Monday, December 24, 2018
Tuesday, December 4, 2018
لفظن جي سونهن کان گدلاڻ تائين!
شفيق الرحمان شاڪر
اڪثر ٻڌندا آهيون ته انسان کي تهذيب جي دائري ۾
رهي ڪري ڳالهائڻ گھرجي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ڪنهنجي ڪهڙي تهذيب آهي ۽ ان جو وٽس
معيار ڇا آهي،اها خبر نٿي پوي.وري سڀ ڪنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجا معيار هوندا
آهن.هر ڪنهن وٽ تهذيب جا مختلف دائرا ۽ حدون هونديون آهن،هر قوم ۽ هر سماج ۾ الڳ
الڳ تهذيب ۽ اخلاقي معيار مقرر ٿيل آهن.تهذيب جا اهي دائرا ڪڏهن پکڙبا ته ڪڏهن
سسندا به رهن ٿا.انهيء جون حدبنديون به هيٺ مٿي ٿينديون رهن ٿيون پر پوري دنيا ۾
ڪجهه شيون اهڙيون ضرور آهن جيڪي هر تهذيب ۽ سماج ۾ مڃيل ۽ تسليم ٿيل آهن،ايئن چئجي
ته اهي متفقه تهذيبي ۽ اخلاقي معيار آهن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.مثال؛
معاملا عدل ۽ انصاف سان طيء ڪرڻ، ڪوڙ ۽ دوکي وارو وهنوار نه ڪرڻ،ماڻهن سان اخلاق ۽
تميز سان ڳالهائڻ وغيره پر هاڻي قوم ۽ فرد جي جي گڏيل ۽ ذاتي روين ۽ مزاج جي ڳالهه
اچي وڃي ٿي ته انهن ڪهڙي ماحول ۾ سکيا ورتي آهي.اسان وٽ هاڻي تهذيب جو دائرو ڪجهه
وڌندو ئي ٿو وڃي ۽ انهيء ۾ اهو ڪجهه به اچي رهيو آهي جيڪو نه ڪڏهن ڏٺوسين ۽ نه
ٻڌوسين خاص طور تي سياست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بي لگام زبان ۽ تهذيب جو دائرو گھڻو وڌي
چڪو آهي.
لفظن جي وڏي اهميت هوندي آهي.زندگيء ۾ انهن جي
آفت ڀوڳڻ سان گڏوگڏ انهن مان فائدو به گھڻو ئي کنيوسين.انهن ئي لفظن سان گھر آباد
ٿيندي ۽ بگڙندي ڏٺاسين.جيڪي لاڳاپا قبوليت جي ٽن لفظن سان شروع ٿيا ۽ محبت ڀريل
لفظن سان جڙيا رهيا اهي زهر ڀريل لفظن سان ڪمزور ٿي ويا ۽ وري ٽن لفظن سان هميشه
لاء ٽٽي به ويا.ڪنهن جا مٺاڻ ڀريا لفظ اهو ڪم ڪري ويا جو دليون محبت سان ٽمٽار ٿيڻ
لڳيون۽ ڪنهن جي من ۾ گھر اڏجي ويا ۽ انهن ئي لفظن سان ڪروڙين پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ پنهن
جي ضد تي اڙجي ويا ۽ پڪل ميوا سڙي ويا ۽ لفظن جي خزان سان زندگي۽ جا پن ئي زري
ويا.پر انهن ئي لفظن جو جڏهن صحيح ۽ مناسب استعمال ٿيو ته وري بهار اچي ويئي،ڪيئي
گل ٽڙي پيا.لفظن جي صورت ۾ ڪنهنجو چوڻ به گلن جهڙو ۽ ڪنهن جي گفتگو ڪنڊن
جهڙي.ڪنهنجا ٻول اهڙا ته اڪسير ڄڻ ته اجڙيل چمن ۾ بهار اچي وڃي ۽ ڪنهن بيمار کي بي
سبب قرار ملي وڃي.۽ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي بازي هارائي وڃن اهي زندگيء جي بازي
کٽي وٺن ٿا.جيڪي لفظن جي مار تي صبر ڪري وڃن انهن جي تقدير تبديل ٿيندي ڏٺيسين ۽
هر بگڙيل ڪم ٺهندي ڏٺوسين.
مطلب ته عمل ۽ ڪردار جي اهميت پنهنجي جڳهه تي
پر لفظن سان ڪردار جو سينگار۽ نماڻائيء ۽ عاجزيء سان ڏنل دعائن کي خدا جي پڪار ۽
انهيء تي مالڪ جو پيار ۽ مليو جو قبوليت جو هار۽ اهڙيء طرح ٻڏل ٻيڙا ٿي ويا پار.
سياست ۾ به جيڪر برو ڀلو چوڻ ضروري ئي هجي ته
اهو به تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري چئي سگھجي ٿوجنهن سان اڃا به ڪنهن کي خوبصورت
لفظن سان وڌيڪ چوٽ لڳائي سگھجي ٿي۽ سامهون وارو پشيماني وچان زمين تي نڪ رڳڙڻ تي
مجبور ٿي سگھي ٿو.ڪن ٻن ڀائرن وچ ۾ ڪنهن مامري تي تلخي پيدا ٿي پيئي ۽ ڪاوڙ به
سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.ننڍي ڀاء کي وڏي ڀاء تي جيڪو غصو هو سو هن طرح وڏي ادب ۽
احترام سان ٻاهر ڪڍيائين ته “پيارا ڀاء! لڳي ٿو ته توهان گڏهه آهيو!“ اهو ئي طريقو
جيڪر وڏا ۽ ننڍا سڀ سياستدان اختيار ڪري وٺن ته هوند سندن پوئلڳن کي ڪجهه سڪون اچي
وڃي.
۽ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪجهه خوبصورت لفظ اسان جي
زندگي بدلائي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن لفظن سان گڏ ڪردار به شامل ٿي وڃي ته تهذيب بدلجي
وڃي۽ تاريخ بدلجي وڃي ۽ سياست بدلجي وڃي ۽ رياست بدلجي وڃي.
برائيء جي بدلي م ڀلائيء جو خوب اٿر ٿئي ٿو،ان
سان وڏا وڏا ڪميڻا انسان بدلجندي ڏٺاسين پر آهي اهو نهايت ئي مشڪل ڪم!
قرآن ڪريم ۾ خالق ڪائنات فرمايو ته
“برائيء کي ڀلائيء سان پري ڪريو پوء اهو جنهجي
اوهان سان دشمني آهي اهو اوهان جو جگري دوست بڻجي ويندو.“
Sunday, November 25, 2018
پنهن جو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارو رويو.
