Thursday, June 2, 2016

سرهي سوچ ؛ ” روزو ۽ عيد “

بيشڪ عيد جي ته اسان کي گهڻي ڪجهه طلب رهي ٿي، مگر روزن جي به ڪنهن کي يادگيري آهي؟ روزن ۾ آهي ته وڏي تڪيلف، مگر جڏهن به عيد موٽي اچي ٿي تڏهين اسان کي ”وري   پاڻ ۾  ملائڻ“ سان گڏ، روزن ۽ قرباني جي به ضرور يادگيري ڏياري ٿي                        .
هونئن به ”روزو“ خشڪي، بک ۽ تسيه آڻيندڙ آهي ۽ عيد ۾ آهن مزا، کاڌا ۽ خوشيون، تنهن ڪري عيد هر ڪنهن کي پيئي وڻي، پر روزن سان گهڻن جي پوي ئي ڪانه. ڪنهن به پابنديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورا تيار هوندا آهن. روزي جو ته  مفهوم ئي آهي بندش يا روڪ: سمورين نفساني خواهشن ۽ طلبن تي پابندي جو نالو آهي ”روزو“. جنهن اهي پابنديون خوشيءَ سان اختيار ڪيون تنهن لاءِ آهي عيد ۽ عيد به اها عيد، جا وري وري پيئي ايندي!
غور ڪيو ته انسان ذات نه، پر ساري ڪائنات پابندي مان ڦل پائي ٿي.
اسان مان سڀ کان اول اهڙي بندش حضرت آدم ۽ حوا عليهما السلام تي عائد ٿي، جڏهين کين امر ٿيو: ” لا تقربا هذاہ الشجرة “. يعني ٻنهي لاءِ حڪم آيو ته فلاڻي وڻ جي ويجهو نه وڃو!
مقصد هو ته کين سندن خواهشن تي ضابطو رکڻ سيکاريو وڃي.
جيڪڏهين اسان حڪيم ڪامل جي فقط ان هڪ حڪم جي حقيقت سمجهي پنهنجي خواهشن تي ضابطو ڪرڻ سکون ته ڪامياب زندگيءَ لاءِ اهو هڪ عمل ئي ڪافي آهي. نه فقط ايترو پر زندگي جو بنياد ئي آهي تقويٰ. جڏهين اسين اهو ئي پوري طرح پروڙي نه ٿا سگهون ته اسان لاءِ ڇا چڱو ۽ ڇا مَٺو آهي، تڏهين اسان لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو بنا ڪنهن رهنمائي جي پنهنجي لاءِ ڪا به نئين راهه متعين ڪري سگهون؟ بهتر اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عليم ۽ حڪيم خالق جي حڪمن جي اکيون پوري پابندي ڪريون، جنهن ۾ اسان سڀني جي چڱائي آهي ۽ اها ئي سچي ”انسانيت“ آهي.
پنهنجي پالڻهار جي حڪم عدولي ڪرڻ ڪري اڄ انسان حيوان جي سطح کان به هيٺ ڪري چڪو آهي. ڪتي جهڙو حيوان به پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ کان ٻاهر نه ٿو وڃي. ان کي جڏهين وقتن تي کائڻ سيکارجي ٿو ته هو فقط انهن مقرر وقتن تي کائي ٿو، پر اسان مان ڪيترا اهڙا شخص آهن جي هميشه پيا کائين. کائڻ کانسواءِ هنن کي ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي، تڏهين به ”انسان“ پيا ليکجن.

(علامه آئي آئي قاضي ء جي هڪ تقرير تان ورتل ٽڪرو)


