام ماڻهو ڪنهن مطلب لالچ يا مجبوري کانسواءَ آدرشن جي ويجهو نٿو وڃي . تحفظ ۽ ترقي جو اونهو عام ماڻهوءَ کي سياسي ۽ سماجي آدرشن جي ويجهو آڻي ٿي. جوانيءَ ۾ ماڻهو فطرتاّ آدرش دوست ۽ انسان دوست ٿئي ٿو، ۽ پوڙهائپ ۾ به انسان عملي زندگي کان ڪٽجي وڃڻ بعد آدرشن جي ويجهو وڃي ٿو. اهي ٻئي دور گهڙي پلڪ برابر آهن. جوانيءَ ۾ انسان نظرياتي طور پختو نه ٿو ٿئي ۽ پوڙهائپ ۾ وري عملي طور تي ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي. انسان جي زندگي جو اهو وقت جنهن ۾ هو صبر ڪري سگهي ٿو ۽ نظرياتي پختگي ماڻي سگهي ٿو، ان ۾ هو اڻڳين مجبورين ۽ بيشمار مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو. هو زندهه رهڻ واري تانگهه ۾ گهڻو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.
                        آدرش ۽ خاص طور تي سياسي آدرش جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهن خواهه ملڪ جو مقدر بدلائي سگهن ٿا ۽ جيڪي عوام ۽ قوم کي ئي پنهنجو آدرش ڄاڻين ٿا ، انهن مان ڪيترا خود پنهنجي آدرش يعنيٰ عوام سان فريب ڪن ٿا ۽ هنن جي مقدر بدلائڻ نٿا گهرن ، ڇو ته سندن منفي سوچ مطابق هو حڪمران آهن ۽ ڄمندي حاڪم آهن . انهن حاڪمن کي هر دور ۾ محڪوم گهرجن ! ان ڪري سندن خيال مطابق جيڪڏهن محڪوم سڌري پوندا ته پوءِ هو ڪنهن تي حڪمراني ڪندا؟ڪيترن آدرشن سان ٻي جٺ پڻ آهي، اهي سياسي آدرش جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اقتدار جي ڪرسي تائين پهچن ٿا، تن کي سندن حريف ، خارجي قوتون ۽ انتظامي نا تجربيڪاري پير کپائڻ ئي نٿي ڏئي. ان ڪري اهي جڏهن به اقتدار ۾ اچن ٿا ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ مستقبل ۾ وري اقتدار ۾ اچڻ وارين تدبيرن ۾ لڳي وڃن ٿا. اهڙي صورتِ حال ۾ به عوام نظر انداز ٿئي ٿو.
                        هاڻي جڏهن عوام گهنگهر گهارڻ تي مجبور هجي ۽ ان جي هر دور ۾ ۽ هر ڪنهن حالت ۾ مقدر سڌارڻ واري ڳالهه ئي نٿي ته هو ڪيئن اهڙن آدرشن سان سچو ٿيندو؟ عوام جيڪو پاڻ خود سياسي آدرشن جو آدرش آهي، ان سان جڏهن بااختيار آدرش دوکو ڪندو ته هي وري ڪهڙي آدرش سان سچو رهندو؟ ادبي آدرش پاڻ بي اختيار هئڻ ڪري عوام جي بک ۽ بدحاليءَ کي ختم نٿو ڪري سگهي. مذهبي آدرش هن دنيا جا نه پر آخرت جا پڪا يقين ڏياري ٿو.ان ڪري عوام جي اڪثريت اهڙن آدرشن کي به هاڻي پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ ويهڻ جي جاءِ نه ٿو ڏئي.

                        هن صورتِ حال سڄي ڳالهه کي منجهائي ڇڏيو آهي، عوام آدرش سان ان وقت تائين سچائي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو جيستائين اصلي ۽ نقلي آدرشن جو فرق نمايان نه ٿو ٿئي . حق ۽ سچ اهو آهي ته اصلي آدرش عوام آهي. جيڪڏهن باقي آدرشن طرفان هن جو استحصال نه ڪيو ويندو، هن کي بيوقوف نه بڻايو ويندو ۽ هن سان سچي محبت ڪندي خدمت نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ثانوي آدرشن کي ڪو به دل سان قبول نه ڪندو. ان وقت تائين ماڻهو مجبوريءَ، ڊپ، لالچ ۽ مصلحت مان ڪم وٺي گڏهه کي ابو چوندو رهندو.
                        منهنجي خيال ۾ هن صورتِ حال ۾ مذهبي آدرشن ۽ ادبي آدرشن کي عوام جي آدرشي عظمت ۽ اهميت جا گيت ڳائڻ گهرجن. ڪٿي به، ڪڏهن به عوام سان آزار ٿئي ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان خلاف آواز بلند ڪيو وڃي.


(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،