سنڌيڪار ؛ شفيق الرحمان شاڪر
پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ اهو عمل آهي جڏهن ڪو
ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي.ان جا ڪيترائي طريقا ٿي
سگھن ٿا.مثال ؛ گھڻي مقدار ۾ منشيات يا دوائن جي استعمال سان،پنهنجوپاڻ کي وڍڻ يا
زخمي ڪرڻ يا ساڙڻ سان،مٿويا جسم ڪنهن سخت
شيء سان ٽڪرائڻ سان،ڪنهن سخت شيء کي جسم ۾ ٽنبڻ يا ڪا نقصانڪار شيء ڳورڻ سان.ٻين
ماڻهن کي محسوس ٿي سگھي ٿو ته ماڻهو ٿڌي دماغ سان ۽ ڄاڻي ٻجهي شايد نااميديء سبب
اهڙا قدم کڻن ٿا.حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو به پنهنجوپاڻ کي اذيت پهچائين ٿا اهي سخت
پريشاني، تڪليف، مايوسي،رنج ۽ ناقابل برداشت اندروني هيجان جي اثر هيٺ ايئن ڪندا
آهن.ڪجهه ماڻهو ايئن ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن،ڪجهه اوچتو ايئن ڪري ويهندا
آهن.ڪجهه ڪڏهن وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائيندا آهن ته ڪجهه وري وري اهو
ڪرڻ لڳندا آهن،اهڙيء طرح اها انهن جي خطرناڪ عادت بڻجي ويندي آهي.اسان مان ڪي
ماڻهو غير واضح پر خطرناڪ طريقي سان پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا.ٿي سگھي ٿو ته
اسان ڪو اهڙو رويو اختيار ڪيون جيڪو ظاهر ڪري ته اسان کي زندگي يا موت جي پرواهه
ناهي رهي.تحقيق مطابق ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڏهن مان هڪ نوجوان شخص پنهنجو پاڻ کي اذيت
پهچائي ٿو.اهو فعل مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي.هم جنس پرست ماڻهن ۾ پنهنجو
پاڻ کي اذيت پهچائڻ جو لاڙو وڌيڪ هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن نوجوان ٽولن جي صورت ۾
پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا،جيڪر اوهان جو ڪو دوست پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي
ٿو تڏهن ان ڳالهه جا امڪان وڌي ٿا وڃن ته اوهان به پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ شروع
ڪيو.جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا انهن ۾ ان ڳالهه جو امڪان گھڻو
هوندو آهي ته انهن سان ننڍپڻ ۾جسماني يا
جنسي تشدد ٿيو هجي.تحقيق ذريعي جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا،حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ کي
ايذائڻ جي شرح ان کان گھڻي آهي ۽ سروي موجب چار هزار ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي
اذيت ڏيڻ سبب اسپتالن ۾ آندا ويا هئا انهن مان اسي سيڪڙو ماڻهن دوائون زياده مقدار
۾ استعمال ڪيون هيون ۽ اٽڪل پندرهن سيڪڙو اهي هئا جن پنهنجو پاڻ کي چڪ پاتا هئا. هاڻي
بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ٿا پهچائين؟انهيء جا ڪيترائي
سبب ٿي سگھن ٿا.جن ۾ جذباتي معاملا ۽ مونجھارا،جسماني يا جنسي تشدد،لاڳيتو اداس
رهڻ يعني ڊپريشن،پنهنجو پاڻ کي برو سمجھڻ،پنهن جي جيون ساٿي،ڪنهن دوست يا رشتيدار سان ڇڪتاڻ وارا
لاڳاپا هئڻ،يا اهو محسوس ڪرڻ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن،مايوسين جو وڌي
وڃڻ،اڪيلائي محسوس ڪرڻ،اجايي غصي جي حالت ۾ بي قابو ٿي وڃڻ،بيوسي محسوس ڪرڻ ته
سامهون آيل صورتحال کي بدلائڻ لاء آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان،منشيات ۽ الڪوحل جو
ايترو استعمال جو اهي اثر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين،ڪنهن شخص کان بدلي وٺڻ جي ڪوشش باوجود
بدلو نه وٺي سگھڻ وغيره.
اهو سمجھڻ گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ
وارن مان گھڻا نفسياتي مريض نه هوندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ڊپريشن جا مريض ٿي سگھن
ٿا.ڪجهه ماڻهن ۾ بيماريء جي حد تائين شخصي ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪن کي منشيات
يا الڪوحل جي عادت ٿي سگھي ٿي.بهرحال انهن سڀني کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.انهن
ماڻهن جي ان عمل کي سنجيدگيء سان وٺڻ گھرجي ۽ سندن هرممڪن مدد جي ڪوشش ڪرڻ
گھرجي.پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪنهن کان مدد نه گھرندا آهن توڙي جو کين
معلوم هوندو آهي ته اهي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آهن پر اهي ان مسئلي جي باري ۾ ٻئي
کي نٿا ٻڌائي سگھن. انهن مان اهڙا ماڻهو نهايت ئي خطري جي نشان تائين پهچي وڃن ٿا
جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ لئي ڪو خطرناڪ
يا سخت طريقو اختيار ڪندا هجن يا باقائدگيء سان پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي رهيا
هجن،اهي به جيڪي سماجي طور تي اڪيلا هجن يا جن کي ڪو ذهني مرض به لڳل هجي.اهڙن
ماڻهن جو ڪنهن سائڪاٽرسٽ کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙن مريضن جي علاج جا
ڪيترائي طريقا موجود آهن پر شايد “پرابلم سالونگ ٿراپي“ يعني مسئلن کي سڌو سنئون حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ
وارو طريقو وڌيڪ اثرائتو شمار ڪيو وڃي ٿو.جيڪر توهان مان خدانخواسته ڪو اهڙي
صورتحال جو شڪار آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت به ڪافي بهتري آڻي سگھي
ٿو.پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ جا خيال ٿوري دير ۾ ئي هليا ويندا آهن جيڪر اوهان
پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سواء ٿوري دير ان پريشانيء کي برداشت ڪندا ته ايندڙ ڪجهه
ڪلاڪن ۾ پريشاني آسان ٿي ويندي.ان صورتحال ۾ اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو
ٿا، ڪنهن دوست کي فون ڪري سگھو ٿا.جيڪر توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي اهڙي شخص سان گڏ
آهيو جنهن سان گڏ رهڻ اوهان کي برو ٿو محسوس ٿئي ته ترت اها جڳهه ڇڏي ڏيو.ٻاهر
نڪري ڪو گانو ڳايو،موسيقي ٻڌو يا اهڙو ڪم ڪريو جيڪو اوهان کي پسند هجي.پنهنجو ڌيان
پريشانيء يا مسئلي تان هٽائي ڪنهن ٻئي طرف لڳايو،پنهنجو پاڻ کي پرسڪون بنايو ۽
ڪنهن وڻندڙ لمحي جو تصور ڪيو.پنهنجي جذبات جي اظهار جو ڪو ٻيو طريقو ڳولهيو جيئن
برف جي ٽڪرن کي مٺ ۾ دٻائڻ وغيره،پنهنجوم پاڻ کي اذيت پهچائڻ سواء چارو نه هجي ته
پنهنجو پاڻ کي نقصان نه ڏيندڙ درد پهچايو جيئن ڳاڙها مرچ يا ٿڌي برف کائڻ يا ٿڌي
پاڻيء سان وهنجڻ.پنهنجي ذهن جو ڌيان مثبت شين تي رکو.ان وقت ڪو خط يا ڊائري وغيره
به لکي سگھو ٿا ته ان وقت توهان سان ڇا ٿي رهيو آهي.