اچو ته ننڍپڻ ڏي موٽي هلون

تازو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگي جي پروگرام ”سنڌي فلم سنسار“ جي رڪارڊنگ دوران ماضيءَ جي اداڪاره ماهه پاره ۽ ڪئميرامين سعيد رضويءَ سان ملاقات ٿي، ماهه پاره پنهنجون ساروڻيون ياد ڪندي چوڻ لڳي ته سنڌي فلمن جو اهو وقت ياد اچي ٿو، اڄ اسان جا ڪيترائي ساٿي وڇڙي ويا آهن. هن لاهور رهائش دوران جون ڳالهيون ساريندي ٻڌايو ته منهنجون ملڪه ترنم نور جهان سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، هُو پنهنجي اولاد ۾ پٽ اڪبر رضويءَ جي ڌيءَ سونيا کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي ۽ ڏهٽن ۽ پوٽين کي چوندي هئي ته مون کي ”ناني“ نه ”باجي“ چئه. ماهه پاره چيو ته نور جهان جي ڌيءَ ظل هُما سان منهنجي تمام گهري دوستي هئي، آئون اڪثر سندس گهر ويندي هئس ۽ سندس فرمائش تي سندس پسند جون ڊشون ٺاهي گڏجي کائيندا هئاسين، هڪ ڀيري ڪراچيءَ مان ظل هما فون ڪيو ته جلدي اچ ته ماني کائون، ته مون کيس ٻڌايو ته مان لاهور ۾ آهيان، چوڻ لڳي ”پوءِ داتا صاحب کي منهنجو سلام چئجان“. افسوس جو ڪينسر جي ڪري سندس پير ڪٽيو ويو ۽ پوءِ هوءَ پاڻ وفات ڪري وئي.
ماهه پاران چيو ته نور جهان جي تدفين ڪراچيءَ ۾ ٿي سندس ڪيترائي ڀاتي نور جهان جي ڪراچيءَ ۾ تدفين جي حق ۾ نه هئا، اڳتي هلي فيصلو ڪيائون ته نور جهان جي قبر جي چڪي ڪڍرائي کيس سندس اباڻي شهر قصور ۾ پوريو وڃي، پر نور جهان جي ناٺيءَ حسن سردارن جي سخت مخالفت ڪئي.
مون کي ياد آهي ته لاهور ۾ اداڪار گل منير سان ماهه پاره جي گهر ويس، اتي ساڻس ۽ سندس مڙس اقبال يوسف سان ڪافي دير ڳالهيون ٿينديون رهيون، ان دوران سندن واش روم استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو، مون کي تمام گهڻي حيرت ۽ ڏک ٿيو جو واش روم ۾ بڪ شيلف ڏٺم، جنهن ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب پيا هئا، ڪتاب جي جاءِ واش روم ناهن، ڪتاب هڪ مقدس قسم جي شيءِ آهي، ان کي پاڪ صاف جاءِ تي رکڻ گهرجي. ان دوران پروگرام ”سنڌي فلم سنسار“ ۾ ڪئميرامين سعيد رضوي سان منهنجي اٽڪل چاليهن سالن کانپوءِ ملاقات ٿي، سعيد رضوي نامياري فلم هدايتڪار رفيق رضوي عرف ”باپو“ جو فرزند آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن مون گريجوئيشن ڪئي ته ڪئميرامين ٿيڻ جو شوق جاڳيو، مختلف ڪئمرامينن کي اسسٽ ڪيم، جڏهن ٽراليون کڻندو هئس ته ماڻهو چوندا هئا ته پڙهيل لکيل ٿي هي ڇا پيو ڪري، پر مون ڏٺو، سوچيو ۽ نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته هي ڪم پڙهيل لکيل ماڻهن جو ئي آهي.
سائين، يادگيريون ڏاڍيون ظالم هونديون آهن، ماضيءَ ۾ وٺي وڃي اڪيلو ڇڏي ڏينديون آهن ۽ پوءِ ماڻهن انهن يادگيرين، ماضيءَ ۾ ڦاسجي ويندو آهي، واپس موٽڻ تي دل ناهي چوندي، جيئن ننڊ ۾ ڪو پيارو خواب ڏسجي ۽ خواب مڪمل ٿيڻ کان اڳ اک کلي پوي ته ڏاڍي تشنگي رهندي آهي، اک کلڻ تي چڙ ايندي آهي، ماڻهو ان آسري ۾ وري سمهي رهندو آهي ته شايد ساڳيو خواب وري نظر اچي، پر ائين ناهي ٿيندو يا ته ننڊ ناهي ايندي يا وري ساڳيو خواب نظر ناهي ايندو، اِها ئي زندگي آهي، ماڻهو ڪيڏو به اعليٰ مقام حاصل ڇو نه ڪري، دنيا جون سموريون نعمتون حاصل ڪري، پر کيس ننڍپڻ جو لاٽون، ٺڪر جا رانديڪا ۽ آچار سان کاڌل ماني ناهي وسرندي. مان به ڪڏهن ڪڏهن ائين سوچيندو آهيان، ڪڏهن ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ياد ايندو آهي ته ڪاڪي نهال ۽ لالوءَ جا پڪوڙا ياد اچي ويندا آهن. شاخ ۾ وهنجڻ ياد ايندو آهي، نونارين وارو ميلو ياد ايندو آهي. پنهنجي باغ جا انب ياد ايندا آهن، پتاشو، ناريل، ماکي، آمڻ، بادام جن جو ذائقو بلڪل ڌار ڌار هوندو هو، باغ ۾ ئي هڪ انب جو وڻ سڀني وڻن کان پري اڪيلو هوندو هو، ان جو نالو ”گڏهه مار“ هو، ڇو جو ان جا انب به کٽا هوندا آهن، ان ڪري ان وڻ جي انبڙين کي آچار ۾ استعمال ڪبو هو، پال نه وجهبو هو، ڪي ڪي ماڻهو به پنهنجي مزاج جيان ”گڏهه مار انب“ جيان کٽا هوندا آهن، انهن جو ته ڪو آچار به ڪونه وجهندو آهي ۽ ڪي ماڻهو وري ايترا مٺا هوندا آهن جو دل چوندي آهي ته کين ڪچو ئي کائي ڇڏجي. واهه- واهه ڇا ته ماضي هو.