انهيء صورتحال جو شڪار ماڻهن جي عزيزن ۽ دوستن
تي به اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ گھرن
ته انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪن،انهن جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوء آهستي آهستي
گفتگوء جو موضوع بدلائي وٺن.پر انهن کان رات وچ ۾ اهو عمل ڇڏڻ جي اميد نه رکڻ
گھرجي جو رويا بدلجڻ ۾ وقت لڳي ٿو.انهن سان ڪاوڙ يا ناراضگيء واري انداز ۾ پيش نه
اچڻ گھرجي ۽ نه ئي انهن جو معالج بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
(روزاني هلال پاڪستان)
Saturday, October 13, 2018
مرڪ جيڪا من موهي ٿي!
شفيق الرحمان شاڪر
شهر جي هڪ ڊنر پارٽيء ۾ هڪ مهمان عورت جنهن کي ورثي ۾ گھڻي
دولت هٿ آئي هئي، ان ڳالهه جي خواهشمند هئي ته ٻين سان ملڻ وقت اها ٻين کي هر صورت
۾ متاثر ڪري سگھي.هن عمدي پوشاڪ سان گڏوگڏ نهايت ئي قيمتي زيور به پهري رکيا هئا
پر سندس چهري تي اعليٰ قسم جي ميڪ اپ هئڻ باوجود به حقيقي تازگي نظر نٿي آئي.هن جو
چهرو جذبن کان خالي هو بلڪه انهيء تي خود غرضيء جي جھلڪ صاف نظر اچي رهي هئي.هن کي
اها ڄاڻ بلڪل ئي نه هئي ته ماڻهو سڀ کان اڳ ٻئي جو چهرو ئي ڏسندا آهن ۽ چهري تي
مرڪ هئڻ ڪيتري قدر ضروري آهي؟ ان جو اندازو هن کي نه هو.ان جي ابتڙ سندس خيال هو
ته هن جو سهڻو لباس ۽ قيمتي زيور خود بخود ماڻهن کي هن طرف ڇڪيندا ۽ اهڙيء طرح هوء
محفل ۾ موجود سمورن مهمانن تي پنهنجي باري ۾ هڪ سٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويندي.
چارلس شواب جي چوڻ مطابق “ سندس مرڪ جي قيمت هڪ لک ڊالر
آهي.” هن بلڪل صحيح چيو آهي.شواب جي شخصيت،سندس جادوئي اثر واري گفتگو ،من کي
موهيندڙ مرڪ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري انهن کي سندس ذات ۾ دلچسپي وٺڻ لاء
مجبور ڪرڻ چارلس شواب جي ڪامياب شخصيت جون منفرد خوبيون هيون ۽ سندس غير معمولي
ڪاميابيء جو راز به اهو ئي هو.سندس پراثر شخصيت ۾ سڀ کان وڏو عنصر سندس خوبصورت
مرڪ هئي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي چهري تي اڀرندڙ تاثر
لفظن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ انهن مان هڪڙو تاثر مرڪ يا مسڪراهٽ به آهي.پر
اهڙي مرڪ جنهن ۾ سچائي نه هجي يا ڪنهن زبردستيء واري مرڪ سان ڪنهن کي بيوقوف بنائي
نٿو سگھجي.اهڙي ٺڳي جلد ئي پڪڙجي پوي ٿي.هتي رڳو ان مرڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن
۾ گرمجوشي هجي ۽ جنهن ۾ دل جا حقيقي جذبا شامل هجن.مشي گن يونيورسٽيء ۾ نفسيات جو
هڪ پروفيسر جيمسن مرڪ جي باري ۾ لکي ٿو ته
“ اهي ماڻهو جيڪي سدائين مسڪرائيندا رهندا آهن اهي جيڪر دفترن ۾ هجن ته سٺا نگران
۽ بهترين منتظم ثابت ٿين ٿا.جيڪر اهي استاد هجن ته شاگرد انهن کان خوش رهن ٿا.جيڪر
سيلز مين هجن ته پنهنجون شيون نهايت ڪاميابيء سان وڪڻي سگھن ٿا.منهن تي گھنج جي
بدران مرڪ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اهڙيء طرح پڙهائڻ وقت سزا جي بدران حوصلا
افزائي وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ٿي.”
مرڪ جا اثر نهايت ئي طاقتور ٿين ٿا ايستائين جو توڙي اوهان
اهڙي جڳهه تي مسڪرائي رهيا هجو جتي اوهان کي ڪو ئي ڏسڻ وارو به موجود نه هجي تڏهن
به ان جا اثر گھڻو پائيدار ٿين ٿا.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر توهان
مسڪرائڻ چاهيو ئي نٿا ته پوء ڇا ڪجي؟ٻه حل ٿي سگھن ٿا پهريون اهو ته زبردستيء کلڻ
جي ڪوشش ڪجي. يا جيڪر اڪيلائي هجي ته سيٽي وڄائجي يا وري ڪو گانو ڳائجي ۽ ظاهر ڪرڻ
جي ڪوشش ڪيو ته اوهين خوش آهيو.انهيء ڳالهه کي ماهر نفسيات وليم جيمس هنن لفظن ۾
بيان ڪري ٿو “ اسان جي هر عمل پويان اسان جا جذبا لڪل هوندا آهن.اهي ٻئي زندگيء ۾
گڏ گڏ هلندا آهن.عمل انسان جي اختيار ۾ هوندا آهن پر جذبا سندس اختيار ۾ نه هوندا
آهن سو اسان پنهنجي عمل کي جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو آهي قابوء ۾ آني پنهنجن جذبن
تي به اختيار حاصل ڪري سگھون ٿا.جنهن ڪري خوش رهڻ جو رستو ئي اهو آهي ته اوهان
اٿندي ويهندي خوش رهو۽ ڳالهه ٻولهه دوران به مسڪرائيندا رهو جنهن مان ٻين کي محسوس
ٿيندو ته انهن سان ملندي يا ڳالهائيندي اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي.”
هن دنيا ۾ اسان مان هر ماڻهو خوشيء جي ڳولا ۾ آهي پر انهيء
کي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ئي يقيني ۽ بهترين طريقو آهي ته اسان پنهنجن خيالن تي
قابو آڻيون.خوشيء جو تعلق ٻاهرين حالتن سان نٿو ٿئي پر اهي اسان جي اندر مان جنم
وٺنديون آهن.خوشي اها ناهي ته توهان ڇا آهيو ۽ ڇا ناهيو يا اوهان وٽ ڇا ڇا آهي؟
مثال طور ڪنهن ساڳي هنڌ ۽ ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ٻه شخص جيڪي ساڳئي قسم جو ڪم ڪندا هجن ۽ ساڳي پگھار
وصول ڪندا هجن ۽ ٻنهي کي زندگيء جو هڪجهڙيون آسائشون به حاصل هجن پر انهن ٻنهي مان
هڪڙو ّخوش ۽ ٻيو مايوس زندگي گذاري سگھي ٿو.آخر ايئن ڇو؟ انهيء جو سبب رڳو انهن ٻنهي
جو ذهني رويو آهي.لڱ ساڙيندڙ اس ۾ به ڪنهن ڪڙميء کي خوش ڏسي سگھجي ٿو ان جي ابتڙ
ڪنهن وڏي عاليشان ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ رهندڙ ڪنهن شخص کي رنج ۽ اداس پسي سگھجي
ٿو.وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته “ دنيا ۾ ڏک يا سک نالي ڪا شيء موجود ئي ناهي،اها
اسان جي سوچ آهي جيڪا انهن شين کي جنم ڏئي ٿي.” ابراهم لنڪن هڪ ڀيري چيو هو “
ماڻهو صرف ايترو ئي خوش هوندو آهي جيترو سندس ذهن خوش هوندو آهي.”
جڏهن به ٻاهر نڪرجي ته پنهنجي کاڏيء کي ٿورو اندر طرف
موڙجي،مٿي کي اوچو ۽ ڦڦڙن کي کليل رکجي،سج جي روشنيء ۾ کائجي ۽ پيئجي،فطرت جي
هوائن ۾ ساهه کڻجي ۽ پنهنجي دوستن جو آڌر ڀاء هميشه گرمجوشيء ۽ هڪ پرخلوص مرڪ سان
ڪجي.ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪجي ته اسان جي ان رويي جو ماڻهو ڪهڙو مطلب وٺندا ۽
پنهن جن دشمنن جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گھرجي.اها ڳالهه مضبوطيء
سان دل ۾ ويهارڻي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گھرون ٿا سو نهايت ئي يقين سان
آخر ڪار حاصل ڪري سگھون ٿا.پنهنجي ذهن ۽ سوچن کي عظيم،شاندار ۽ هاڪاري شين تي ئي
مرڪوز رکڻو آهي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا اندر ۾ يقين جي قوت وڌيڪ مضبوط ٿيندي
ويندي ۽ اسان کي پنهنجي لاشعور ۾ اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته اسان ۾ اهي عظيم ۽ شاندار
شيون حاصل ڪرڻ جو سموريون گھربل صلاحيتون بهترين نموني موجود آهن.پنهنجي ذهن ۾ ان
عظيم انسان جو تصور ۽ خاڪو هروقت ويهاري رکو جيڪو اوهان بنجڻ گھرو ٿا.اوهان جون
سوچون اوهان کي هر ڪلاڪ بعد وڌيڪ ان سانچي ۾ بدلائينديون وينديون رڳو پنهنجو ذهني
رويو درست طرف ۾ رکڻو آهي.اهي سوچون ئي نئين تخليق هونديون آهن . مرڪ جنهنجو ڪو ملهه ناهي پر تاثير
جي لحاظ کان اها نهايت ئي قيمتي شيء آهي.توڙي جو اها چند سيڪنڊن لاء هوندي آهي پر
ان جو اثر دير تائين قائم رهي ٿو.جنهن کي مرڪڻ نٿو اچي اهو پنهنجو پاڻ کي سڃو
سمجھي.مرڪ جيڪا گھر ۾ خوشيون پکيڙي ٿي،ڪاروباري دنيا ۾ نوان رستا جوڙي ٿي ۽ سماجي زندگيء ۾ نيون
دوستيون پيدا ڪري ٿي.پريشانين ۾ آٿت ڏئي ٿي، مايوسين ۾ اميدن جو سوجھرو بڻجي ٿي،ڏکويلن
لاء دلاسو بڻجي ٿي. اها قدرت جو اهڙو انمول تحفو آهي جنهن کي ڪنهن دوڪان تان خريد
ڪري نٿو سگھجي ۽ نه ئي اها ڪنهن کان اڌاري وٺي سگھجي ٿي. ڪو انهيء کي چورائي
نٿوسگھي جو اوهان جي دلي جذبن جو مظهر هوندي آهي!
(روزاني جيجل 11 آڪٽوبر 2018ع)
Saturday, September 29, 2018
زندگيء ۾ مضبوط سهاري وارو نظريو!
شفيق الرحمان شاڪر
پرسڪون زندگي گذارڻ لاء
انسان کي سدائين ڪنهن مضبوط سهاري جي
ضرورت هوندي آهي.اها ڳالهه هونئن ته سمجھڻ ۾ ايتري ڏکي ڪانهي پر ان جي مختلف پاسن
کي سمجھڻ لاء ان تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.ڪنهن شخص کي رهڻ لاء هڪ مضبوط گھر يا
عمارت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي هر قسم جي موسمي تبديلين ۽ حالتن ۾ پناهه
ڏيئي سگھي ۽ سندس حفاظت به ڪري.هڪ مضبوط عمارت جي شروعات ان جي مضبوط بنياد سان
ٿئي ٿي.اهو ٿي نٿو سگھي ته ڪنهن عمارت جو بنياد ته ڪمزور هجي پر اها عمارت مضبوط
هجي.بنياد کان پوء ان جي ديوارن طرف اچو ته ديوار جي هر سر به مضبوط هئڻ گھرجي نه
ته اها ديوار ڇت جو بار سهي نه سگھندي. وري هر ديوار ٻي ديوار جو
سهارو بڻجي ٿي.بلڪل اهڙي نموني هڪ مضبوط سهارو ٻئي حصي جي مضبوطيء جو ضامن بڻجي
ٿو.ڪنهن وڻ کي ڏسو! جيستائين ٿڙ طاقتور نه هوندو اهو ڪو مضبوط ۽ پختو وڻ بڻجي نه
سگھندو.مضبوط ٿڙ کي سهارو ڏيڻ لاء وري مضبوط پاڙن جي گھرج پوي ٿي.مضبوط ٿڙ مان
ٽاريون ڦٽن ٿيون جن تي گل.پن ۽ ميوا ٿين ٿا.توڙي جو اهي پاڻ نهايت نازڪ ۽ ڪمزور
ٿين ٿا پر هڪ مضبوط ٿڙ سان ڳنڍيل هئڻ ناتي بلندي ۽ اوچائيء مان لطف اندوز ٿين ٿا. جيڪر
سندن اهو مضبوط سهارو يعني ٿڙ ڪپيو وڃي ته اهي بلنديء سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي به
وڃائي مٽيء ۾ ملي وڃن ٿا يا وقت جون هوائون انهن کي پنهنجي مرضيء سان هيڏانهن
هوڏانهن اڏائينديون رهن ٿيون.هاڻي انساني وجود کي ڪجهه دير لاء سوچ هيٺ آڻيون
ٿا.ان وجود مان جيڪر هڏين جو ڍانچو ڪڍي ڇڏجي ته سندس طاقت مٽيء جي ڪنهن ڳنڍي سواء
ڪجهه نٿي رهي.ماس جي طاقت جو دارومدار هڏن جي طاقت تي آهي.جيترو هڏ مضبوط هوندا
ماس ۽ جسم به اوتروئي مضبوطي ۽ طاقت محسوس ڪندو.ماس کان هڏيء جو تعلق ٽوڙيو وڃي ته
ماس جي طاقت ٻڙي بڻجي وڃي ٿي.اسان جا ڏند اسان کي کاڌو کائڻ،سخت شين کي چٻاڙڻ ۽
ٽوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا،جڏهن اهي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري موڪلائي وڃن ٿا ته
اسان جو وات رڳو کچڻي کائڻ واري مشين بڻجي ڪري رهجيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته
انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو اتي هن کي به هروقت ڪنهن مضبوط سهاري جي هروقت ضرورت رهي
ٿي.انهيء مضبوط سهاري جي تلاش ۽ نفسيات هيٺ انسان پنهنجي خاندان جي پئدائش ۽
اوسر،ذات ۽ قبيلي جي واڌاري،علاقائي ، نسلي،مذهبي ۽ سياسي تعصب سان دلچسپي رکندو آيو آهي.انهيء ئي مضبوط
سهاري جي سوچ هيٺ رياستن ،ملڪن ۽ اقوام متحده جو قيام عمل ۾ آيو.اهو ئي نظريو طاقت
حاصل ڪرڻ،معاشي ۽ دفاعي بلاڪ جڙڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن جي جوڙ جڪ پويان
ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي سوچ انسان کي روحانيت طرف ڇڪي وڃي ٿي.مضبوط سهاري جي
ڳولا ۽ جستجو ۾ انسان پوري زندگي ڊوڙندو رهي ٿو.ان جو بنيادي سبب اهو جو انسان پنهنجي
فطرت ۽ بيهڪ ۾ گھڻو ڪمزور آهي.هن جي مجبوري آهي ته هن سان روز نت نوان حادثا پيش