SINDH SUJAG BLOG  شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ



Wednesday, June 1, 2016

دل جو ڪتاب ؛ ٻين کي مثال ڏيڻ نهايت ئي سولو ڪم آهي


ٻين کي مثال ڏيڻ نهايت ئي سولو ڪم آهي پر ٻين لاء پاڻ مثال بڻجڻ تمام ڏکيو ڪم 
آهي

سرهي سوچ ؛ ” جنهن پنهن جي نفس کي سڃاتو“

جيڪي پنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا تن کي خبر پوندي رهي ٿي پنهن جي ان ”سيلف“ جي جيڪو انسان پاڻ سان گڏ کڻي پيدا ٿيو هو.اهو صحيح سلامت رکيل آهي يانه؟توڙي جو اسان پنهن جي ”سيلف“ تي ته وڏا وڏا سائين بورڊ لڳائي ڇڏيا آهن،پنهن جا نالا بدلائي ڇڏيا آهن.پنهن جي ذات جي مٿان اسان مختلف رنگ ڪري ڇڏيا آهن.اسان جڏهن ڪنهن سان ملندا آهيون.مثال؛ آئون جڏهن اوهان سان ملان ٿو ته ”اشفاق“ وانگر نٿو ملان.آئون ته هڪ ليکڪ،هڪ دانشور،هڪ سياستدان،هڪ مڪار،هڪ ٽيچر ٿي ملان ٿو.اهڙيء طرح اوهين جڏهن مون سان ملو ٿا ته اوهين به پنهن جا سائين بورڊ مون کي ڏيکاريو ٿا.اصل ”سيلف“ ڪٿي آهي، اهو نٿو ملي.اصل ”سيلف“ جيڪو اللھ اسان کي ڏيئي پيدا ڪيو آهي اهو صرف تڏهن ئي ملي ٿو جڏهن انسان پنهن جي نفس جي سڃاڻپ حاصل ڪري ٿو پر ان وقت جڏهن هو اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪري ٿو.
ٻيو ڪو ان کي ٻڌائي نٿو سگھي.پنهن جي نفس جي سڃاڻپ ان وقت ممڪن آهي جڏهن اوهين ان کي سڃاڻڻ جي پوزيشن ۾ هجو ۽ اڪيلا هجو.جهڙيء طرح فرمايو ويو ته ؛” جنهن پنهن جي نفس کي سڃاتو تنهن پنهن جي رب کي سڃاڻي ورتو.“

                                                   (اشفاق احمد ”زاويه “)

ادبي پڪوڙا : ”توهان کي ٻڪر جي قرباني ڪرڻي آهي يا.....؟“

هڪ شخص ڪيترن ئي ڪلاڪن جي مٿاماريءکان پوء قربانيء لاء هڪڙو ٻڪرو پسند ڪيو.پر ان دوران ٻڪر جي نسل.خاندان،شڪل،صورت،ماضي،حال ۽ مستقل جي باري ۾  واپاريءکان ايترا ته سوال ڪيا جيڪي گھڻو ڪري ماڻهو پنهن جي ٿيڻ واري ڪنهن ناٺي (نياڻي) جي باري ۾ به نه پڇندا آهن.
ٻڪر وڪڻڻ وارو هر سوال جو جواب ڏيندو ويو پر  سموري انڪوائريء کان پوء جڏهن خريدار اهو چيو ته؛
” ميان! ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي پر هن ٻڪر جا سڱ ننڍا آهن.“
هاڻي ٻڪر واري کي به صبر نه آيو.تپندي چيائين؛
” معاف ڪجو! توهان کي هن ٻڪر جي قرباني ڪرڻي آهي يا ان تي ڪپڙا ٽنگڻا آهن؟“


( امجد اسلام امجد جي ڪتاب ” چشم بينا“ تان ٽڪرو)


ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هي، (نور احمد جھنجھي)

الوداعن ۽ آجياڻن جا احساس.