ايندا ٿا رهن يا پيش اچي سگھن ٿا.وري کيس بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.انسان جي
سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس مري وڃڻ آهي.موت هروقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو جيڪو کيس
اوچتو بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي قابو ڪري وٺي ٿو.انهن فطري ڪمزورين سبب هن کي هر
وقت ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت رهي ٿي.ان کان سواء انسان جي سماجي زندگيء جون
گھڻيون بنيادي شيون ڪنهن سهاري کان سواء سرانجام ڏيئي نٿيون سگھجن.هاڻوڪي اولهه جي
دنيا کي ڪنهن حد تائين ڇڏي ڪري سدائين انساني سماجن ۾ خاندان جي واڌ ويجهه هڪ اهم
۽ لازم فيڪٽر رهيو آهي.هونئن ته ڪنهن حد تائين جانورن جي زندگيء ۾ به خاندان جو
تصور پاتو وڃي ٿو ۽ اهو به جھنگلي زندگيء ۾ پيش ايندڙ خطرن سبب وجود ۾ ايندي محسوس
ٿئي ٿو.جيڪي جانور شڪار ڪندا آهن اهي اڪثر ننڍن ٽولن ۾ جڏهن ته شڪار ٿيندڙ جانور
وڏن ٽولن ۾ هوندا آهن.سماجي طور تي انسان کي سدائين خاندان جي ضرورت رهي آهي.خاندان
جي رشتن کي مذهب ۾ به هڪ مقدس حيثيت حاصل رهندي ٿي اچي.هونئن به انسان کي فطري طور
تي پنهنجي ماء پيء سان محبت ٿئي ٿي ساڳيء طرح ماء پيء کي وري اولاد سان انيڪ پيار
هوندو آهي.ننڍپڻ ۾ ماء پيء ٻارن لاء مضبوط سهاري وارو ڪم ڪن ٿا جو ان وقت ٻارن کي
زندگيء جي وک وک تي سهاري جي ضرورت رهي ٿي پر جڏهن اهي جوانيء ۾ قدم رکن ٿا ته
سهاري جي اها ضرورت به گھٽبي ويندي آهي.پر جڏهن هو پوڙها ٿين ٿا کين واپس سهاري جي
ضرورت پوي ٿي.
قبيلي،ذات ۽ برادريء جو
تصور به انسان جي مضبوط سهاري جي ڳولا جو آئينادار آهي.ڪٽنب يا خاندان هڪ محدود
سهارو آهي پر سماجي زندگيء ۾ انسان کي وڏن وڏن ٽولن سان مقابلي جي نوبت اچي ٿي جتي
ڪٽنب کان وڌي ڪري برادري يا قبيلي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي.انسانن جون ذاتيون ۽ قبيلا
اوڀر جي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيا آهن.قبيلي ۽ برادريء کان پوء
علاقائي،لساني يا نسلي تعصب کي به هڪ مضبوط سهاري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيئن
ڪراچيء ۾ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن وٽ پنهنجي ڪا زمين نه هئي ان ڪري انهن جي
اڪثريت سدائين ان خوف جو شڪار رهي ۽ انهيء خوف کي ڪن خاص سياسي مقصدن لاء اڀاريو
به ويو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديء کان ڪنهن به وقت زمين کسجي سگھي ٿي تنهن ڪري ان
خوف خلاف هڪ مضبوط سهاري طور زبان ۽ نسل واري سوچ اختيار ڪئي ۽ پنهنجي بقا ۽
سلامتيء لاء مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو. مذهبي تعصب به انسانن لاء هڪ وڏو مضبوط سهارو
رهندو ٿو اچي. انسان جو مذهب سان لڳاء ٻين سمورين مادي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط
ٿئي ٿو.مذهب جو اهو سهارو هر مذهب کي مڃيندڙن کي ميسر رهي ٿو۽ اهو سڀ کان وڌيڪ
سهارو هوندو آهي.زميني ۽ آسماني قدرتي مصيبتن ۽ آفتن مهل اڪثر انسان مذهب طرف ئي رجوع
ڪندو آهي .ڪنهن عيسائي شخص کي اها ڳالهه سهارو ٿي ڏئي ته هن جا هم مذهب دنيا ۾ ڪٿي
ڪٿي موجود آهن؟ ساڳيو ئي معاملو ٻين مذهب ني مڃيندڙن جو به آهي.انهيء کان پوء
سياسي تعصب ۾ به ماڻهو پنهنجي لاء مضبوط سهارو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿاجڏهن دنيا ۾
جمهوري نظام نه هئا ته ماڻهو مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل نه هئا پر هاڻي اٽڪل هر
ملڪ ۾ ماڻهو جمهوريت جي بنياد تي سياسي طور تي به مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن ۽ اهي
انهن سياسي گروهن يا پارٽين ۾ پنهنجي لاء ڪو مضبوط سهارو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهي
پنهنجن سياسي ليڊرن جي چوڻ تي وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاء به تيار ٿي وڃن ٿا. ڪنهن
ملڪ يا رياست جو وجود به ڪنهن انسان لاء ذهني ۽ دلي سهارو هوندو آهي.ڪنهن شخص لاء
اهو سهارو ته هن جو به دنيا ۾ ڪو پنهنجو ملڪ آهي.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي
ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪندا آهن.ڌارين جي ڌرتيء تي رهندي انهن لاء
پنهن جي ملڪ جي محبت ۽ ياد وڏو سهارو بڻبي آهي. طاقت جو حصول به سهارو طلب ڪرڻ
واري نفسيات هيٺ اچي ٿو.انسان طاقت ان ڪري حاصل ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن هو ٻين کان
محفوظ ۽ سلامت رهي سگھي يا ٻين کي پنهنجو تابع رکي سگھي .اڄ ڪلهه ماڻهن سان گڏ هر ملڪ به اڻ محدود طاقت
حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.ان جو ئي نتيجو آهي جو پوري دنيا جنگي هٿيار وڌ ۾ وڌ حاصل
ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اقوام متحده ۽ ٻين اهڙين بين الاقوامي تنظيمن جي قيام
جي پويان به اها ئي مضبوط سهاري واري سوچ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ته جيئن دنيا جي انساني
آباديء کي ڪنهن وڏي جنگ جدال کان روڪي سگھجي.اقوام متحده جي تنظيم جي ڪارڪردگي
توڙي جو ڪا مثالي نه رهي آهي پر ان جي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين باوجود حقيقت اها
آهي ته دنيا جي رهيل کهيل امن کي بچائڻ لاء في الحال اها ئي قومن لاء آخري سهارو
بڻيل آهي.
معاشي ۽ دفاعي بلاڪن جو
وجود به انهيء ئي مضبوط سهاري واري سوچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيئن مسلمان ملڪن او آئي سي
جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي رکي آهي،اهڙيء طرح يورپي ملڪن يورپي يونين جي نالي سان
تنظيم سازي ڪئي آهي،سارڪ، نيٽو،ٽاپي ۽ سي پيڪ وغيره به انهيء ئي نفسيات تحت عمل ۾ آيا
آهن ته جيئن ماڻهن کي سهارو ملي سگھي ته انهن جو آئيندو محفوظ آهي.بين الاقوقوامي
اتحاد ۽ اتفاق جي گھرج سدائين رهندي آهي ۽ عالمي امن به انسانيت جو وڏو سهارو
آهي.انهيء مقصد جي لاء ئي عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا،عالمي رانديون منعقد ڪرايون
وڃن ٿيون ۽ مذاڪرا،سيمينار ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن دنيا جا ماڻهو
هڪٻئي جي ويجھو اچن ۽ عالمي ڀائيچاري ۽امن جو ماحول پيدا ٿي سگھي.آخر ۾
روحانيت ۾ مضبوط سهارو ڳولهڻ واري معاملي طرف اچون ته پوء انسان کي پنهن جي ٻاهر
جي دنيا کان واپس اندر جي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو.جيئن ته انسان جو گھڻو وقت
اڪيلائيء ۾ گذري ٿو جتي هنن کي پنهنجي زندگيء جي سوين مسئلن ۽ معاملن کي روزانو
اڪيلي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان ڪري هن کي هر وقت ڪنهن اهڙي مضبوط سهاري جي اشد ضرورت
محسوس ٿئي ٿي جيڪو اڪيلائيء ۾ به هن جو ساٿ ڏئي.اها هڪ اهڙي لڪيل طاقت آهي جيڪا
مادي شين مان حاصل ٿي نٿي سگھي.اها روح جي طاقت آهي جنهن کي روحانيت چيو وڃي ٿو.ان
روحاني سهاري جي ضرورت اولهه جي ڀيٽ ۾ اوڀر جي ماڻهن کي وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.ان جي
ضرورت محسوس ته اولهه جي قومن کي به ٿيندي هوندي پر روحانيت نالي شيء تي انهن جي
اڪثريت يقين نٿي رکي.اهو ئي سبب آهي جو سمورين مادي سهوليتن ۽ آسائشن جي حصول
باوجود انهن قومن ۾ بي سڪوني وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي جنهن کي ڪڏهن اهي سيڪس جي
ڇڙواڳي ته ڪڏهن نشي آور شين جي ذريعي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.پر جيڪو سڪون روحانيت
۾ سمايل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به ٻي مادي شيء ۾ شامل ناهي.روحاني سهارن سوا انسان
رڳو جسماني سهارن جي زور تي بيهي نٿو سگھي.
Thursday, September 20, 2018
اهي جيڪي دوست پيدا ڪري سگھن ٿا!
شفيق الرحمان شاڪر
اسان کي دنيا جي انهن عظيم ماڻهن جا طور طريقا ڇونه پڙهڻ
گھرجن جن جا اڻ ڳڻيا دوست هئا.پر ان کان اڳ اچو ته اسان هڪڙي جانور جي باري ۾ غور
ڪريون جيڪو اسان جي گھرن توڙي روڊن رستن تي اسان کي عام نظر اچي ٿو.جيڪر توهان
سندس ويجھو وڃي چچڪاريو ته ته اهو پيار مان پڇ لوڏڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.ايستائين جو
وڌيڪ چچڪار جي نتيجي ۾ اهو اوهان جي هنج ۾ اچڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو.سندس اهو انداز
ٻڌائي ٿو ته “ اوهان جو چچڪارڻ مون کي گھڻو وڻي ٿو.” اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته صرف
ڪتو ئي اهڙو جانور آهي جنهن کي زندگي گھارڻ لئي ڪوبه ڪم ڪرڻو نٿو پوي.ڪڪڙ بيضا ڏئي
ٿي، ڪوئل مٺي لات لنوي ٿي،ڍڳي کير ڏئي ٿي،رڍون ۽ ٻڪريون اسان کي گوشت مهيا ڪن ٿيون
پر ڪتو صرف پنهنجي محبت ورهائي پنهنجي پوري زندگي گذاري ٿو.توڙي جو ڪتن نفسيات جا
ڪي ڪتاب ناهن پڙهيا پر اهي فطري طور تي اهو فن ڄاڻن ٿا ته ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي
وٺندي انهن کي پنهنجو چاهيندڙ بنائي سگھجي ٿو ۽ پوء اهي ئي ماڻهو ساڻن پيار ڪرڻ
لڳن ٿا.انهيء جي باوجود اسان ۽ توهان ڪيترن ئي ماڻهن کان واقف هوندا جيڪي ٻين
ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء کليل غلطيون ڪن ٿا ۽ انهيء سان کين ڪجهه به
حاصل نٿو ٿئي.انهيء ڪري جو اهي ان بنيادي اصول کي نظرانداز ڪري ويهن ٿا ته ٻين
ماڻهن کي اسان يا توهان سان ڪا دلچسپي ناهي،انهن کي ته رڳو پنهنجو پاڻ سان دلچسپي
هوندي آهي. نيويارڪ جي هڪ ٽيليفون ڪمپني انهيء ڳالهه کي سمجھڻ لاء هڪ سروي ڪرائي
ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران اسان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙو لفظ استعمال ڪندا آهيون؟
اوهان پڪ سان سمجھي ويا هوندا ته اهو لفظ “آئون يا مان ” آهي.جڏهن اوهان ڪو اهڙو
گروپ فوٽو ڏسندا هجو جنهن ۾ اوهان جي تصوير به شامل هجي ته اوهين سڀ کان پهرين ان
فوٽو ۾ ڪنهن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو؟ ظاهر آهي ته پنهن جي ئي تصوير کي. جيڪر
اسان جي هروقت اها ڪوشش رهي ٿي ته ٻيا ماڻهو اسان جي ذات يا شخصيت ۾ دلچسپي وٺن ۽
انهيء سلسلي ۾ انهن کي متاثر ڪرڻ لاء اسان مصنوعي طريقا به اختيار ڪندا هجون ته ان
نموني ڪڏهن به مخلص دوست پيدا ڪري نٿا سگھجن.
وينس جي مشهور نفسيات دان “ الفريڊ ايڊلهر” پنهنجي مشهور
ڪتاب “اوهان لاء زندگيء جو مقصد ڇا هئڻ گھرجي؟” ۾ لکي ٿو ته ” اهي اسان ئي آهيون
جيڪي پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي نٿا وٺون. جنهن ڪري اسان کي پنهنجي زندگيء ۾
گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ اسان ٻين کي به اجايو تڪليف ۾ وجھون ٿا.اهڙيء طرح
اسان جي پنهنجن ئي حرڪتن سبب سمورين
انساني ناڪامين جي شروعات ٿئي ٿي.”
“ٿيوڊور روزويلٽ” جي حيران ڪندڙ مقبوليت جو هڪڙو راز اهو هو
جو ٻين جي ذات ۽ ڪمن ۾ دلچسپي ظاهر ڪندو هو.هن جا سمورا ملازم به هن سان بي حد
محبت ڪندا هئا.هن جي هڪڙي ملازم “جيمز اي اموس” پنهنجي ڪتاب “ روزويلٽ پنهنجي
نوڪرن جو هيرو” ۾ هڪ زبردست واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو “ هڪ دفعي منهنجي زال
صدر روز ويلٽ کان پڇيو ته خچر ڪهڙو ٿيندو آهي جو هن زندگيء ۾ ڪڏهن به خچر نه ڏٺو
هو.صدر روز ويلٽ پوري تفصيل سان منهنجي زال کي خچر جي باري ۾ ٻڌايو.ڪجهه ڏينهن کان
پوء اسان جي گھر جي ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.منهنجي زال جڏهن فون کنيو ته هن جي حيرت
جي انتها نه رهي جو سامهون صدر روز ويلٽ پاڻ فون تي ڳالهائي رهيو هو.هو ٻڌائي رهيو
هو ته جيڪر منهنجي زال خچر ڏسڻ گھري ٿي ته دري کولي اهو ڏسي وٺي جو اتي ان وقت
هڪڙو خچر بيٺل هو.” اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون صدر روز ويلٽ جي ڪردار جو اڻ ٽٽ
حصو هيون.روز ويلٽ صدارت ڇڏڻ کان گھڻو عرصو پوء هڪ ڏينهن وائيٽ هائوس گھمڻ آيو ته
هن اتان جي سمورن ملازمن کي سندن نالا وٺي سڏ ڪيو،سندن حال احوال پڇيا ۽ سندن
ساراهه به ڪئي.ملازمن جي چوڻ مطابق انهن کي صدر روز ويلٽ جي اهڙي رويي تي جيڪا
خوشي ۽ مسرت ٿي تن کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگھجي.
اسان مان سڀ جا سڀ توڙي اهي ڪنهن فيڪٽريء ۾ ڪلارڪ هجن يا
ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ملازم يا وري ڪنهن تخت جا بادشاهه ڇونه هجن،سڀ اهڙن ماڻهن کي
ئي پسند ڪندا آهن جيڪي سندن ساراهه ڪندا هجن.ان ڪري جن به ماڻهن کي پنهنجا دوست
وڌائڻ جو شوق آهي انهن لاء پهريون سونهري اصول اهو آهي ته اهي ماڻهن ۾ دلچسپي وٺي
انهن جي سٺين خوبين ۽ ڪمن جي دل کولي تعريف ڪن.جڏهن اوهان کي ڪو فون ڪري ۽ سلام
دعا ڪري ته جواب ۾ هن کي اهڙي انداز سان هيلو چئو جو هن کي محسوس ٿئي ته سندس فون
ڪرڻ تي اوهان کي بي حد خوشي ٿي آهي. ڪيتريون ئي ٽيليفون ڪمپنيون پنهنجن آپريٽرن کي
اها خاص تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪن ٿيون ته اهي فون ٻڌڻ وقت ماڻهن سان ڪهڙيء طرح
مخاطب ٿين،کين ماڻهن سان نهايت خوش اخلاقي ۽ نرميء سان گفتگو ڪرڻ گھرجي ته جيئن
فون ڪندڙ کي اهو احساس ٿئي ته کيس پوري پوري اهميت ۽ عزت ڏني پيئي وڃي،
ٻين ۾ دلچسپي ظاهر ڪري اسان سولائيء سان انهن کي پنهنجو
دوست ٺاهي سگھون ٿا بلڪه انهن جي وفاداري به حاصل ڪري سگھون ٿا.پر ان لاء هڪ ڳالهه
جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي ته جڏهن اوهان ٻئي شخص ۾ دلچسپي ظاهر ڪيو ته اها رڳو خلوص ۽
سچائيء تي ٻڌل هئڻ گھرجي ۽ اها دلچسپي نه رڳو اوهان لاء پر ٻين لاء به فائديمند هئڻ
گھرجي.
Sunday, September 9, 2018
ٻين جي نڪته نظر کان سوچڻ آسانيون پيدا ڪري ٿو.
شفيق الرحمان شاڪر
ڪيترائي ماڻهو گرمين جي موسم ۾ اڪثر مڇيء جي شڪار لاء ويندا
آهن.ذاتي طور تي انهن کي کاڌي ۾ ڀلي ڪهڙيون شيون به پسند هجن پر مڇيون ڦاسائڻ وقت
اهي فقط اهو ڌيان رکندا آهن ته مڇين کي ڪهڙي شيء پسند آهي ۽ اها شيء ئي ڪنڍين ۾
لڳائيندا آهن.اسان ڇا ٿا سوچيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون انهيء تي سوچڻ هڪ ٻاراڻي حرڪت
آهي.اهو صحيح آهي ته اسان جي ان ڳالهه سان گھڻي دلچسپي هوندي آهي ته اسان ڇا ٿا
پسند ڪيون پر ٻين کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هوندي آهي ته اسين ڇا ٿا چاهيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون.ٻين لاء به اسان وانگر ئي
سموري دلچسپي انهن شين سان هوندي آهي جيڪي انهن کي پسند آهن.ان ڪري دنيا ۾ ماڻهن
کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته اسان ٻين جي انهن
شين ۾ دلچسپي وٺون جيڪي انهن کي پسند آهن يا اهو ڌيان رکون ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ياد
رکڻ گھرجي ته اسان جڏهن ٻين کي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاء آماده ڪرڻ گھرندا هجون،مثال؛ اسان
چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار سگريٽ نه ڇڪين ته انهن کي سگريٽ نوشيء کان منع ڪرڻ ۽
انهن کي اهو چوڻ ته سندن سگريٽ ڇڪڻ اوهان کي بلڪل پسند ڪونهي،ان طريقي سان کين
سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگھجي.ٿي سگھي ٿو ته اهي اوهان جي سامهون سگريٽ نه ڇڪين پر
اوهان جي غيرموجودگيء ۾ اهي اهو ڪم ضرور ڪندا.انهيء جي بدران انهن کي جيڪر سندن
ڪنهن دلچسپيء مطابق ايئن ٻڌايو وڃي ته جيڪر اهي سگريٽ پيئندا ته راند روند جي
ميدان ۾ جلد ٿڪي پوندا ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ وقت پوئتي رهجي ويندا ۽ انهيء سان گڏ
سندن صحت به جلد ئي خراب ٿي ويندي،ان ڪري کين جيڪر مقابلي ۾ هر حالت ۾ کٽڻو آهي ته
پوء سگريٽ نه پيئڻ گھرجي.اسان مان ڪنهن کي اهو تجربو ته ضرور ٿيو هوندو ته ڳئون جي
گابي کي جيڪر رسيء مان جھلي اڳتي ڇڪبو آهي ته اهو ردعمل جي طور تي پورو زور پنهنجو
پاڻ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ لڳائيندو آهي ۽ سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪرڻ لڳندو آهي.انهيء جو
سبب اهو جو اسان اهو نٿا سوچيون ته گابو ڇاٿو چاهي؟اهو پنهنجي مقرر جڳهه ڇڏڻ نٿو
چاهي.هاڻي انهيء گابي کي آماده ڪرڻ لاء سندس پسند يا دلچسپيء جو ڪو بندوبست ڪرڻو
پوندو.ڪو سياڻو ماڻهو گابي جي وات ۾ پنهنجي آڱر ڏئي ٿو جنهن کي ڌائيندي ساڳيو گابو
سندس پٺيان بنان ڪنهن زور زبردستيء جي ڊوڙڻ لڳي ٿو.اسان جڏهن کان ڄاوا آهيون تنهن
ڏينهن کان اڄ تائين اسان جو هر عمل رڳو ان خواهش جو تابع رهندو ٿو اچي ته اسان کي ڇا
پسند آهي ۽ اسان ڇا ٿا چاهيون؟
“هيري” پنهنجي يادگار ڪتاب “ انساني ورتاء ۽ روين تي اثر
انداز ٿيڻ” ۾ لکي ٿو ته “ اسان جو هر عمل اسان جي بنيادي خواهش مان ڦٽي ٿو ۽ ماڻهن
جو تعلق ڀلي زندگيء جي ڪهڙي به شعبي سان ڇونه هجي انهن کي اها صلاح ڏيئي سگھجي ٿي
ته ڪنهن ڪم جي لاء ٻئي شخص ۾ پهريائن سرگرم خواهش پيدا ڪجي.جيڪو ايئن ڪري سگھي ٿو
سو سموري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به اڪيلو نٿو رهجي وڃي.”
جيڪڏهن اسان ٻين تي اثرانداز ٿيڻ گھرون ٿا ته اسان کي اهو
ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته ٻيا ڇا ٿا چاهين؟ اهو نه ته اسان ڇا ٿا چاهيون؟انساني لاڳاپن کي بهترين
بنيادن تي استوار ڪرڻ جا ٻه بهترين طريقا هر وقت ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي.هنري فورڊ
جي چوڻ مطابق؛ “ جيڪر ڪاميابيء جو صرف هڪڙو ئي راز آهي ته اهو راز هي آهي ته
سدائين ٻئي شخص جي نڪته نظر سان سوچجي ۽ انهيء سان گڏ پنهنجو نڪته نظر به ذهن ۾
ضرور رکڻ گھرجي ۽ پوء ڏسجي ته انهن ٻنهي نڪته نظر ۾ ڪٿي ڪٿي سمجھوتو يا ٺاهه ٿي
سگھي ٿو.” اها تمام سادي ڳالهه آهي ۽ انهيء تي هرڪو آسانيء سان عمل ڪري ڪاميابي
حاصل ڪري سگھي ٿو پر اسان مان نوي سيڪڙو ماڻهو نوي سيڪڙو زندگيء جي روزمرهه معاملن
۾ ان بنيادي اصول کي نظر انداز ڪري ويهن ٿا.هن دور ۾ هزارين سيلز مين مختلف هنڌن
تي پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي پنهنجي ڪاميابين جو رستو تلاش ڪندي نظر اچن ٿا.پر انهن
مان اڪثر ناڪامين ۽ نااميدين جو شڪار بڻجي همت هاري ويهن ٿا ۽ سندن سيل ۾ کين ڪا
خاص ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي.انهيء جو سبب ڪهڙو آهي؟ اهو ان ڪري جو اهي خريدارن جي دلچسپي ۽ فائدي بدران رڳو پنهنجي
خواهش مطابق سوچين ٿا.اهي ان فن کان بلڪل اڻ واقف هوندا آهن ته خريدارن ۾ ڪنهن شيء
جي خريد ڪرڻ جي خواهش ۽ آمادگي ڪهڙي طريقي سان پيدا ڪري سگھجي ٿي.توهان جي ڪمپني
دنيا جي ڪا مشهور ترين ڪمپني ضرور هجي يا توهان جيڪو سامان کپائڻ گھرو ٿا اهو
مارڪيٽ ۾ موجود هر سامان کان مٿانهون ڇو نه هجي پر خريدار جي توهان جي ڪمپني يا
سامان سان ڪهڙي دلچسپي؟ هن کي ته سندس پنهنجي پسند ۽ چاهت سان دلچسپي
آهي.جيڪر ڪو سيلز مين پنهنجي سامان جي
فائدن بدران خريدار کي خريداري ء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ سندس فائدن تي ڳالهه ڪري ته
هن کي اهو سامان وڪڻڻ ۾ گھڻي آساني پيدا ٿي پوي ٿي.
دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي پر انهن ۾ رڳو چند ماڻهو
ئي هوندا آهن جيڪي وڏي سڇائيء سان پنهنجي فائدي سان گڏوگڏ ٻين جو فائدو به سوچيندا
آهن.آمريڪا جي هڪ نامور وڪيل ۽ ڪامياب بزنيس مين “اوون ڊي ينگ” جو چوڻ آهي ته “
اهڙن ماڻهن کي تمام گھٽ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي هر معاملي ۾ پنهنجو پاڻ
کي ٻين جي جڳهه تي رکي انهن جي نڪته نظر کان سوچيندا آهن ۽ جيڪي ماڻهن جي ذهنن کي
سمجھي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.”
ٻين جي نڪته نطر کي سمجھي انهن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ جو هروڀرو
اهو مقصد نه هئڻ گھرجي ته انهن مان ڪنهن به طرح رڳو پنهنجو فائدو ئي حاصل ڪيو وڃي
پر پنهن جي فائدي سان گڏ ٻين جي فائدي کي به اوليت ڏني وڃي.“وليم ونٽر” هڪ دفعي چيو
هو ته “پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ انساني فطرت جي نهايت ئي بنيادي ضرورت آهي.“
اسان انهيء نفسياتي اصول کي پنهنجي روزمرهه جي زندگيء ۾ استعمال ڇو نٿا ڪيون؟جڏهن
اسان جي ذهن ۾ ڪو شاندار خيال هوندو آهي ته اسان اهو هروڀرو زبردستيء ٻين ٿي ٿاڦڻ
بدران ٻين کي اهو سڏ ڇو نٿا ڏيون ته انهن جي ذهن ۾ جيڪي شاندار خيال آهن اهي کڻي
اچن ته جيئن انهن تي به سوچ ويچار ڪري سگھجي.ان طرح سان انهن کي نه رڳو سندن اهميت
جو احساس ٿيندو،سندن حوصلا افزائي ۽ عزت افزائي ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي به
ڪجهه نوان قيمتي خيال مفت ۾ ملي ويندا.ان ڪري ياد رکڻ جي ڳالهه اها ته ٻين تي
پنهنجا فيصلا ٿاڦڻ بدران پهريائين منجھن تجسس ۽ شوق پيدا ڪجي. جيڪو ايئن ڪرڻ جي
صلاحيت رکي ٿو اهو پوري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ جنهن ۾ اها صلاحيت
موجود ناهي اهو سدائين دنيا ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو!
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو



