Thursday, October 24, 2019

ڏينهن شينهن.


حيات علي شاهه بخاري
ناليواري ليکڪ اشفاق احمد جو چوڻ آهي ته، ”اسان مان زنده اُهو ئي رهندو، جيڪو دلين ۾ زنده رهندو ۽ دلين ۾ اُهي زنده رهندا آهن، جيڪي خير ورهائيندا آهن ۽ آسانيون پيدا ڪندا آهن“، اهو بلڪل درست آهي، جيڪو ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آهي، اُهو ئي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ جيڪو ٻين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو آهي اُهو پاڻ به مشڪلاتن جي ور چڙهي ويندو آهي، اِن ڪري انسان کي ٻين سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، جنهن جي توقع هو ٻين کان رکي ٿو. اسان کي کپي ته هر ڪنهن سان پيار وارو نرم رويو اختيار ڪريون، ڪنهن کي عزت ڏينداسين ته اسان کي به عزت ملندي.
حد کان وڌيڪ توقعات ۽ خواهشون انسان کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن، ٻين جا محل ماڙيون ڏسي حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪجهه رب عطا ڪيو آهي، ان تي شڪر ڪبو ته زندگي آسان ٿيندي. گهڻو وقت اڳ هڪ دوست جي معرفت منهنجي ملاقات هڪ درويش صفت انسان سان ٿي، ان جون صوفيانه انداز ۾ روحاني ڳالهيون ٻڌندو رهيس، ڳالهيون ڪندي ان درويش مون کي مخاطب ڪندي چيو ته ”جيڪو تون چاهين ٿو، اُهو ٿئي ٿو“، مون وراڻيو نه، وري پڇائين ته ”جيڪو رب چاهي ٿو، سو ٿئي ٿو؟“ جواب ڏنم ”ها“، چيائين ته ”پوءِ تون ڇو ٿو چاهين، پنهنجا سمورا معاملا الله جي حوالي ڪري ڇڏ، جيڪو تنهنجي لاءِ بهتر هوندو، الله پاڪ پاڻهي ڪندو“، اِها ڳالهه ٻڌي منهنجو وجود لڏي ويو، سوچ ۾ پئجي ويس ۽ پڪو ارادو ڪري پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيم، نڪو لهر نه لوڏو.
اسان جي ڀرپاسي هر قسم جا ماڻهو هوندا آهن، ڪي چڱا ته ڪي مَٺا، اسان ڄڻ انسانن جي اهڙي جنگل ۾ آهيون، جنهن ۾ ڪنڊيدار ماڻهو به آهن، گلن جيان مهڪندڙ ماڻهو به آهن، ڪي اوپرا آهن ته ڪي پنهنجا آهن، اوپرا ماڻهو ڏنڀ ڏيندا آهن ۽ پنهنجا زخمن تي پهو رکندا آهن، لهجا سمجهه ۾ اچي ويندا آهن، بس ماڻهن کي شرمندو ڪرڻ ناهي ايندو، ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي شرمندگي ٿيندي آهي. ان ڪري سياڻا چئي ويا آهن ته ”پنهنجو غم هر ڪنهن کي نه ٻڌايو، ڇو، جو ملم هر گهر ۾ هجي يا نه، لوڻ هر گهر ۾ ضرور هوندو آهي“. ماڻهو ڏاڍا ڏنگا هوندا آهن، بلڪه اِهو چوڻ وڌيڪ مناسب لڳندو ته ”ماڻهو ايترا ته بُکيا هوندا آهن جو ٻين جون خوشيون به کائي ويندا آهن“.
سائين ڏٺو وڃي ته رشتن ۾ ڪمزوريءَ جو هڪ سبب اِهو آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ڪاوڙ ۾ چيل ڳالهين کي ته ياد ڪندا آهيون، پر پيار، محبت ۽ سڪون ۾ چيل ڳالهين کي وساري ڇڏيندا آهيون، نه ڪنهن جي پيٽ ۾ جهاتي پائيندا آهيون، نه وري ڪنهن جي دل ۾، نه رڳو اهو پر اکين جي اشارن کي به ڪونه سمجهندا آهيون، ڪٿي ٻين کي پنهنجي محبت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ ڪڏهن وري اسان محبتن کان دور ٿي ويندا آهيون، ٻين جي خبر ناهي، پر مون سان اهڙي ويڌن ٿيندي رهي آهي.
فيس بُڪ تي هڪڙي پوسٽ آئي، ناليواري ناول نگار بانو قدسيه جون هي سٽون ڏاڍيون دل سان لڳيون، ”عورت جو ڪهڙو ڪم جنت ۾، عورت ته هتي به اولاد جي دوزخ پئي سڙي، اُتي به اولاد جي قسمت سان واڳجي ويندي، جنهن جا ست پٽ هوندا، ڇهه جنت ۾ ويندا ۽ ستون دوزخ ۾ ته ماءُ کي جنت ۾ نه ڳولجو، اُها ستين پٽ سان دوزخ ۾ ملندي“.
”ڇا ته زمانو هو جو زالون ناراض ٿي، پيڪين هليون وينديون هيون، هاڻي ته سمورا رواج ئي ختم ٿي ويا آهن“، اهو ٻڌائيندو هلان ته ناڪام عاشق دل کي ڇهندڙ گيت ڳائيندو آهي ۽ ڪامياب عاشق دال، پٽاٽا ۽ پيمپر خريد ڪندو آهي. سنجيده ڳالهيون ڪافي ٿي ويون، هاڻ وندر ٿي وڃي، محبت جي حوالي سان ڳالهه ڪندو هلان ته ڀڳت ڪبير کان ڪنهن پڇيو ته محبت ڇا آهي، هُن جواب ڏنو ته ”محبت ائين آهي، جيئن گونگو ڳڙ کائي ۽ ذائقو نه ٻڌائي سگهي“. خاموش فلمن جي سپر اسٽار چارلي چپلن جو چوڻ هو ته، ”ماڻهو مون کي ڏسي اِن لاءِ ٿا کلن جو آئون سڀني کان مختلف آهيان ۽ آئون ماڻهن کي ڏسي اِن ڪري کلندو آهيان جو سڀ هڪجهڙا هوندا آهن“. واقعي اِها ڳالهه آهي به سچي، ڪيترائي ماڻهو هڪ مزاج، هڪ عادت ۽ هڪ جهڙي فطرت رکندڙ هوندا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي خير به ورهائيندا آهن ۽ ٻين لاءِ آسانيون به پيدا ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪٿي لڀندا، مون کي ته خبر ئي ڪانهي. سافٽ ويئر جو موجد دنيا جو امير ترين شخص بل گيٽس هڪ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ ويو، ماني کائي بل ادا ڪري، ويٽر کي پنج ڊالر بخشش (ٽپ) ڏنائين، ويٽر حيران ٿي اُتي ئي بيٺو رهيو، بل گيٽس ويٽر کان ان جو سبب پڇيو، ويٽر وراڻيو ته ڪالهه هن ساڳي ٽيبل تي اوهان جي پٽ ماني کاڌي ۽ ان مون کي ٻه سؤ ڊالر ٽپ ڏنو ۽ اوهان صرف پنج ڊالر ٽپ ڏنو آهي، ان تي بل گيٽس کيس چيو ته ”منهنجو پٽ دنيا جي امير ماڻهوءَ جو پٽ آهي ۽ آئون هڪ واڍي جو پٽ آهيان“.
سائين دل ٿي چوي ته اوهان سان کوڙ ڳالهيون ڪجن، دل جا حال اورجن ۽ رات وهامي وڃي، پر آئون رات جي حق ۾ ناهيان، ڏينهن شينهن آهي، پنهنجي پرائي کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو، ڪنهن دڙڪو، ڪنهن کي دهمان ۽ ڪنهن کان هٿ ٻڌي جان ڇڏائڻي پوندي آهي. راتين جا رولاڪ هجن يا اڪيلائين ۾ زندگي گذارڻ وارا هجن، سي پڪ مون وانگر محبت جا ماريل هوندا، اِن مان اِهو مطلب هرگز نه ڪڍندا ته ڪو آئون ڏکويل گيت ٻڌندو آهيان، ڏاڙهي وڏي اٿم ۽ هرو ڀرو ٿڌا ۽ ڪوسا ساهه ڀريندو آهيان، نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، متان مون سان ڪو همدردي ڪري، ڪو وري ”ٽوڪان“ ڪري.
موڪلائڻ کان اڳ لطيف سدائينءَ جو بيت ملاحظه ڪندا:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مون نه سکيا.

(روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2019ع)

Wednesday, August 7, 2019

ڪاميابيء جو هڪ راز؛ جذباتي ذهانت.



شفيق الرحمان شاڪر
اها جولائي جي هڪ گرم منجهند هئي.يونيورسٽي جي بس ۾ سوار سمورا مسافر پنهن جي پنهن جي شعبن جا ماهر ۽ اعليٰ دماغ جا مالڪ هئا پر سڀني جو گرميء سبب برو حال هو.ڪو حڪومت کي پٽي رهيو هو ته ڪنهن جي زبان تي ماڻهن جون شڪايتون هيون.ها،جيڪر ڪو گاڏيء ۾ پرسڪون نظر اچي رهيو هو ته اهو رڳو بس جو ڊرائيور هو جيڪو نهايت خوشي ۽ اطمينان سان گاڏي هلائي رهيو هو.بس ۾ سوار هڪ ماهر نفسيات ”ڊينيل گولمين” اهو منظر ڏسي رهيو هو.ان مشاهدي جي نتيجي ۾ هن دنيا کي ذهانت جو هڪ نئون قسم ”جذباتي ذهانت“ متعارف ڪرايو.ڊينيل گولمين 1995ع ۾ اهو تصور پيش ڪيو ته انسان جي ڪاميابيء لاء دماغي ذهانت کان وڌيڪ اهم جذباتي ذهانت هوندي آهي.هن اهو تصور ان بس ڊرائيور کان ورتو جيڪو بس ۾ موجود ٻين اسڪالرز ۽ پروفيسرن جيتروذهين ته نه هو پر سندس جذبات تي ڪنٽرول سڀني کان سٺو هو.هن پنهنجي ڪتاب ۾ ٻه دعوائون ڪيون.پهرين اها ته ڪنهن شخص جي ڪاميابيء ۾ سندس آئي ڪيو يعني دماغي ذهانت جو ڪردار رڳو پندرهن کان ويهه سيڪڙو ٿئي ٿوجڏهن ته اي ڪيو يعني جذباتي ذهانت جو ڪردار اسي کان پنجاسي سيڪڙو هوندو آهي.ٻي دعويٰ اها ته دماغي ذهانت جي ابتڙ جذباتي ذهانت کي بهتر بنائي سگھجي ٿو.ڊينيل گولمين جذباتي ذهانت کي بهتر بنائڻ لاء چار طريقا يا مرحلا به ٻڌايا.پهريون؛ پنهنجي ذهانت کان واقفيت يا خود شناسي.جيئن حضرت علي رضه جو قول آهي ته جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو.پنهنجي جذبات جي درياء کي صحيح رخ ۾ وهائڻ لاء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجن خوبين ۽ خامين جو صحيح علم هئڻ گھرجي.اوهان کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙ اچي ٿي،ڪهڙي شيء اوهان کي خوش ڪري ٿي،ڪهڙي ڳالهه اوهان کي پريشان يا غمگين ڪري ٿي.ڪهڙن ڪهڙن موقعن تي اوهان کي ناڪاميء کي منهن ڏيڻو پيو۽ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ڪاميابي ملي.پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ لاء انهن سوالن جا جواب ڳولهي اوهان کي پنهنجي ڊائريء ۾ لکڻا پوندا.پوء ڪو وقت ايندو جو اوهين گھڻي حد تائين پنهنجي ذات کي ڄاڻي چڪا هوندا.اهو پهريون مرحلو ”پاڻ سڃاڻڻ “ سڏجي ٿو.ٻيو مرحلو پنهنجي ذات جي تنظيم ۽ ترتيب جي صلاحيت آهي.انسان کي پنهنجي ذات جو ادراڪ حاصل ٿي وڃي، پنهن جن خامين ۽ خوبين جو علم حاصل ٿي وڃي ته اها ان جي وڏي خوش قسمتي آهي.جيئن هڪ حديث پاڪ جو مفهوم آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو تي الله جو ڪرم ٿيندو آهي ته ان کي سندس عيب نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.جنهن کي پنهنجون برايون نظر اچڻ شروع ٿي وڃن ته پوء هو انهن جي سڌاري جي به ڪوشش ڪندو آهي.جيڪر اسان دنيا کي بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو.جيڪي اسان پنهنجي لاء پسند ڪيون ٿا ٻين لاء به اهو ئي پسند ڪيون.ڪڏهن به ٻئي جا محتاج نه بڻجون بلڪ پنهنجي خداداد صلاحتين تي اعتماد ڪيون.زندگيء جي تجربن مان سدائين ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيون.ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه يا ڄاڻ کي حتمي ۽ آخري نه سمجھون.سدائين تبديليء جي گنجائش رکون.ڏينهن ۽ رات ۾ ڪجهه وقت ضرور رکون جيڪو نج اسان جي پنهنجي ذات جي لاء هجي،جنهن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪجي،پنهنجو پاڻ کان سوال جواب ڪجن،پنهنجن سٺن ڪمن تي پاڻ کي شاباس ۽ برن ڪمن تي محاسبو ڪجي.پنهنجن احساسن،جذبن،خواهشن ۽ عادتن کي هڪ وڏي مقصد لاء هڪ خاص طرف ۾ لڳائي ڇڏڻ ئي ”ذات جي تنظيم“ سڏائي ٿو.ان کي سادي انداز ۾ سمجھڻ لاء واصف علي واصف جو هڪڙو قول آهي ته ”ڪاوڙ عظيم ماڻهن کي ٺاهي وڃي ٿي جڏهن ته ننڍن ماڻهن کي کائي وڃي ٿي.“ يعني جذبات کي دٻائڻ سان اهي لاوي جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا پوء ڪنهن ٻئي طرف وهي نقصان ڪن ٿا جڏهن ته انهن جي صحيح رخ ۾ استعمال ٿيڻ سان انسان جي وقار ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٽيون مرحلو ٻين سان همدردي ۽ ٻين جي دل جوئي ڪرڻ آهي.ڊينيل گولمين جي چوڻ مطابق ” سچي همدردي اها ناهي ته اوهان کي ٻين جي درد جو احساس هجي بلڪه ان درد کي دور ڪرڻ جي تدبير به ڪيو.“ همدردي ۽ دل جوئي مان مراد اها آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ٻئي جي جاء تي رکي سوچي،ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.اهو آهي ته ڏاڍو ڏکيو ڪم پر رڳو ايترو سوچڻ سان اسان جا اڌ کان مٿي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ڇو ته اسان جي ترجيح ۽ گھڻي ۾ گھڻو ڌيان ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اسان ڇا سوچي رهيا آهيون، اسان جي لاء ڇا مناسب آهي،اسان جا جذبا ڇا چئي رهيا آهن پر جيڪر اسان ان سان گڏوگڏ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جو خيال رکڻ به شروع ڪري ڏيون ته اها خوبي اسان کي ٻين کان ممتاز بنائي ڇڏيندي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهن ۾ اها خوبي پوري پوري ڀريل هوندي آهي.دنيا ۾ جيترا به ڪامياب ۽ نامور ماڻهو گذريا آهن انهن سڀني ۾ اها عادت ساڳي هئي جو اهي پاڻ سان ڳنڍيل ماڻهن جي جذبن کي سمجھندا هئا ۽ انهن کي گڏ کڻي هلندا هئا.چوثون مرحلو آهي ماڻهن سان بهتر لاڳاپا پيدا ڪرڻ.جذباتي ذهانت حاصل ڪرڻ لاء پنهنجي جذبات کي سمجھڻ،پنهنجن جذبن کي صحيح طرف ۾ لڳائڻ ۽ پوء ٻين جي جذبن کي سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انهن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ به اهم مرحلو سمجھيو ويندو آهي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهو ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.اٿڻ ويهڻ ۽ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ چڱيء ريت ڄاڻندا آهن.انهيء کي ”سماجي ذهانت“ به ڇيو وڃي ٿو.جهڙيء طرح شهرت ۽ دولت ڪمائي وڃي ٿي اهڙيء طرح اسان کي عزت به ڪمائڻي پوندي آهي.جيڪر اوهان ٻين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ نٿا ڄاڻو ته پوء اوهان ڪڏهن به سٺا منتظم،سٺا استاد يا سٺا واپاري بڻجي نٿا سگھو توڙي اوهان ڪيترا به تعليم يافتا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪيترا به ماهر ڇو نه هجو.سماجي ذهانت سکڻ لاء معروف مصنف ”ڊيل ڪارنيگي“ جي ڪتابن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته انسان هن ڪائنات جي ذهين ترين مخلوق آهي ۽ ذهانت جا ڪيترائي قسم هن وقت تائن دريافت ٿي چڪا آهن جن مان جذباتي ذهانت به هڪ قسم آهي.انسان دنيا ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ گھري ٿو.ماء جو پنهنجي ٻار کي پيار مان چمي ڏيڻ،ماڻهوء جو ڪاوڙ وچان ڙڙيون ڪرڻ ۽ ٻارن جو وڇن جي خوف کان لڪي وڃڻ جذبن جو اظهار ئي ته آهي.جذبا انسان جي اندر لڪيل توانائي آهي جيڪا ڪٿان نه ڪٿان نڪرڻ لاء آتي رهي ٿي.هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان انهن جذبن کي آزاد ڇڏڻ بدران انهن کان مثبت ڪم وٺڻ سکون.اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڪهڙي جذبي کي ڪٿي استعمال ڪرڻ بهتر آهي ۽ ڪٿي نقصانڪار آهي.زندگيء جي ننڍن ننڍن مسئلن جو مثبت رد عمل ڏيڻ سکجي،ان طرح جزبا فائدو ڏيڻ لڳن ٿا.شخصيت ۾ اعتماد اچي ٿو ۽ زندگيء جي مسئلن سان منهن ڏيڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي.

(روزاني هلال پاڪستان 6 آگسٽ 2019ع)

Thursday, July 4, 2019

ايف ايم ريڊيو جي دنيا...!



شفيق الرحمان شاڪر
ايف ايم ريڊيو چينل اچڻ سان هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڇوڪريون ويچاريون جيڪي گھرن ۾ ويٺيون رهنديون هيون ۽ ماء پيء جي ڊپ وچان ڪنهن غير مرد سان ڳالهه ٻولهه ئي نه ڪنديون هيون هاڻي رات سڪون سان ڪنهن ”ادي جنيد“ سان آن ايئر ڳالهيون به ڪن ٿيون،سندس آواز جي تعريف به ڪن ٿيون ۽ پنهنجي پسند جو گانو به ٻڌي وٺن ٿيون.”ادو جنيد“ به پنهنجي آواز کي وڌيڪ پرخمار بڻائي پندرهن سو روپين ۾ رات جو ٻن ڪلاڪن تائين آهون ڀريندو رهندو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش  ۾ پوريء طرح ڪامياب ويندو آهي ته هو ڪنهن ”رومانٽڪ “ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساغر صديقيء کان ناصر ڪاظميء تائين هن جا نهايت ئي ويجھا لاڳاپا رهيا آهن.رات جي ميزبانن کي وحيد مراد ۽ ڏينهن جي ميزبانن کي شوخ ۽ لاپرواهه شاه رخ بنجڻ جو جنون هوندو آهي. ڏينهن جو اهي مائيڪ وات جي اندر وجھي اهڙي ته خوش خوش ۽ تيز گفتگو ڪندا آهن جو ڪو ماء جو لال اندازو نه ڪري سگھندو ته ويهه منٽ پهرين اهو ڍالي ۾ لٽڪي اسٽوڊيو پهتو آهي.ڪيترين ئي ميزبان ڇوڪرين جي ته ڳالهه ڳالهه تي ايتري کل نڪري ويندي آهي جو ريڊيو ٻڌندڙ ڏند پيهي سندس زال کي پٽڻ لڳندو آهي.انهن مان گھڻيون اهي هونديون آهن جن جون شڪليون سندن آواز جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.گھر ۾ مڙس انهن سان ڊڄندي ۽ هٻڪندي ٿوري به پيار جي ڪا ڳالهه ڪري ته مٺيون ڀڪوڙي سندس پويان پئجيو وڃن پر آن ايئر اهڙي ته محبت سان فون ڪالس جو جواب ڏينديون آهن جو ”چوهڙ جي زبير“ جي هڪ دفعو به ڪال ملي وڃي ته سڄو ڏينهن پنهنجي پان جي مانڊڻيء تي ويٺو حسين خيالن ۾ گم رهندو آهي.ايف ايم ريڊيو سبب حڪيمن جي به چاندي ٿي ويئي آهي.حڪيمن پورا پورا پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ انهن ”حڪيمي پروگرامن“ ۾ اڪثر حڪيم صاحب ۽ ”صائما جي“ پري پري جي ”مايوس“ مريضن کي نه رڳو دوائون پارسل ڪندا آهن پر انشاءالله انشاءالله چوندي بواسير کان هارٽ اٽيڪ تائين جو آن ايئر علاج به تجويز ڪري وٺندا آهن.صائما جي پاڻ به حڪيم صاحب کان گھڻو متاثر نظر ايندي آهي.وقت بوقت سندس بيمارين جو علاج به پڇندي رهندي آهي ۽ جذبات کان متاثر ٿي بار بار اعتراف به ڪندي آهي ته حڪيم صاحب تو منهنجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.
ايف ايم ريڊيو سبب هاڻي گاڏين ۾ ٽيپ جي بدران ريڊيو گھڻو ٻڌو وڃي ٿو،گانا به سٺا لڳندا آهن پر حرام آهي جو ڪوبه گانو پورو ٻڌايو وڃي.اڌ کان مٿي گاني ۾ ميزبان سندس انٽري وجھي گاني جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آهن.ڪيترا ئي شوقين قسم جا ميزبان ته گاني سان گڏ پنهنجي گلوڪاريء جو مظاهرو به ڪرڻ لڳندا آهن نتيجي ۾ سونون نگم به برو لڳڻ لڳي ٿو.ايف ايم ميوزڪ جو اهڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايوآهي جو هاڻي ڳالهه ٻولهه دوران به هر خالي جڳهه تي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ميزبان جيڪر ڇهه سٽون به ياد ڪيو ويٺو هجي ته ڳالهه ٻولهه ۾ اڌ ڪلاڪ ته سولائيء سان گذريو وڃي.ڪنهن ڳالهه ۾ ميوزڪ وجھي ايترو ته پکيڙيو وڃي ٿو جو پوري ڳالهه ٻڌڻ لاء ڪن سڪيو وڃن.مثال اوهان جيڪر ڏينهن جو ريڊيو آن ڪيو آهي ته  گفتگو ڪجهه هن قسم جي هوندي؛ ”جي لسنرز آئون آهيان اوهان جو ڀاء،اوهان جو ڀائيٽو،اوهان جو ڀاڻيجو،اوهان جو چاچو،اوهان جو مامو،اوهان جو دوست،اوهان جو ساٿي،اوهان جو همراز..لسنرز اڄ نهايت ئي وڻندڙ ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان مون اڄ هي ميوزڪ.. ايتري دير ۾ ته ماڻهو هوند آفيس يا گھر مان ٿي موٽي اچي.ايف ايم تي هر اهو ماڻهو ڪامياب ”ڊي جي“ بنجي سگھي ٿو جنهن ڏيڍ ٻه سال لاري اڏي تي ”دادو لاڙڪاڻو“ جا آواز لڳايا هجن يا بسن ۾ چورن وڪيو هجي.ساهه کڻڻ سواء ڳالهائڻ جو فن ايف ايم جي ميزبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي نٿو اچي.ايف ايم ۾ موجود ڊي جي گھڻي ڳالهائڻ جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن جو جيڪر اهي ڪجهه منٽن لاء چپ ٿي وڃن ته مري وڃن.ڌڙا ڌڙ ايندڙ ايف ايم ريڊيو چينلن ”هي ريڊيو پاڪستان آهي“ جهڙي خوبصورت آواز کي به دٻائي ڇڏيو آهي.هاڻي عشق ڪرڻ جا طريقا،ڪاوڙيل ڇوڪريء کي پرچائڻ جا طريقا ۽ دل جو حال شعرن ۾ ٻڌائڻ جي ذميداري ايف ايم ريڊيو وارن سنڀالي ورتي آهي. گھريلو پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪرا ڇوڪريون دل کولي پنهنجي وڻندڙ شخصيت سان گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڪال ڪندڙ کي وسري ويو آهي ته اها ڪال آن ايئر به وڃي رهي آهي.انهن سمورين ڳالهين باوجود هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ايف ايم ريڊيو چينلز کي ضرور ملڻ گھرجي جو انهن ريڊيو کي وري زندهه ڪري ورتو آهي نه ته ريڊيو پاڪستان جو ڪم رڳو ايترو رهجي ويو هو ته مارڪيٽن جا اگھه،حڪومتي موقف تي ٻڌل ٽاڪ شوز ۽ بور قسم جا گانا بار بار ٻڌايا وڃن.مون پنهنجي هڪ ڊي جي دوست کان پڇيو ته تون روزانو ساڍا ڇهه ڪلوميٽر ڳالهائين ٿو ته ٿڪين نٿو؟ اطمينان سان جواب ڏنائين جڏهن گھر ۾ ڪو ڳالهه ٻڌڻ وارو ئي نه هجي ته پنهنجو ٽيلنٽ آزمائڻ لاء ايف ايم جو ڊي جي بنجڻ کان وڌيڪ ٻيو زبردست ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ منهنجي خيال م صحيح ٿو چوي،روزانو پندرهن ويهن خوبصورت آوازن سان گپ لڳائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.دنيا ترقي ڪري آهي،هاڻي گھر ويٺي ئي دنيا جي ميلي ۾ شامل ٿي سگھجي ٿو ۽ ”ادي جنيد“ سان نه رڳو پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪري سگھجي ٿي پر ”باجي“ جي ڳالهه به ڪرائي سگھجي ٿي.رات جوڪنهن به لمحي ٿورو ايف ايم چينل ٽيون ڪيو ۽ ڪالرز جي گفتگو ٻڌو،اوهان کي لڳندو ته ڄڻ ڊي جي ۽ خاتون ڪالر باغ جناح ۾ فروٽ چاٽ کائيندي دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن.رات هڪ خاتون ڪنهن ميزبان کي چئي رهي هئي”پيارا ڀاء!..هاڻي ته اوهان جو آواز نه ٻڌان ته مون کي ننڊ ئي نٿي اچي!“

(روزاني هلال پاڪستان) 

Saturday, June 15, 2019

انساني نفسيات ۾ وهم،شڪ ۽ خوف !



شفيق الرحمان شاڪر
ان سچائيء کان منهن موڙي نٿو سگھجي ته هر انسان جي فطري طور تي پنهنجي پنهنجي نفسيات هوندي آهي.انساني طبيعت ۾ فطري طور تي خوشي ۽ غم ٻنهي قسمن جا جذبا هوندا آهن جن جو تعلق سڌو ان جي طبيعت سان هوندو آهي.انسان جڏهن خوش هوندو آهي ته خوشيء جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن ڳائي ٿو ته ڪڏهن تاڙيون وڄائي ٿو.اهڙيء طرح جڏهن ان تي غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي غم ڀريل جذبن جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن روئندو آهي ته ڪڏهن دردناڪ نغما ۽ نوحا پڙهندو آهي.حقيقت ۾ انساني نفسيات جو تعلق سڌو ان جي سوچ ۽ ويچار يعني دماغ سان هوندو آهي.انساني زندگيء ۾ ٻن قسمن جي نفسيات ڪم ڪندي آهي جن ۾ هاڪاري يا مثبت ۽ ناڪاري يا منفي احساسن جو اهم ڪردار هوندو آهي.زندگيء جي هر شعبي ۾ اهي ٻئي نفسياتي سوچون مختلف قسمن جي احساسن کي جنم ڏين ٿيون.جن ۾ منفي لاڙن ۽ احساسن جي سختيء سبب ئي اڪثر انسان احساس برتري يا احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انسان ڪڏهن دشمنيء واري جذبي ته ڪڏهن حسد جو شڪار ٿئي ٿو.ناڪاري سوچ سبب انساني طبيعت مايوسي ۽ نااميدي ته ڪڏهن وري خوف ۽ وهم جهڙن نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي ڪري رهجي وڃي ٿي.نفسيات جا ماهر ان قسم جي شديد احساسن کي ذهني يا نفسياتي بيمارين سان تعبير ڪن ٿا.اهڙيء طرح جي ڪمپليڪس ۾ ڦاٿل ماڻهن جي شخصيت سماج ۾ بريء طرح متاثر ٿي رهجي وڃي ٿي.ڪو انهن کي مغرور چوندو آهي ته ڪو انهن کي خبطي.بهرحال انهن جي رويي سبب سماج ۾ انهن بابت جيڪا راء قائم ٿئي ٿي اها سندن شخصيت کي گھائل ڪري ڇڏي ٿي جنهنجو هنن کي احساس به نه ٿيندو آهي.ان قسم جي نفسياتي مريضن سان وڏي مشڪل اها هوندي آهي جو کين پنهنجي مرض جو احساس ئي نه هوندو آهي جڏهن ته جيڪي جسماني مريض هوندا آهن انهن کي سندن مرض جو چڱيء طرح احساس هوندو آهي ته کين ڪٿي ۽ ڪهڙي تڪليف آهي.نفسياتي مريض پنهنجي ناڪاري سوچ ۽ فڪر سبب جيڪا سندن ذهن ۾ اوتجي چڪي هوندي آهي،غير معمولي عادتن جو شڪار ٿي پنهنجو پاڻ کي هر وقت صحيح سمجھڻ لڳندا آهن.ان قسم جي ذهني مريضن کي نفسيات جي ماهرن او سي ڊي (Obsessive Compulsive Disorder) سان تعبير ڪيو آهي جنهن ۾ مريض ڪنهن هڪ شيء جي باري م وري وري سوچيندو آهي يا ڪنهن عمل کي بار بار ورجائيندو آهي.جيڪي ماڻهو ان نفسياتي بيماريء جو شڪار ٿين ٿا انهن جي ذهن ۾ جيڪو خيال ايندو آهي انهيء تي اهي ترت عمل ڪرڻ لڳن ٿا پر انهن کي خود پنهنجي غير معمولي  رويي جو احساس ئي نه هوندو آهي.عام زبان ۾ ان عمل کي ”خبط جبراني“ چيو وڃي ٿو.ان قسم جا نفسياتي مريض ڪڏهن ڪڏهن مختلف قسمن جي شڪن شبهن ۽ وهمن ۾ ڦاسي خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن جون عادتون پوريء طرح بدلجي وڃن ٿيون.مثال،ڪو شخص وري وري هٿ ڌوئڻ بعد به مطئمن ناهي ٿيندو.هن کي ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه جو احساس ۽ گمان رهي ٿو ته سندس هٿ ۾ ڪا گندگي رهجي ويئي آهي ۽ سندس هٿ صاف ناهن ٿيا ان ڪري هو پنهنجي وهم سبب هٿن کي بار بار ڌوئڻ پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي ٿو.ان قسم جي نفسياتي مريضن جو استخاري تي اعتماد وڌي وڃي ٿو ۽ اهي ننڍي کان ننڍي ڳالهه لاء به استخاري جو سهارو وٺن ٿا ايستائين جو استخارو ڪرڻ سندن عادت بڻجي وڃي ٿو.اهو مرض ايترو وڌي ٿو جو ماڻهن سان ملڻ ٻاهر نڪرڻ،ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ،نماز جماعت سان يا اڪيلي پڙهڻ،مطلب ته هر شيء ۾ استخارو ڪرڻ جا قائل ٿي وڃن ٿا.اهي ضروري ۽ لازمي ڪمن جي ادائيگيء لاء جنهن ۾ عقلي ۽ فطري حڪم هوندو آهي انهيء ۾ به استخاري جا عادي بڻجي وڃن ٿا.ايستائين جو پنهنجي ان عادت سبب پنهن جا ڪيترا نقصان به ڪري ويهن ٿا.حقيقت م اهڙي نفسيات رکندڙ ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خود اعتمادي وڃائي ويهن ٿا جيڪا انهن کي بار بار اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.ڪڏهن ڪڏهن اڻ ڄاتل خوف به کين ستائيندو آهي جنهن سبب اهي ايئن ڪندا آهن.انهن جي ان نفسياتي رويي جو تعلق انهن جي ان ذهني ايپروچ سان هوندو آهي جيڪا سندن ذهن ۾ پهرين کان ئي گھڙي چڪي هوندي آهي.ماهر نفسيات پروفيسر آئي اي ترين لکيو آهي؛ ” ڪجهه ذهني بيمارين ۾  مريض جي ڪنن ۾ مليل جليل شور ۽ آواز بڌڻ ۾ ايندا آهن.جڏهن مرض وڌي ٿو ته باقائدي مردن ۽ عورتن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر ڳالهه ڪندڙ ماڻهو نظر نه ايندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن مريض انهن جي ڳالهين جو جواب به ڏيندو آهي جڏهن ته ماڻهو سمجھندا آهن ته هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي.ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مريض کي انهن مان مزو ايندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه هوندو آهي مريض کي اهي ئي آواز جيڪي هن سان ڳالهائين ٿا هن کي الهام هئڻ جو احساس ڏيارڻ لڳن ٿا.“
ڪنهن به قسم جي اڻ ڄاتل خوف ۽ شڪن جي بنياد تي ان قسم جا نفسياتي مريض ماڻهن کي پنهنجو دشمن به سمجھڻ لڳن ٿا جڏهن ته ماڻهو انهن جا دشمن نه هوندا آهن ڇو ته جڏهن اهي پاڻ ڪنهن جا دشمن ناهن ته ٻيا انهن جا دشمن ڇو ٿيندا پر هو ان نموني نه سوچيندا آهن.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي پسند ٿي ويندا آهن.پنهنجو پاڻ کي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ پسند نه ڪندا آهن.کين ڊپ لڳندو آهي ته منهن جا دشمن منهنجي پويان لڳل آهن جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ گھرن ٿا.منهنجي خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن ايستائين جو ان سان جڏهن ڪو سندس پنهن جو ويجهو به ملڻ ويندو آهي ته اهي سمجھندا آهن ته ان کي منهنجي ڪنهن دشمن مون ڏانهن موڪليو آهي.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پاڇي کان به ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به شڪ جي دائري ۾ ڏسڻ لڳن ٿا جڏهن ته حقيقت ۾ اهي سندن همدرد ۽ چاهيندڙ هوندا آهن.ايستائين جو ان قسم جا ذهني مريض سندن شخصيت جي برن اثرن ۽ منفي روين ۽ سلوڪ سبب  آهستي آهستي سماج ۽ گھر وارن جي محبت ۽ پيار کان دوري ۽ بي ڌيانيء جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا.اهي پنهنجي لاء پاڻ پيدا ڪيل وهمي دنيا ۾ گم ٿيڻ لڳن ٿا جيڪا نهايت ئي خوف،شڪ ۽ بي يقينيء جي دنيا ٿئي ٿي.اها هڪ اهڙي بيماري آهي جو شڪ کان شروع ٿي يقين ۾ بدلجڻ لڳي ٿي.ان جو مثال ايئن سمجھو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن پراڻي ديوار تي جنهنجو پلاسٽر يا پينٽ اڍڙي ويو هجي ۽ اسان ان کي جڏهن ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيون ٿا ته ان ۾ اسان جيڪا تصوير به پنهنجي ذهن ۾ اڀارينداسين اها ئي تصوير اتي نظر ايندي.جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن پوڙهي جي شڪل ۾ يا ڪنهن جانور جي شڪل ۾ سوچينداسين ته اهو ئي نقش اڀري ايندو جيڪو يقين جي صورت اختيار ڪرڻ لڳي ٿو.اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان جي نظر تي اسان جي سوچ غالب اچي وڃي ٿي.
ان قسم جي نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا.اهو به ممڪن آهي ته ڪو حادثو جنهنجو شڪار مريض ٿيو هجي،ان حادثي جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هجي ۽ اهو خوف ۽ شڪ ان جي ذهن جي لڪيل خانن ۾ شڪ مان گذري يقين جي صورت اختيار ڪري ويو هجي.اهڙن نفسياتي مريضن جو علاج ناممڪن ڪونهي ڇو ته اها ڪا لاعلاج بيماري ناهي.اهڙن مريضن کي پاڻ يا سندن گھر وارن کي گھرجي ته اهي ڪنهن ماهر نفسيات سان ترت رابطو ڪن ته جيئن مشاورت ذريعي سندن مرض جو علاج ٿي سگھي.اهڙا مريض رحم ۽ همدرديء لائق ٿين ٿا.سندن ذهني ڪيفيت کي ڏسندي ساڻن ان قسمن جو همدرداڻو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.انهن سان الجھڻ يا بحث ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي.جاهل سماج ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهڙن مريضن جي علاج لاء ماڻهو جاهل ۽ ٺڳ عاملن جي چڪرن ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽ اهي اهڙن مريضن کي جن يا آسيب ۾ ورتل،جادو ڪيل وغيره قرار ڏيئي اهو ٻڌائيندا آهن ته اهڙيون نظر نه ايندڙ طاقتون انهن کان اهو ڪم ڪرائي رهيون آهن جڏهن ته سچائي اها ناهي هوندي. اها هڪ اوسي ڊي جهڙي بيماري آهي جنهن لاء مريض ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڪنهن عامل يا جادوگر بدران ڪنهن ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ گھرجي.
(روزاني جيجل 15 جون 2019ع)

Tuesday, January 8, 2019

شامتن کي سڏيندڙ ۽ دعوتون ڏيندڙ اسان جون دليون.



ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
مان جڏهن وقت ۽ حالتن تي ويچار ونڊڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ذڪر ڪندو آهيان ته اها ڳالهه زور ڏئي چوندو آهيان ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر فرد اڌورا ۽ اڻپورا آهن، ان ڪري ادارا الله کي پيارا ٿي ويا آهن. ادارا لولا ۽ لنگڙا آهن، ان ڪري فردن جي جوڳي فڪري ۽ نظرياتي تربيت ٿي نه ٿي سگهي. انهن ڳالهين اسان جي حالتن ۾ مرڻ يا مارڻ واري رنگ کي ڀري ڇڏيو آهي ۽ اسان پاڻ شامتن کي دعوتون ڏيندا آيا آهيون.
ڪلهوڙن جي دور ۾ اسان جي اهڙن روين نادر شاهه جهڙي ظلم کي ڪاهي اچڻ ۽ اسان کي برباد ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. هن سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي، ان تي هڪ شاعر لکيو ته ”شامتِ اعمال مان، صورتِ نادر گرفت“. مطلب ”نادر شاهه اسان جي عملن جي شامت بڻجي آيو آهي.“
ظاهر آهي ته جهڙا عمل هوندا، نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، ساريون پوکي اسان ڪڻڪ لڻي نه ٿا سگهون، ديني تعليم ٻڌائي ٿي ته عملن جو دارومدار نيت تي آهي. نيت جي معنيٰ ٿيندي ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي منصوبه بندي. اسان جي سماج ۾ سماجي روين جي اها منصوبه بندي اڪثر ڪري ماڻهوءَ کي پاڇي بنائڻ جو ذريعو آهي، ان ڪري اسان مان ڪيترا اڌورا ۽ اڻپورا انسان بڻجي پون ٿا. انهيءَ سوچ اسان کي ڌارين جي در تي جهڪڻ سيکاريو آهي ۽ پنهنجن کي پنهنجي پيرن هيٺان جهڪائڻ جي خفت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيوآهي. تعليم، مذهب، نظريا، قدر ۽ اصول اسان کي پنهنجي اهڙن روين بدلائڻ کان جهڙوڪ روڪي نه ٿا سگهن. اسان پنهنجي انا، ضد ۽ هوڏ ۾ اهي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيون ٿا.
درگذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ، افهام تفهيم سان ڪنهن سمجهوتي تي اچڻ بدران اڪثر روين ۾ اسان واپسيءَ جا دروازا بند رکندا آهيون ۽ پنهنجي نيت خواهه رويئي کي پٿر تي ليڪ ڄاڻي. ان کي سڌارڻ يا بدلائڻ جي ڪوشش ئي ڪري نه سگهندا آهيون. ان ڪري ٻئي طرف کان به اسان کي اهڙي تباهي آڻيندڙ ۽ شامتن جهڙي موٽ ملندي آهي. ڇوته ان لاءِ اسان ٻيو رستو ڇڏيندا ئي ڪونه آهيون.
مثال طور پوليس جو رويو اڪثر حالتن ۾ هڪ ”معمولي ڏوهي“ کي ” غير معمولي ڏوهي“ بڻائيندو رهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪي ڌاڙيلن پيدا ٿيا. انهن جي اڪثريت پوليس جي روين ۽ وڏيرن جي ڏاڍ ڪري ٿيا. انهن کي عام ماڻهوءَ ڪونه آزاريو پر ظلم ڪرڻ ۽ ڏاڍ ڪرڻ جو فيض کين ٿاڻن يا وڏيرن جي اوطاقتن مان ئي مليو. پوءِ تباهين ۽ شامتن جي بارش ٿيڻ شروع ٿي ۽ جڏهن باهه ٻري ته پوءِ سڪن سان گڏ ساون کي ساڙي ڇڏي ٿي.
اڳي پوليس، ڪامورو، وڏيرو ۽پير ليکڪن قلم جو نشانو بڻيا رهيا ۽ انهيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جو ڳچ سارو ادب پيدا ڪيو.  پر هاڻي جهڙوڪ هر ڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ ئي وقت تي پير، وڏيرو ۽ ڪامورو آهي. هر ڪو جهڙوڪ پوليس وارو ڪنهن وڏيري جو منشي ۽ ڪنهن پير جو خليفو آهي. گهٽائي ڪوئي ڪونه ٿو. جنهن کان جيترو پڄي ٿو، اهو پنهنجي روين ۽ عملن سان پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ شامتن ۽ مصيبتن کي دعوت ڏئي ٿو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته متضاد گروهه، يعني ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، غريب ۽ امير، پڙهيل ۽ اڻپڙهيل اهڙن روين ۾ هڪ ٻئي کان ٻه قدم اڳتي هوندا. ان ڪري هر ڪو ڄڻ اهو پيو هوڪو ڏئي ته ”تون منهنجي هٿان مر، يا مان توکي ماريان“ مرڻ مارڻ کانسواءِ اسان جي وات تي، نيتن ۾ ۽ عملن ۾ ٻي ڪا وائي ئي ڪانهي.
جيڪڏهن ظالم باهه ٻاري ٿو ته مظلوم باهه کي پاڻي سان نه پر باهه سان ئي وسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته اهي کوهه ئي سڪي ويا آهن، جن ۾ ڪا پاڻيءَ لپ بچي هجي. متضاد طبقا ، پوءِ اهو ظلم هجي يا مظلوم، مرد هجي يا عورت، دوست هجي يا دشمن، پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل انهن جي دلين مان شڪ، وهم ۽ مفروضن جا مرض ڪڍي ئي نه ٿا سگهجن. هر ڪا ڌر پاڻ کي سرخرو ۽ فتح ياب ڏسڻ گهرندي ۽ان جو اهو پڪو ايمان هوندو ته ٻئي طرفان مرڻ مارائڻ کانسواءِ ٻي ڪا چڱائي ٿيندي ئي ڪونه. پوءِ اهڙيءَ صورت ۾ هر ڪو اهڙو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو ماري، پر جيڪڏهن ماري نه ٿو سگهي ته کاري ضرور.
اسان درگذر ڪرڻ ۽معاف ڪرڻ جي جهڙوڪ سُتي ئي ڪونه پيتي آهي. بدلو وٺڻ جهڙوڪ اسان جي دين ايمان جو حصو بڻجي ويو آهي. اسان جون دليون اهي اهرام آهن، جن ۾ نفرتن جا لاش ڳرندا ئي ڪونه آهن. وقت گذرڻ سان گڏ نفرتن تي اسان جو وياج چڙهندو ويندو آهي، پوءِ جڏهن موقعو ملي ٿو ته سود سميت پنهنجون نفرتون، وير ۽ بدلا چڪايون ٿا.
جڏهن روين جي اهڙي پڪائي يا چئجي ته راسخ عقيدو ذهن ۾ گهر ڪري ويهي ٿو ته ماڻهو پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ مصيبتون ۽ شامتون بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ صورتحال اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن کي قرار ڪونهي. ان ڪري روين جا اهي ردعمل ظاهر ٿين ٿا، جن تي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.  مثال طور ٻارن ٻچن واري ماءُ سان سندس مڙس ڏاڍ ڪندو مائي ڇهن ٻچن کي نظرانداز ڪري گهر ڇڏي ويندي. مائي ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺهيا ته همراهه وڃي شاديءَ مٿان شادي ڪندو ۽ اهو نه ڏسندو ته پٺيان ڪرڪيٽ ٽيم جيترا ٻار ڇڏي آيو آهيان. سنڌ ۾ ٻي شاديءَ جو اڪثر پس منظر اهو ئي ٿئي ٿو. هڪ گهر ڊاهي ٻيو ٺاهجي ٿو ته پهرئين گهر کي ڏکن ڏوجهرن ۾ وڌو ٿو وڃي.
بدلي، وير ۽ نفرت وارن روين ۾ شدت اچڻ جو اسان وٽ اهو ڪارڻ به آهي ته اسان من ڪچا نه ٿيندا آهيون پر ڪن ڪچا ٿيندا  آهيون. اسان جيڪو ٻڌانداسين. يا جيئن اسان جا ڪن ڀريا ويندا، ان تي ايمان آڻينداسين، من ڪچو ٿي مامري کي  نظرانداز نه ڪنداسين، پرڪن ڪچو ٿي ٻين جي خواهشن ۽ نيتن جي نهن ته نچڻ شروع ڪنداسين. انسان ته انسان آهي چڱايون ۽ لڱايون سڀني ۾ ٿين ٿيون. پر اسان کي ٻئي جي لڱائي ڪانه وڻندي، پر ان صورت ۾ زهر لڳندي، جڏهن ان بابت ڪوڪن ڀري يا ڳالهه ٻڌجي، تصديق نه ڪنداسين، حق ۽ سچ جو فرق نه ڪنداسين، پر ٻڌل ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌنداسين. انهن روين ۽ نظرين به اسان ۾ وڏا ويڇا وڌا آهن. انڪري اڪثر ڪري اسان ماڻهن سان انڪري نفرت نه ڪندا آهيون ته هن ۾ ڪي اوڳڻ ۽ لڱايون آهن پر ان ڪري نفرت ڪندا آهيون ته ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته هن ۾ لڱايون آهن.
اختلاف ٿيندا آهن ۽ اهي اختلاف ئي آهن جن ڪري ماڻهن جي انفراديت ۽ تشخص جي خبر پئي ٿي. جيڪو ماڻهو اختلاف نه ٿو ڪري، اهو ته حرام ۽ هلال جي ڪاتي آهي، ان کي پنهنجو نظرياتي موقف  آهي ئي ڪونه. بنهه ائين جيئن جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا دشمن يا مخالف گهٽ هوندا آهن، اهو وڏو مفاد پرست ۽ سمجهوتي باز هوندو آهي، يا ان ۾ منافقيءَ  جا جراثيم گهڻا هوندا آهن. ان ڪري مخالفت ضروري آهي ۽ٿيڻ گهرجي. پر اسان وٽ مخالفت نه پر دشمني ٿيندي آهي. اسان ڪنهن کي برداشت ڪري نه سگهندا آهيون. ڪو پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان اڳتي وڌندو ته اسان جي ننڊ ڦٽي ويندي. جيستائين هن جا پير نه ڪڍنداسين، ان وقت تائين اسان کي آرام نه ايندو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي روين مان ائين لڳندو آهي ته اسان جهڙوڪ دنيا جي اها واحد قوم آهيون جن جي ڪيترن ماڻهن جي عادت ئي اها آهي ته وڻن تان جهيڙا لاهي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ وجهون. دشمني ڪرڻ اسان جو شوق ۽ ذوق ٿي چڪو آهي. اسان جي نظرن ۾ مخالفت جو مطلب آهي دشمني ڪرڻ ۽ دشمني جو مطلب آهي مارڻ يا مرڻ جڏهن اسان جي اهڙن آپگهاتي روين کي غير سمجهي سڃاڻي وڃن ٿا ته انهن کي اسانجي هاديءَ ۽ رهبر ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. دلين ۽ ذهنن جي اهڙي وڇوٽيءَ سبب اسان سنڌ سطح تي ڪو اجتماعي ۽ قومي اتحاد قائم ڪري نه ٿا سگهون، ڪا گڏيل ايجنڊا ٺاهي نه ٿا سگهون ۽ هر ڪو هڪ سر جي مسجد ٺاهي ٻانگون ڏيڻ کي ئي انفرادي ۽ قومي خدمت سمجهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسان جون دليون پاڻ ۽ ٻين لاءِ آفتن ۽ .شامتن کي سڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ۽ لوچي نه ٿيون سگهن.
(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2019ع)
tsApp

Tuesday, December 4, 2018

لفظن جي سونهن کان گدلاڻ تائين!





شفيق الرحمان شاڪر
اڪثر ٻڌندا آهيون ته انسان کي تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري ڳالهائڻ گھرجي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ڪنهنجي ڪهڙي تهذيب آهي ۽ ان جو وٽس معيار ڇا آهي،اها خبر نٿي پوي.وري سڀ ڪنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجا معيار هوندا آهن.هر ڪنهن وٽ تهذيب جا مختلف دائرا ۽ حدون هونديون آهن،هر قوم ۽ هر سماج ۾ الڳ الڳ تهذيب ۽ اخلاقي معيار مقرر ٿيل آهن.تهذيب جا اهي دائرا ڪڏهن پکڙبا ته ڪڏهن سسندا به رهن ٿا.انهيء جون حدبنديون به هيٺ مٿي ٿينديون رهن ٿيون پر پوري دنيا ۾ ڪجهه شيون اهڙيون ضرور آهن جيڪي هر تهذيب ۽ سماج ۾ مڃيل ۽ تسليم ٿيل آهن،ايئن چئجي ته اهي متفقه تهذيبي ۽ اخلاقي معيار آهن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.مثال؛ معاملا عدل ۽ انصاف سان طيء ڪرڻ، ڪوڙ ۽ دوکي وارو وهنوار نه ڪرڻ،ماڻهن سان اخلاق ۽ تميز سان ڳالهائڻ وغيره پر هاڻي قوم ۽ فرد جي جي گڏيل ۽ ذاتي روين ۽ مزاج جي ڳالهه اچي وڃي ٿي ته انهن ڪهڙي ماحول ۾ سکيا ورتي آهي.اسان وٽ هاڻي تهذيب جو دائرو ڪجهه وڌندو ئي ٿو وڃي ۽ انهيء ۾ اهو ڪجهه به اچي رهيو آهي جيڪو نه ڪڏهن ڏٺوسين ۽ نه ٻڌوسين خاص طور تي سياست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بي لگام زبان ۽ تهذيب جو دائرو گھڻو وڌي چڪو آهي.
لفظن جي وڏي اهميت هوندي آهي.زندگيء ۾ انهن جي آفت ڀوڳڻ سان گڏوگڏ انهن مان فائدو به گھڻو ئي کنيوسين.انهن ئي لفظن سان گھر آباد ٿيندي ۽ بگڙندي ڏٺاسين.جيڪي لاڳاپا قبوليت جي ٽن لفظن سان شروع ٿيا ۽ محبت ڀريل لفظن سان جڙيا رهيا اهي زهر ڀريل لفظن سان ڪمزور ٿي ويا ۽ وري ٽن لفظن سان هميشه لاء ٽٽي به ويا.ڪنهن جا مٺاڻ ڀريا لفظ اهو ڪم ڪري ويا جو دليون محبت سان ٽمٽار ٿيڻ لڳيون۽ ڪنهن جي من ۾ گھر اڏجي ويا ۽ انهن ئي لفظن سان ڪروڙين پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ پنهن جي ضد تي اڙجي ويا ۽ پڪل ميوا سڙي ويا ۽ لفظن جي خزان سان زندگي۽ جا پن ئي زري ويا.پر انهن ئي لفظن جو جڏهن صحيح ۽ مناسب استعمال ٿيو ته وري بهار اچي ويئي،ڪيئي گل ٽڙي پيا.لفظن جي صورت ۾ ڪنهنجو چوڻ به گلن جهڙو ۽ ڪنهن جي گفتگو ڪنڊن جهڙي.ڪنهنجا ٻول اهڙا ته اڪسير ڄڻ ته اجڙيل چمن ۾ بهار اچي وڃي ۽ ڪنهن بيمار کي بي سبب قرار ملي وڃي.۽ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي بازي هارائي وڃن اهي زندگيء جي بازي کٽي وٺن ٿا.جيڪي لفظن جي مار تي صبر ڪري وڃن انهن جي تقدير تبديل ٿيندي ڏٺيسين ۽ هر بگڙيل ڪم ٺهندي ڏٺوسين.
مطلب ته عمل ۽ ڪردار جي اهميت پنهنجي جڳهه تي پر لفظن سان ڪردار جو سينگار۽ نماڻائيء ۽ عاجزيء سان ڏنل دعائن کي خدا جي پڪار ۽ انهيء تي مالڪ جو پيار ۽ مليو جو قبوليت جو هار۽ اهڙيء طرح ٻڏل ٻيڙا ٿي ويا پار.
سياست ۾ به جيڪر برو ڀلو چوڻ ضروري ئي هجي ته اهو به تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري چئي سگھجي ٿوجنهن سان اڃا به ڪنهن کي خوبصورت لفظن سان وڌيڪ چوٽ لڳائي سگھجي ٿي۽ سامهون وارو پشيماني وچان زمين تي نڪ رڳڙڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.ڪن ٻن ڀائرن وچ ۾ ڪنهن مامري تي تلخي پيدا ٿي پيئي ۽ ڪاوڙ به سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.ننڍي ڀاء کي وڏي ڀاء تي جيڪو غصو هو سو هن طرح وڏي ادب ۽ احترام سان ٻاهر ڪڍيائين ته “پيارا ڀاء! لڳي ٿو ته توهان گڏهه آهيو!“ اهو ئي طريقو جيڪر وڏا ۽ ننڍا سڀ سياستدان اختيار ڪري وٺن ته هوند سندن پوئلڳن کي ڪجهه سڪون اچي وڃي.
۽ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪجهه خوبصورت لفظ اسان جي زندگي بدلائي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن لفظن سان گڏ ڪردار به شامل ٿي وڃي ته تهذيب بدلجي وڃي۽ تاريخ بدلجي وڃي ۽ سياست بدلجي وڃي ۽ رياست بدلجي وڃي.
برائيء جي بدلي م ڀلائيء جو خوب اٿر ٿئي ٿو،ان سان وڏا وڏا ڪميڻا انسان بدلجندي ڏٺاسين پر آهي اهو نهايت ئي مشڪل ڪم!
قرآن ڪريم ۾ خالق ڪائنات فرمايو ته
“برائيء کي ڀلائيء سان پري ڪريو پوء اهو جنهجي اوهان سان دشمني آهي اهو اوهان جو جگري دوست بڻجي ويندو.“







Sunday, November 25, 2018

پنهن جو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارو رويو.



سنڌيڪار ؛ شفيق الرحمان شاڪر
پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ اهو عمل آهي جڏهن ڪو ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي.ان جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا.مثال ؛ گھڻي مقدار ۾ منشيات يا دوائن جي استعمال سان،پنهنجوپاڻ کي وڍڻ يا زخمي ڪرڻ  يا ساڙڻ سان،مٿويا جسم ڪنهن سخت شيء سان ٽڪرائڻ سان،ڪنهن سخت شيء کي جسم ۾ ٽنبڻ يا ڪا نقصانڪار شيء ڳورڻ سان.ٻين ماڻهن کي محسوس ٿي سگھي ٿو ته ماڻهو ٿڌي دماغ سان ۽ ڄاڻي ٻجهي شايد نااميديء سبب اهڙا قدم کڻن ٿا.حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو به پنهنجوپاڻ کي اذيت پهچائين ٿا اهي سخت پريشاني، تڪليف، مايوسي،رنج ۽ ناقابل برداشت اندروني هيجان جي اثر هيٺ ايئن ڪندا آهن.ڪجهه ماڻهو ايئن ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن،ڪجهه اوچتو ايئن ڪري ويهندا آهن.ڪجهه ڪڏهن وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائيندا آهن ته ڪجهه وري وري اهو ڪرڻ لڳندا آهن،اهڙيء طرح اها انهن جي خطرناڪ عادت بڻجي ويندي آهي.اسان مان ڪي ماڻهو غير واضح پر خطرناڪ طريقي سان پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا.ٿي سگھي ٿو ته اسان ڪو اهڙو رويو اختيار ڪيون جيڪو ظاهر ڪري ته اسان کي زندگي يا موت جي پرواهه ناهي رهي.تحقيق مطابق ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڏهن مان هڪ نوجوان شخص پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو.اهو فعل مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي.هم جنس پرست ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ جو لاڙو وڌيڪ هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن نوجوان ٽولن جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا،جيڪر اوهان جو ڪو دوست پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو تڏهن ان ڳالهه جا امڪان وڌي ٿا وڃن ته اوهان به پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ شروع ڪيو.جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا انهن ۾ ان ڳالهه جو امڪان گھڻو هوندو آهي ته انهن سان ننڍپڻ  ۾جسماني يا جنسي تشدد ٿيو هجي.تحقيق ذريعي جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا،حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ جي شرح ان کان گھڻي آهي ۽ سروي موجب چار هزار ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سبب اسپتالن ۾ آندا ويا هئا انهن مان اسي سيڪڙو ماڻهن دوائون زياده مقدار ۾ استعمال ڪيون هيون ۽ اٽڪل پندرهن سيڪڙو اهي هئا جن پنهنجو پاڻ کي چڪ پاتا هئا. هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ٿا پهچائين؟انهيء جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.جن ۾ جذباتي معاملا ۽ مونجھارا،جسماني يا جنسي تشدد،لاڳيتو اداس رهڻ يعني ڊپريشن،پنهنجو پاڻ کي برو سمجھڻ،پنهن جي  جيون ساٿي،ڪنهن دوست يا رشتيدار سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا هئڻ،يا اهو محسوس ڪرڻ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن،مايوسين جو وڌي وڃڻ،اڪيلائي محسوس ڪرڻ،اجايي غصي جي حالت ۾ بي قابو ٿي وڃڻ،بيوسي محسوس ڪرڻ ته سامهون آيل صورتحال کي بدلائڻ لاء آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان،منشيات ۽ الڪوحل جو ايترو استعمال جو اهي اثر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين،ڪنهن شخص کان بدلي وٺڻ جي ڪوشش باوجود بدلو نه وٺي سگھڻ وغيره.
اهو سمجھڻ گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارن مان گھڻا نفسياتي مريض نه هوندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ڊپريشن جا مريض ٿي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهن ۾ بيماريء جي حد تائين شخصي ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪن کي منشيات يا الڪوحل جي عادت ٿي سگھي ٿي.بهرحال انهن سڀني کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.انهن ماڻهن جي ان عمل کي سنجيدگيء سان وٺڻ گھرجي ۽ سندن هرممڪن مدد جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪنهن کان مدد نه گھرندا آهن توڙي جو کين معلوم هوندو آهي ته اهي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آهن پر اهي ان مسئلي جي باري ۾ ٻئي کي نٿا ٻڌائي سگھن. انهن مان اهڙا ماڻهو نهايت ئي خطري جي نشان تائين پهچي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ لئي  ڪو خطرناڪ يا سخت طريقو اختيار ڪندا هجن يا باقائدگيء سان پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي رهيا هجن،اهي به جيڪي سماجي طور تي اڪيلا هجن يا جن کي ڪو ذهني مرض به لڳل هجي.اهڙن ماڻهن جو ڪنهن سائڪاٽرسٽ کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙن مريضن جي علاج جا ڪيترائي طريقا موجود آهن پر شايد “پرابلم سالونگ ٿراپي“  يعني مسئلن کي سڌو سنئون حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وارو طريقو وڌيڪ اثرائتو شمار ڪيو وڃي ٿو.جيڪر توهان مان خدانخواسته ڪو اهڙي صورتحال جو شڪار آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت به ڪافي بهتري آڻي سگھي ٿو.پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ جا خيال ٿوري دير ۾ ئي هليا ويندا آهن جيڪر اوهان پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سواء ٿوري دير ان پريشانيء کي برداشت ڪندا ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پريشاني آسان ٿي ويندي.ان صورتحال ۾ اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو ٿا، ڪنهن دوست کي فون ڪري سگھو ٿا.جيڪر توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي اهڙي شخص سان گڏ آهيو جنهن سان گڏ رهڻ اوهان کي برو ٿو محسوس ٿئي ته ترت اها جڳهه ڇڏي ڏيو.ٻاهر نڪري ڪو گانو ڳايو،موسيقي ٻڌو يا اهڙو ڪم ڪريو جيڪو اوهان کي پسند هجي.پنهنجو ڌيان پريشانيء يا مسئلي تان هٽائي ڪنهن ٻئي طرف لڳايو،پنهنجو پاڻ کي پرسڪون بنايو ۽ ڪنهن وڻندڙ لمحي جو تصور ڪيو.پنهنجي جذبات جي اظهار جو ڪو ٻيو طريقو ڳولهيو جيئن برف جي ٽڪرن کي مٺ ۾ دٻائڻ وغيره،پنهنجوم پاڻ کي اذيت پهچائڻ سواء چارو نه هجي ته پنهنجو پاڻ کي نقصان نه ڏيندڙ درد پهچايو جيئن ڳاڙها مرچ يا ٿڌي برف کائڻ يا ٿڌي پاڻيء سان وهنجڻ.پنهنجي ذهن جو ڌيان مثبت شين تي رکو.ان وقت ڪو خط يا ڊائري وغيره به لکي سگھو ٿا ته ان وقت توهان سان ڇا ٿي رهيو آهي.
انهيء صورتحال جو شڪار ماڻهن جي عزيزن ۽ دوستن تي به اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ گھرن ته انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪن،انهن جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوء آهستي آهستي گفتگوء جو موضوع بدلائي وٺن.پر انهن کان رات وچ ۾ اهو عمل ڇڏڻ جي اميد نه رکڻ گھرجي جو رويا بدلجڻ ۾ وقت لڳي ٿو.انهن سان ڪاوڙ يا ناراضگيء واري انداز ۾ پيش نه اچڻ گھرجي ۽ نه ئي انهن جو معالج بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
(روزاني هلال پاڪستان)

     



Saturday, October 13, 2018

مرڪ جيڪا من موهي ٿي!





شفيق الرحمان شاڪر
شهر جي هڪ ڊنر پارٽيء ۾ هڪ مهمان عورت جنهن کي ورثي ۾ گھڻي دولت هٿ آئي هئي، ان ڳالهه جي خواهشمند هئي ته ٻين سان ملڻ وقت اها ٻين کي هر صورت ۾ متاثر ڪري سگھي.هن عمدي پوشاڪ سان گڏوگڏ نهايت ئي قيمتي زيور به پهري رکيا هئا پر سندس چهري تي اعليٰ قسم جي ميڪ اپ هئڻ باوجود به حقيقي تازگي نظر نٿي آئي.هن جو چهرو جذبن کان خالي هو بلڪه انهيء تي خود غرضيء جي جھلڪ صاف نظر اچي رهي هئي.هن کي اها ڄاڻ بلڪل ئي نه هئي ته ماڻهو سڀ کان اڳ ٻئي جو چهرو ئي ڏسندا آهن ۽ چهري تي مرڪ هئڻ ڪيتري قدر ضروري آهي؟ ان جو اندازو هن کي نه هو.ان جي ابتڙ سندس خيال هو ته هن جو سهڻو لباس ۽ قيمتي زيور خود بخود ماڻهن کي هن طرف ڇڪيندا ۽ اهڙيء طرح هوء محفل ۾ موجود سمورن مهمانن تي پنهنجي باري ۾ هڪ سٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
چارلس شواب جي چوڻ مطابق “ سندس مرڪ جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي.” هن بلڪل صحيح چيو آهي.شواب جي شخصيت،سندس جادوئي اثر واري گفتگو ،من کي موهيندڙ مرڪ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري انهن کي سندس ذات ۾ دلچسپي وٺڻ لاء مجبور ڪرڻ چارلس شواب جي ڪامياب شخصيت جون منفرد خوبيون هيون ۽ سندس غير معمولي ڪاميابيء جو راز به اهو ئي هو.سندس پراثر شخصيت ۾ سڀ کان وڏو عنصر سندس خوبصورت مرڪ هئي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي چهري تي اڀرندڙ تاثر لفظن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ انهن مان هڪڙو تاثر مرڪ يا مسڪراهٽ به آهي.پر اهڙي مرڪ جنهن ۾ سچائي نه هجي يا ڪنهن زبردستيء واري مرڪ سان ڪنهن کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.اهڙي ٺڳي جلد ئي پڪڙجي پوي ٿي.هتي رڳو ان مرڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ گرمجوشي هجي ۽ جنهن ۾ دل جا حقيقي جذبا شامل هجن.مشي گن يونيورسٽيء ۾ نفسيات جو هڪ پروفيسر جيمسن مرڪ جي باري ۾  لکي ٿو ته “ اهي ماڻهو جيڪي سدائين مسڪرائيندا رهندا آهن اهي جيڪر دفترن ۾ هجن ته سٺا نگران ۽ بهترين منتظم ثابت ٿين ٿا.جيڪر اهي استاد هجن ته شاگرد انهن کان خوش رهن ٿا.جيڪر سيلز مين هجن ته پنهنجون شيون نهايت ڪاميابيء سان وڪڻي سگھن ٿا.منهن تي گھنج جي بدران مرڪ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اهڙيء طرح پڙهائڻ وقت سزا جي بدران حوصلا افزائي وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ٿي.”
مرڪ جا اثر نهايت ئي طاقتور ٿين ٿا ايستائين جو توڙي اوهان اهڙي جڳهه تي مسڪرائي رهيا هجو جتي اوهان کي ڪو ئي ڏسڻ وارو به موجود نه هجي تڏهن به ان جا اثر گھڻو پائيدار ٿين ٿا.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر توهان مسڪرائڻ چاهيو ئي نٿا ته پوء ڇا ڪجي؟ٻه حل ٿي سگھن ٿا پهريون اهو ته زبردستيء کلڻ جي ڪوشش ڪجي. يا جيڪر اڪيلائي هجي ته سيٽي وڄائجي يا وري ڪو گانو ڳائجي ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته اوهين خوش آهيو.انهيء ڳالهه کي ماهر نفسيات وليم جيمس هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو “ اسان جي هر عمل پويان اسان جا جذبا لڪل هوندا آهن.اهي ٻئي زندگيء ۾ گڏ گڏ هلندا آهن.عمل انسان جي اختيار ۾ هوندا آهن پر جذبا سندس اختيار ۾ نه هوندا آهن سو اسان پنهنجي عمل کي جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو آهي قابوء ۾ آني پنهنجن جذبن تي به اختيار حاصل ڪري سگھون ٿا.جنهن ڪري خوش رهڻ جو رستو ئي اهو آهي ته اوهان اٿندي ويهندي خوش رهو۽ ڳالهه ٻولهه دوران به مسڪرائيندا رهو جنهن مان ٻين کي محسوس ٿيندو ته انهن سان ملندي يا ڳالهائيندي اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي.”
هن دنيا ۾ اسان مان هر ماڻهو خوشيء جي ڳولا ۾ آهي پر انهيء کي حاصل ڪرڻ جو  هڪڙو ئي يقيني  ۽ بهترين طريقو آهي ته اسان پنهنجن خيالن تي قابو آڻيون.خوشيء جو تعلق ٻاهرين حالتن سان نٿو ٿئي پر اهي اسان جي اندر مان جنم وٺنديون آهن.خوشي اها ناهي ته توهان ڇا آهيو ۽ ڇا ناهيو يا اوهان وٽ ڇا ڇا آهي؟ مثال طور ڪنهن ساڳي هنڌ ۽ ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ٻه شخص  جيڪي ساڳئي قسم جو ڪم ڪندا هجن ۽ ساڳي پگھار وصول ڪندا هجن ۽ ٻنهي کي زندگيء جو هڪجهڙيون آسائشون به حاصل هجن پر انهن ٻنهي مان هڪڙو ّخوش ۽ ٻيو مايوس زندگي گذاري سگھي ٿو.آخر ايئن ڇو؟ انهيء جو سبب رڳو انهن ٻنهي جو ذهني رويو آهي.لڱ ساڙيندڙ اس ۾ به ڪنهن ڪڙميء کي خوش ڏسي سگھجي ٿو ان جي ابتڙ ڪنهن وڏي عاليشان ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ رهندڙ ڪنهن شخص کي رنج ۽ اداس پسي سگھجي ٿو.وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته “ دنيا ۾ ڏک يا سک نالي ڪا شيء موجود ئي ناهي،اها اسان جي سوچ آهي جيڪا انهن شين کي جنم ڏئي ٿي.” ابراهم لنڪن هڪ ڀيري چيو هو “ ماڻهو صرف ايترو ئي خوش هوندو آهي جيترو سندس ذهن خوش هوندو آهي.”
جڏهن به ٻاهر نڪرجي ته پنهنجي کاڏيء کي ٿورو اندر طرف موڙجي،مٿي کي اوچو ۽ ڦڦڙن کي کليل رکجي،سج جي روشنيء ۾ کائجي ۽ پيئجي،فطرت جي هوائن ۾ ساهه کڻجي ۽ پنهنجي دوستن جو آڌر ڀاء هميشه گرمجوشيء ۽ هڪ پرخلوص مرڪ سان ڪجي.ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪجي ته اسان جي ان رويي جو ماڻهو ڪهڙو مطلب وٺندا ۽ پنهن جن دشمنن جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گھرجي.اها ڳالهه مضبوطيء سان دل ۾ ويهارڻي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گھرون ٿا سو نهايت ئي يقين سان آخر ڪار حاصل ڪري سگھون ٿا.پنهنجي ذهن ۽ سوچن کي عظيم،شاندار ۽ هاڪاري شين تي ئي مرڪوز رکڻو آهي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا اندر ۾ يقين جي قوت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ويندي ۽ اسان کي پنهنجي لاشعور ۾ اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته اسان ۾ اهي عظيم ۽ شاندار شيون حاصل ڪرڻ جو سموريون گھربل صلاحيتون بهترين نموني موجود آهن.پنهنجي ذهن ۾ ان عظيم انسان جو تصور ۽ خاڪو هروقت ويهاري رکو جيڪو اوهان بنجڻ گھرو ٿا.اوهان جون سوچون اوهان کي هر ڪلاڪ بعد وڌيڪ ان سانچي ۾ بدلائينديون وينديون رڳو پنهنجو ذهني رويو درست طرف ۾ رکڻو آهي.اهي سوچون ئي نئين تخليق هونديون آهن .  مرڪ جنهنجو ڪو ملهه ناهي پر تاثير جي لحاظ کان اها نهايت ئي قيمتي شيء آهي.توڙي جو اها چند سيڪنڊن لاء هوندي آهي پر ان جو اثر دير تائين قائم رهي ٿو.جنهن کي مرڪڻ نٿو اچي اهو پنهنجو پاڻ کي سڃو سمجھي.مرڪ جيڪا گھر ۾ خوشيون پکيڙي ٿي،ڪاروباري دنيا ۾  نوان رستا جوڙي ٿي ۽ سماجي زندگيء ۾ نيون دوستيون پيدا ڪري ٿي.پريشانين ۾ آٿت ڏئي ٿي، مايوسين ۾ اميدن جو سوجھرو بڻجي ٿي،ڏکويلن لاء دلاسو بڻجي ٿي. اها قدرت جو اهڙو انمول تحفو آهي جنهن کي ڪنهن دوڪان تان خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نه ئي اها ڪنهن کان اڌاري وٺي سگھجي ٿي. ڪو انهيء کي  چورائي  نٿوسگھي جو اوهان جي دلي جذبن جو مظهر هوندي آهي!
(روزاني جيجل 11 آڪٽوبر 2018ع)

Saturday, September 29, 2018

زندگيء ۾ مضبوط سهاري وارو نظريو!


شفيق الرحمان شاڪر
پرسڪون زندگي گذارڻ لاء انسان کي  سدائين ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي.اها ڳالهه هونئن ته سمجھڻ ۾ ايتري ڏکي ڪانهي پر ان جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء ان تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.ڪنهن شخص کي رهڻ لاء هڪ مضبوط گھر يا عمارت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي هر قسم جي موسمي تبديلين ۽ حالتن ۾ پناهه ڏيئي سگھي ۽ سندس حفاظت به ڪري.هڪ مضبوط عمارت جي شروعات ان جي مضبوط بنياد سان ٿئي ٿي.اهو ٿي نٿو سگھي ته ڪنهن عمارت جو بنياد ته ڪمزور هجي پر اها عمارت مضبوط هجي.بنياد کان پوء ان جي ديوارن طرف اچو ته ديوار جي هر سر به مضبوط هئڻ گھرجي نه ته اها ديوار ڇت جو بار سهي نه سگھندي. وري هر ديوار ٻي ديوار جو سهارو بڻجي ٿي.بلڪل اهڙي نموني هڪ مضبوط سهارو ٻئي حصي جي مضبوطيء جو ضامن بڻجي ٿو.ڪنهن وڻ کي ڏسو! جيستائين ٿڙ طاقتور نه هوندو اهو ڪو مضبوط ۽ پختو وڻ بڻجي نه سگھندو.مضبوط ٿڙ کي سهارو ڏيڻ لاء وري مضبوط پاڙن جي گھرج پوي ٿي.مضبوط ٿڙ مان ٽاريون ڦٽن ٿيون جن تي گل.پن ۽ ميوا ٿين ٿا.توڙي جو اهي پاڻ نهايت نازڪ ۽ ڪمزور ٿين ٿا پر هڪ مضبوط ٿڙ سان ڳنڍيل هئڻ ناتي بلندي ۽ اوچائيء مان لطف اندوز ٿين ٿا. جيڪر سندن اهو مضبوط سهارو يعني ٿڙ ڪپيو وڃي ته اهي بلنديء سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي به وڃائي مٽيء ۾ ملي وڃن ٿا يا وقت جون هوائون انهن کي پنهنجي مرضيء سان هيڏانهن هوڏانهن اڏائينديون رهن ٿيون.هاڻي انساني وجود کي ڪجهه دير لاء سوچ هيٺ آڻيون ٿا.ان وجود مان جيڪر هڏين جو ڍانچو ڪڍي ڇڏجي ته سندس طاقت مٽيء جي ڪنهن ڳنڍي سواء ڪجهه نٿي رهي.ماس جي طاقت جو دارومدار هڏن جي طاقت تي آهي.جيترو هڏ مضبوط هوندا ماس ۽ جسم به اوتروئي مضبوطي ۽ طاقت محسوس ڪندو.ماس کان هڏيء جو تعلق ٽوڙيو وڃي ته ماس جي طاقت ٻڙي بڻجي وڃي ٿي.اسان جا ڏند اسان کي کاڌو کائڻ،سخت شين کي چٻاڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا،جڏهن اهي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري موڪلائي وڃن ٿا ته اسان جو وات رڳو کچڻي کائڻ واري مشين بڻجي ڪري رهجيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو اتي هن کي به هروقت ڪنهن مضبوط سهاري جي هروقت ضرورت رهي ٿي.انهيء مضبوط سهاري جي تلاش ۽ نفسيات هيٺ انسان پنهنجي خاندان جي پئدائش ۽ اوسر،ذات ۽ قبيلي جي واڌاري،علاقائي ، نسلي،مذهبي ۽ سياسي  تعصب سان دلچسپي رکندو آيو آهي.انهيء ئي مضبوط سهاري جي سوچ هيٺ رياستن ،ملڪن ۽ اقوام متحده جو قيام عمل ۾ آيو.اهو ئي نظريو طاقت حاصل ڪرڻ،معاشي ۽ دفاعي بلاڪ جڙڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن جي جوڙ جڪ پويان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي سوچ انسان کي روحانيت طرف ڇڪي وڃي ٿي.مضبوط سهاري جي ڳولا ۽ جستجو ۾ انسان پوري زندگي ڊوڙندو رهي ٿو.ان جو بنيادي سبب اهو جو انسان پنهنجي فطرت ۽ بيهڪ ۾ گھڻو ڪمزور آهي.هن جي مجبوري آهي ته هن سان روز نت نوان حادثا پيش ايندا ٿا رهن يا پيش اچي سگھن ٿا.وري کيس بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس مري وڃڻ آهي.موت هروقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو جيڪو کيس اوچتو بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي قابو ڪري وٺي ٿو.انهن فطري ڪمزورين سبب هن کي هر وقت ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت رهي ٿي.ان کان سواء انسان جي سماجي زندگيء جون گھڻيون بنيادي شيون ڪنهن سهاري کان سواء سرانجام ڏيئي نٿيون سگھجن.هاڻوڪي اولهه جي دنيا کي ڪنهن حد تائين ڇڏي ڪري سدائين انساني سماجن ۾ خاندان جي واڌ ويجهه هڪ اهم ۽ لازم فيڪٽر رهيو آهي.هونئن ته ڪنهن حد تائين جانورن جي زندگيء ۾ به خاندان جو تصور پاتو وڃي ٿو ۽ اهو به جھنگلي زندگيء ۾ پيش ايندڙ خطرن سبب وجود ۾ ايندي محسوس ٿئي ٿو.جيڪي جانور شڪار ڪندا آهن اهي اڪثر ننڍن ٽولن ۾ جڏهن ته شڪار ٿيندڙ جانور وڏن ٽولن ۾ هوندا آهن.سماجي طور تي انسان کي سدائين خاندان جي ضرورت رهي آهي.خاندان جي رشتن کي مذهب ۾ به هڪ مقدس حيثيت حاصل رهندي ٿي اچي.هونئن به انسان کي فطري طور تي پنهنجي ماء پيء سان محبت ٿئي ٿي ساڳيء طرح ماء پيء کي وري اولاد سان انيڪ پيار هوندو آهي.ننڍپڻ ۾ ماء پيء ٻارن لاء مضبوط سهاري وارو ڪم ڪن ٿا جو ان وقت ٻارن کي زندگيء جي وک وک تي سهاري جي ضرورت رهي ٿي پر جڏهن اهي جوانيء ۾ قدم رکن ٿا ته سهاري جي اها ضرورت به گھٽبي ويندي آهي.پر جڏهن هو پوڙها ٿين ٿا کين واپس سهاري جي ضرورت پوي ٿي.
قبيلي،ذات ۽ برادريء جو تصور به انسان جي مضبوط سهاري جي ڳولا جو آئينادار آهي.ڪٽنب يا خاندان هڪ محدود سهارو آهي پر سماجي زندگيء ۾ انسان کي وڏن وڏن ٽولن سان مقابلي جي نوبت اچي ٿي جتي ڪٽنب کان وڌي ڪري برادري يا قبيلي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي.انسانن جون ذاتيون ۽ قبيلا اوڀر جي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيا آهن.قبيلي ۽ برادريء کان پوء علاقائي،لساني يا نسلي تعصب کي به هڪ مضبوط سهاري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيئن ڪراچيء ۾ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن وٽ پنهنجي ڪا زمين نه هئي ان ڪري انهن جي اڪثريت سدائين ان خوف جو شڪار رهي ۽ انهيء خوف کي ڪن خاص سياسي مقصدن لاء اڀاريو به ويو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديء کان ڪنهن به وقت زمين کسجي سگھي ٿي تنهن ڪري ان خوف خلاف هڪ مضبوط سهاري طور زبان ۽ نسل واري سوچ اختيار ڪئي ۽ پنهنجي بقا ۽ سلامتيء لاء مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو. مذهبي تعصب به انسانن لاء هڪ وڏو مضبوط سهارو رهندو ٿو اچي. انسان جو مذهب سان لڳاء ٻين سمورين مادي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.مذهب جو اهو سهارو هر مذهب کي مڃيندڙن کي ميسر رهي ٿو۽ اهو سڀ کان وڌيڪ سهارو هوندو آهي.زميني ۽ آسماني قدرتي مصيبتن ۽ آفتن مهل اڪثر انسان مذهب طرف ئي رجوع ڪندو آهي .ڪنهن عيسائي شخص کي اها ڳالهه سهارو ٿي ڏئي ته هن جا هم مذهب دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي موجود آهن؟ ساڳيو ئي معاملو ٻين مذهب ني مڃيندڙن جو به آهي.انهيء کان پوء سياسي تعصب ۾ به ماڻهو پنهنجي لاء مضبوط سهارو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿاجڏهن دنيا ۾ جمهوري نظام نه هئا ته ماڻهو مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل نه هئا پر هاڻي اٽڪل هر ملڪ ۾ ماڻهو جمهوريت جي بنياد تي سياسي طور تي به مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن ۽ اهي انهن سياسي گروهن يا پارٽين ۾ پنهنجي لاء ڪو مضبوط سهارو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهي پنهنجن سياسي ليڊرن جي چوڻ تي وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاء به تيار ٿي وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ يا رياست جو وجود به ڪنهن انسان لاء ذهني ۽ دلي سهارو هوندو آهي.ڪنهن شخص لاء اهو سهارو ته هن جو به دنيا ۾ ڪو پنهنجو ملڪ آهي.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪندا آهن.ڌارين جي ڌرتيء تي رهندي انهن لاء پنهن جي ملڪ جي محبت ۽ ياد وڏو سهارو بڻبي آهي. طاقت جو حصول به سهارو طلب ڪرڻ واري نفسيات هيٺ اچي ٿو.انسان طاقت ان ڪري حاصل ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن هو ٻين کان محفوظ ۽ سلامت رهي سگھي يا ٻين کي پنهنجو تابع رکي سگھي  .اڄ ڪلهه ماڻهن سان گڏ هر ملڪ به اڻ محدود طاقت حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.ان جو ئي نتيجو آهي جو پوري دنيا جنگي هٿيار وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اقوام متحده ۽ ٻين اهڙين بين الاقوامي تنظيمن جي قيام جي پويان به اها ئي مضبوط سهاري واري سوچ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ته جيئن دنيا جي انساني آباديء کي ڪنهن وڏي جنگ جدال کان روڪي سگھجي.اقوام متحده جي تنظيم جي ڪارڪردگي توڙي جو ڪا مثالي نه رهي آهي پر ان جي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين باوجود حقيقت اها آهي ته دنيا جي رهيل کهيل امن کي بچائڻ لاء في الحال اها ئي قومن لاء آخري سهارو بڻيل آهي.
معاشي ۽ دفاعي بلاڪن جو وجود به انهيء ئي مضبوط سهاري واري سوچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيئن مسلمان ملڪن او آئي سي جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي رکي آهي،اهڙيء طرح يورپي ملڪن يورپي يونين جي نالي سان تنظيم سازي ڪئي آهي،سارڪ، نيٽو،ٽاپي ۽ سي پيڪ وغيره به انهيء ئي نفسيات تحت عمل ۾ آيا آهن ته جيئن ماڻهن کي سهارو ملي سگھي ته انهن جو آئيندو محفوظ آهي.بين الاقوقوامي اتحاد ۽ اتفاق جي گھرج سدائين رهندي آهي ۽ عالمي امن به انسانيت جو وڏو سهارو آهي.انهيء مقصد جي لاء ئي عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا،عالمي رانديون منعقد ڪرايون وڃن ٿيون ۽ مذاڪرا،سيمينار ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي ويجھو  اچن ۽ عالمي  ڀائيچاري ۽امن جو ماحول پيدا ٿي سگھي.آخر ۾ روحانيت ۾ مضبوط سهارو ڳولهڻ واري معاملي طرف اچون ته پوء انسان کي پنهن جي ٻاهر جي دنيا کان واپس اندر جي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو.جيئن ته انسان جو گھڻو وقت اڪيلائيء ۾ گذري ٿو جتي هنن کي پنهنجي زندگيء جي سوين مسئلن ۽ معاملن کي روزانو اڪيلي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان ڪري هن کي هر وقت ڪنهن اهڙي مضبوط سهاري جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪو اڪيلائيء ۾ به هن جو ساٿ ڏئي.اها هڪ اهڙي لڪيل طاقت آهي جيڪا مادي شين مان حاصل ٿي نٿي سگھي.اها روح جي طاقت آهي جنهن کي روحانيت چيو وڃي ٿو.ان روحاني سهاري جي ضرورت اولهه جي ڀيٽ ۾ اوڀر جي ماڻهن کي وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.ان جي ضرورت محسوس ته اولهه جي قومن کي به ٿيندي هوندي پر روحانيت نالي شيء تي انهن جي اڪثريت يقين نٿي رکي.اهو ئي سبب آهي جو سمورين مادي سهوليتن ۽ آسائشن جي حصول باوجود انهن قومن ۾ بي سڪوني وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي جنهن کي ڪڏهن اهي سيڪس جي ڇڙواڳي ته ڪڏهن نشي آور شين جي ذريعي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.پر جيڪو سڪون روحانيت ۾ سمايل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به ٻي مادي شيء ۾ شامل ناهي.روحاني سهارن سوا انسان رڳو جسماني سهارن جي زور تي بيهي نٿو سگھي.






Thursday, September 20, 2018

اهي جيڪي دوست پيدا ڪري سگھن ٿا!


شفيق الرحمان شاڪر
اسان کي دنيا جي انهن عظيم ماڻهن جا طور طريقا ڇونه پڙهڻ گھرجن جن جا اڻ ڳڻيا دوست هئا.پر ان کان اڳ اچو ته اسان هڪڙي جانور جي باري ۾ غور ڪريون جيڪو اسان جي گھرن توڙي روڊن رستن تي اسان کي عام نظر اچي ٿو.جيڪر توهان سندس ويجھو وڃي چچڪاريو ته ته اهو پيار مان پڇ لوڏڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.ايستائين جو وڌيڪ چچڪار جي نتيجي ۾ اهو اوهان جي هنج ۾ اچڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو.سندس اهو انداز ٻڌائي ٿو ته “ اوهان جو چچڪارڻ مون کي گھڻو وڻي ٿو.” اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته صرف ڪتو ئي اهڙو جانور آهي جنهن کي زندگي گھارڻ لئي ڪوبه ڪم ڪرڻو نٿو پوي.ڪڪڙ بيضا ڏئي ٿي، ڪوئل مٺي لات لنوي ٿي،ڍڳي کير ڏئي ٿي،رڍون ۽ ٻڪريون اسان کي گوشت مهيا ڪن ٿيون پر ڪتو صرف پنهنجي محبت ورهائي پنهنجي پوري زندگي گذاري ٿو.توڙي جو ڪتن نفسيات جا ڪي ڪتاب ناهن پڙهيا پر اهي فطري طور تي اهو فن ڄاڻن ٿا ته ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي وٺندي انهن کي پنهنجو چاهيندڙ بنائي سگھجي ٿو ۽ پوء اهي ئي ماڻهو ساڻن پيار ڪرڻ لڳن ٿا.انهيء جي باوجود اسان ۽ توهان ڪيترن ئي ماڻهن کان واقف هوندا جيڪي ٻين ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء کليل غلطيون ڪن ٿا ۽ انهيء سان کين ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي.انهيء ڪري جو اهي ان بنيادي اصول کي نظرانداز ڪري ويهن ٿا ته ٻين ماڻهن کي اسان يا توهان سان ڪا دلچسپي ناهي،انهن کي ته رڳو پنهنجو پاڻ سان دلچسپي هوندي آهي. نيويارڪ جي هڪ ٽيليفون ڪمپني انهيء ڳالهه کي سمجھڻ لاء هڪ سروي ڪرائي ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران اسان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙو لفظ استعمال ڪندا آهيون؟ اوهان پڪ سان سمجھي ويا هوندا ته اهو لفظ “آئون يا مان ” آهي.جڏهن اوهان ڪو اهڙو گروپ فوٽو ڏسندا هجو جنهن ۾ اوهان جي تصوير به شامل هجي ته اوهين سڀ کان پهرين ان فوٽو ۾ ڪنهن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو؟ ظاهر آهي ته پنهن جي ئي تصوير کي. جيڪر اسان جي هروقت اها ڪوشش رهي ٿي ته ٻيا ماڻهو اسان جي ذات يا شخصيت ۾ دلچسپي وٺن ۽ انهيء سلسلي ۾ انهن کي متاثر ڪرڻ لاء اسان مصنوعي طريقا به اختيار ڪندا هجون ته ان نموني ڪڏهن به مخلص دوست پيدا ڪري نٿا سگھجن.
وينس جي مشهور نفسيات دان “ الفريڊ ايڊلهر” پنهنجي مشهور ڪتاب “اوهان لاء زندگيء جو مقصد ڇا هئڻ گھرجي؟” ۾ لکي ٿو ته ” اهي اسان ئي آهيون جيڪي پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي نٿا وٺون. جنهن ڪري اسان کي پنهنجي زندگيء ۾ گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ اسان ٻين کي به اجايو تڪليف ۾ وجھون ٿا.اهڙيء طرح اسان جي پنهنجن ئي حرڪتن سبب  سمورين انساني ناڪامين جي شروعات ٿئي ٿي.” 
“ٿيوڊور روزويلٽ” جي حيران ڪندڙ مقبوليت جو هڪڙو راز اهو هو جو ٻين جي ذات ۽ ڪمن ۾ دلچسپي ظاهر ڪندو هو.هن جا سمورا ملازم به هن سان بي حد محبت ڪندا هئا.هن جي هڪڙي ملازم “جيمز اي اموس” پنهنجي ڪتاب “ روزويلٽ پنهنجي نوڪرن جو هيرو” ۾ هڪ زبردست واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو “ هڪ دفعي منهنجي زال صدر روز ويلٽ کان پڇيو ته خچر ڪهڙو ٿيندو آهي جو هن زندگيء ۾ ڪڏهن به خچر نه ڏٺو هو.صدر روز ويلٽ پوري تفصيل سان منهنجي زال کي خچر جي باري ۾ ٻڌايو.ڪجهه ڏينهن کان پوء اسان جي گھر جي ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.منهنجي زال جڏهن فون کنيو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي جو سامهون صدر روز ويلٽ پاڻ فون تي ڳالهائي رهيو هو.هو ٻڌائي رهيو هو ته جيڪر منهنجي زال خچر ڏسڻ گھري ٿي ته دري کولي اهو ڏسي وٺي جو اتي ان وقت هڪڙو خچر بيٺل هو.” اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون صدر روز ويلٽ جي ڪردار جو اڻ ٽٽ حصو هيون.روز ويلٽ صدارت ڇڏڻ کان گھڻو عرصو پوء هڪ ڏينهن وائيٽ هائوس گھمڻ آيو ته هن اتان جي سمورن ملازمن کي سندن نالا وٺي سڏ ڪيو،سندن حال احوال پڇيا ۽ سندن ساراهه به ڪئي.ملازمن جي چوڻ مطابق انهن کي صدر روز ويلٽ جي اهڙي رويي تي جيڪا خوشي ۽ مسرت ٿي تن کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگھجي.
اسان مان سڀ جا سڀ توڙي اهي ڪنهن فيڪٽريء ۾ ڪلارڪ هجن يا ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ملازم يا وري ڪنهن تخت جا بادشاهه ڇونه هجن،سڀ اهڙن ماڻهن کي ئي پسند ڪندا آهن جيڪي سندن ساراهه ڪندا هجن.ان ڪري جن به ماڻهن کي پنهنجا دوست وڌائڻ جو شوق آهي انهن لاء پهريون سونهري اصول اهو آهي ته اهي ماڻهن ۾ دلچسپي وٺي انهن جي سٺين خوبين ۽ ڪمن جي دل کولي تعريف ڪن.جڏهن اوهان کي ڪو فون ڪري ۽ سلام دعا ڪري ته جواب ۾ هن کي اهڙي انداز سان هيلو چئو جو هن کي محسوس ٿئي ته سندس فون ڪرڻ تي اوهان کي بي حد خوشي ٿي آهي. ڪيتريون ئي ٽيليفون ڪمپنيون پنهنجن آپريٽرن کي اها خاص تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪن ٿيون ته اهي فون ٻڌڻ وقت ماڻهن سان ڪهڙيء طرح مخاطب ٿين،کين ماڻهن سان نهايت خوش اخلاقي ۽ نرميء سان گفتگو ڪرڻ گھرجي ته جيئن فون ڪندڙ کي اهو احساس ٿئي ته کيس پوري پوري اهميت ۽ عزت ڏني پيئي وڃي،
ٻين ۾ دلچسپي ظاهر ڪري اسان سولائيء سان انهن کي پنهنجو دوست ٺاهي سگھون ٿا بلڪه انهن جي وفاداري به حاصل ڪري سگھون ٿا.پر ان لاء هڪ ڳالهه جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي ته جڏهن اوهان ٻئي شخص ۾ دلچسپي ظاهر ڪيو ته اها رڳو خلوص ۽ سچائيء تي ٻڌل هئڻ گھرجي ۽ اها دلچسپي نه رڳو اوهان لاء پر ٻين لاء به فائديمند هئڻ گھرجي.

Sunday, September 9, 2018

ٻين جي نڪته نظر کان سوچڻ آسانيون پيدا ڪري ٿو.


شفيق الرحمان شاڪر
ڪيترائي ماڻهو گرمين جي موسم ۾ اڪثر مڇيء جي شڪار لاء ويندا آهن.ذاتي طور تي انهن کي کاڌي ۾ ڀلي ڪهڙيون شيون به پسند هجن پر مڇيون ڦاسائڻ وقت اهي فقط اهو ڌيان رکندا آهن ته مڇين کي ڪهڙي شيء پسند آهي ۽ اها شيء ئي ڪنڍين ۾ لڳائيندا آهن.اسان ڇا ٿا سوچيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون انهيء تي سوچڻ هڪ ٻاراڻي حرڪت آهي.اهو صحيح آهي ته اسان جي ان ڳالهه سان گھڻي دلچسپي هوندي آهي ته اسان ڇا ٿا پسند ڪيون پر ٻين کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هوندي آهي ته اسين ڇا ٿا چاهيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون.ٻين لاء به اسان وانگر ئي سموري دلچسپي انهن شين سان هوندي آهي جيڪي انهن کي پسند آهن.ان ڪري دنيا ۾ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته اسان ٻين جي انهن شين ۾ دلچسپي وٺون جيڪي انهن کي پسند آهن يا اهو ڌيان رکون ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ياد رکڻ گھرجي ته اسان جڏهن ٻين کي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاء آماده ڪرڻ گھرندا هجون،مثال؛ اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار سگريٽ نه ڇڪين ته انهن کي سگريٽ نوشيء کان منع ڪرڻ ۽ انهن کي اهو چوڻ ته سندن سگريٽ ڇڪڻ اوهان کي بلڪل پسند ڪونهي،ان طريقي سان کين سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگھجي.ٿي سگھي ٿو ته اهي اوهان جي سامهون سگريٽ نه ڇڪين پر اوهان جي غيرموجودگيء ۾ اهي اهو ڪم ضرور ڪندا.انهيء جي بدران انهن کي جيڪر سندن ڪنهن دلچسپيء مطابق ايئن ٻڌايو وڃي ته جيڪر اهي سگريٽ پيئندا ته راند روند جي ميدان ۾ جلد ٿڪي پوندا ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ وقت پوئتي رهجي ويندا ۽ انهيء سان گڏ سندن صحت به جلد ئي خراب ٿي ويندي،ان ڪري کين جيڪر مقابلي ۾ هر حالت ۾ کٽڻو آهي ته پوء سگريٽ نه پيئڻ گھرجي.اسان مان ڪنهن کي اهو تجربو ته ضرور ٿيو هوندو ته ڳئون جي گابي کي جيڪر رسيء مان جھلي اڳتي ڇڪبو آهي ته اهو ردعمل جي طور تي پورو زور پنهنجو پاڻ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ لڳائيندو آهي ۽ سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪرڻ لڳندو آهي.انهيء جو سبب اهو جو اسان اهو نٿا سوچيون ته گابو ڇاٿو چاهي؟اهو پنهنجي مقرر جڳهه ڇڏڻ نٿو چاهي.هاڻي انهيء گابي کي آماده ڪرڻ لاء سندس پسند يا دلچسپيء جو ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو.ڪو سياڻو ماڻهو گابي جي وات ۾ پنهنجي آڱر ڏئي ٿو جنهن کي ڌائيندي ساڳيو گابو سندس پٺيان بنان ڪنهن زور زبردستيء جي ڊوڙڻ لڳي ٿو.اسان جڏهن کان ڄاوا آهيون تنهن ڏينهن کان اڄ تائين اسان جو هر عمل رڳو ان خواهش جو تابع رهندو ٿو اچي ته اسان کي ڇا پسند آهي ۽ اسان ڇا ٿا چاهيون؟
“هيري” پنهنجي يادگار ڪتاب “ انساني ورتاء ۽ روين تي اثر انداز ٿيڻ” ۾ لکي ٿو ته “ اسان جو هر عمل اسان جي بنيادي خواهش مان ڦٽي ٿو ۽ ماڻهن جو تعلق ڀلي زندگيء جي ڪهڙي به شعبي سان ڇونه هجي انهن کي اها صلاح ڏيئي سگھجي ٿي ته ڪنهن ڪم جي لاء ٻئي شخص ۾ پهريائن سرگرم خواهش پيدا ڪجي.جيڪو ايئن ڪري سگھي ٿو سو سموري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به اڪيلو نٿو رهجي وڃي.”
جيڪڏهن اسان ٻين تي اثرانداز ٿيڻ گھرون ٿا ته اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته ٻيا ڇا ٿا چاهين؟ اهو نه ته اسان ڇا ٿا چاهيون؟انساني لاڳاپن کي بهترين بنيادن تي استوار ڪرڻ جا ٻه بهترين طريقا هر وقت ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي.هنري فورڊ جي چوڻ مطابق؛ “ جيڪر ڪاميابيء جو صرف هڪڙو ئي راز آهي ته اهو راز هي آهي ته سدائين ٻئي شخص جي نڪته نظر سان سوچجي ۽ انهيء سان گڏ پنهنجو نڪته نظر به ذهن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ۽ پوء ڏسجي ته انهن ٻنهي نڪته نظر ۾ ڪٿي ڪٿي سمجھوتو يا ٺاهه ٿي سگھي ٿو.” اها تمام سادي ڳالهه آهي ۽ انهيء تي هرڪو آسانيء سان عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو پر اسان مان نوي سيڪڙو ماڻهو نوي سيڪڙو زندگيء جي روزمرهه معاملن ۾ ان بنيادي اصول کي نظر انداز ڪري ويهن ٿا.هن دور ۾ هزارين سيلز مين مختلف هنڌن تي پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي پنهنجي ڪاميابين جو رستو تلاش ڪندي نظر اچن ٿا.پر انهن مان اڪثر ناڪامين ۽ نااميدين جو شڪار بڻجي همت هاري ويهن ٿا ۽ سندن سيل ۾ کين ڪا خاص ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي.انهيء جو سبب ڪهڙو آهي؟ اهو ان ڪري جو اهي  خريدارن جي دلچسپي ۽ فائدي بدران رڳو پنهنجي خواهش مطابق سوچين ٿا.اهي ان فن کان بلڪل اڻ واقف هوندا آهن ته خريدارن ۾ ڪنهن شيء جي خريد ڪرڻ جي خواهش ۽ آمادگي ڪهڙي طريقي سان پيدا ڪري سگھجي ٿي.توهان جي ڪمپني دنيا جي ڪا مشهور ترين ڪمپني ضرور هجي يا توهان جيڪو سامان کپائڻ گھرو ٿا اهو مارڪيٽ ۾ موجود هر سامان کان مٿانهون ڇو نه هجي پر خريدار جي توهان جي ڪمپني يا سامان سان ڪهڙي دلچسپي؟ هن کي ته سندس پنهنجي پسند ۽ چاهت سان دلچسپي آهي.جيڪر  ڪو سيلز مين پنهنجي سامان جي فائدن بدران خريدار کي خريداري ء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ سندس فائدن تي ڳالهه ڪري ته هن کي اهو سامان وڪڻڻ ۾ گھڻي آساني پيدا ٿي پوي ٿي.
دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي پر انهن ۾ رڳو چند ماڻهو ئي هوندا آهن جيڪي وڏي سڇائيء سان پنهنجي فائدي سان گڏوگڏ ٻين جو فائدو به سوچيندا آهن.آمريڪا جي هڪ نامور وڪيل ۽ ڪامياب بزنيس مين “اوون ڊي ينگ” جو چوڻ آهي ته “ اهڙن ماڻهن کي تمام گھٽ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي هر معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جڳهه تي رکي انهن جي نڪته نظر کان سوچيندا آهن ۽ جيڪي ماڻهن جي ذهنن کي سمجھي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.”
ٻين جي نڪته نطر کي سمجھي انهن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ جو هروڀرو اهو مقصد نه هئڻ گھرجي ته انهن مان ڪنهن به طرح رڳو پنهنجو فائدو ئي حاصل ڪيو وڃي پر پنهن جي فائدي سان گڏ ٻين جي فائدي کي به اوليت ڏني وڃي.“وليم ونٽر” هڪ دفعي چيو هو ته “پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ انساني فطرت جي نهايت ئي بنيادي ضرورت آهي.“ اسان انهيء نفسياتي اصول کي پنهنجي روزمرهه جي زندگيء ۾ استعمال ڇو نٿا ڪيون؟جڏهن اسان جي ذهن ۾ ڪو شاندار خيال هوندو آهي ته اسان اهو هروڀرو زبردستيء ٻين ٿي ٿاڦڻ بدران ٻين کي اهو سڏ ڇو نٿا ڏيون ته انهن جي ذهن ۾ جيڪي شاندار خيال آهن اهي کڻي اچن ته جيئن انهن تي به سوچ ويچار ڪري سگھجي.ان طرح سان انهن کي نه رڳو سندن اهميت جو احساس ٿيندو،سندن حوصلا افزائي ۽ عزت افزائي ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي به ڪجهه نوان قيمتي خيال مفت ۾ ملي ويندا.ان ڪري ياد رکڻ جي ڳالهه اها ته ٻين تي پنهنجا فيصلا ٿاڦڻ بدران پهريائين منجھن تجسس ۽ شوق پيدا ڪجي. جيڪو ايئن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو اهو پوري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ جنهن ۾ اها صلاحيت موجود ناهي اهو سدائين دنيا ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو!

Saturday, August 25, 2018

ٻين کان ڪهڙيء طرح ڪم وٺي سگھجي ٿو؟


شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ هڪڙو ئي طريقو سو اهو ته ٻين کي ڪم ڪرڻ لاء ذهني طور تي آماده ۽ راضي ڪيو وڃي بجاء ان جي جو انهن کي ڪنهن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته ڪنهن جي ڪنوٽيء تي پستول رکي وٽانئس سندس موبائيل فون يا گھڙي ته کسي سگھجي ٿي،پنهنجن ماتحتن ۽ ملازمن کي نوڪريء مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏيئي وقتي طور تي سندن تعاون حاصل ڪري سگھجي ٿو،ڪنهن ٻار کي جٺ ڦٺ ڪري ۽ دڙڪا ڏيئي پنهنجي مرضيء جو ڪم وٺي سگھجي ٿو پر ان قسم جا اڻ وڻندڙ طريقا نهايت ئي ناڪاري نتيجا ڏين ٿا جن جا منفي اثر گھڻي عرصي تائين جاري رهن ٿا.ان ڪري ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو موثر ۽ بهترين طريقو اهو آهي ته ان ماڻهوء ۾ ڪم ڪرڻ لاء ذهني آمادگي پيدا ڪجي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنهن ماڻهوء ۾ ڪم جي لاء ذهني آمادگي ڪيئن پيدا ڪئي وڃي؟ مشهور ماهر نفسيات              “ سگمڊ فرائيڊ” جي ڇوڻ مطابق “ اسان کي ڪم ڪرڻ لاء گھڻو ڪري ٻه ڳالهيون متحرڪ ڪنديون آهن؛هڪ ته جنسي جذبو ۽ ٻي عظيم بنجڻ جي خواهش.” ڊاڪٽر ڊيويء جي چوڻ مطابق؛           ڪنهن انسان اندر سڀ کان وڏي خواهش پنهنجو پاڻ کي نمايان ۽ مشهور ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي.” وليم جيمز جي خيال مطابق؛ “ انساني فطرت ۾ ان ڳالهه جي وڏي اهميت هوندي آهي ته ان جي اصولن ۽ ڪمن جي ماڻهو دل کولي ساراهه ڪن.”
انسان ۽ جانور جي وچ ۾ اهم ۽ مشهور بنجڻ جي خواهش  ۽ احساس جو ئي بنيادي فرق آهي.انهيء احساس جي موجودگيء جي نتيجي ۾ ئي انساني تهذيب ارتقا جون مختلف منزلون طيء ڪري ترقيء جي آسمان تي پهتي آهي.اهم بنجڻ جي خواهش ئي هڪ معمولي غريب ڪلارڪ کي جيڪو هڪڙي دوڪان تي نوڪري ڪندو هو تنهن کي قانون جا ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳتي هلي آمريڪا جو صدر بڻيو جنهن کي تاريخ ابراهم لنڪن جي نالي سان ياد ڪري ٿي.پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي خواهش ئي هئي جنهن ڊڪنز کي سندس لازوال ناول لکڻ تي همتايو.انهيء ئي خواهش سر ڪرسٽوفر کي پٿر مان هڪ سازينو ايجاد ڪرڻ تي اڀاريو.انهيء ئي خواهش جي پورائي لاء راڪ فيلر ڪروڙين روپيا ڪٺا ڪيا پر پوري زندگي انهن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو.اها ئي خواهش امير ماڻهن کي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ وڏا گھر خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش اسان کي نت نوان لباس پهرڻ،قيمتي جوتا پهرڻ،وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمڻ ۽ سماجي محفلن ۾ شريڪ ثيڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏوهاري سرگرمين طرف ڇڪي وڃي ٿي ته جيئن وڏن نامي گرامي ڏوهارين جيان سندن تصويرون به اخبارن جي مکي صفحن تي ڇپجن ۽ سندن ذڪر ٽي وي توڙي ماڻهن جي محفلن ۾ ٿي سگھي.انهيء خواهش جي تڪميل ۾ ئي ئي ماڻهو وڏا وڏا خيراتي ادارا قائم ڪري پنهنجن نالن سان منسوب ڪندا آهن.تاريخ ۾ اهڙا بيشمار مثال موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو پنهنجي مشهوري ۽ شهرت لاء ۽ پنهنجي اهميت جتائن لاء ڇا ڇا جتن ڪندا رهيا آهن.مثال جارج واشنگٽن جي اها خواهش هوندي هئي ته کيس “ هز مائيٽي” چئي سڏيو وڃي جڏهن ته ڪولمبس پنهنجي لاء “امير البحر ۽ وائسراء آف انڊيا” جا لقب پسند ڪندو هو.
ان ڳالهه تي حيرت نه هئڻ گھرجي جو ڪجهه ماڻهو پنهنجي اهميت جتائڻ ۽ ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء ذهني مريض بڻجي وڃن ٿا.جيڪر چرين جي اسپتالن جو دورو ڪري اتي موجود ذهني مريضن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪجي ته اتي موجود مريضن جي اڪثريت پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ملڪ جو صدر،وزيراعظم،ڪو مشهور فلمي اداڪار يا ڪو مشهور ڌاڙيل وغيره سڏائيندي نظر ايندي.هن وقت آمريڪا ۾ ٻين سمورن مريضن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي رڳو ذهني مريض آهن.هڪ ترقي يافتا ملڪ ۾ ايڏي وڏي پيماني تي پکڙجندڙ ذهني مرضن جا سبب ڪهڙا آهن؟انهيء سوال جو ڪو مطئمن ڪندڙ جواب توڙي اڃا نه اچي سگھيو آهي پر حقيقت اها آهي ته ڪيتريون ئي ذهني حالتون جهڙوڪ نروس بريڪ ڊائون ۽ دماغي سيلن جو ڪمزور ٿيڻ وغيره اهڙين ذهني بيمارين جو سبب ضرور بڻجن ٿيون.اهي ماڻهو انهن ذهني حالتن جو شڪار آخر ڇو ٿا ٿين؟ ڊاڪٽر ان باري ۾ ڪا حتمي راء ته قائم نه ڪري سگھيا آهن پر اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته انهن مان گھڻا رڳو ان ڪري ذهني مريض بڻجن ٿا ته جيئن اهي پنهنجي اهميت جو احساس ڏياري سگھن جيڪا اهميت انهن کي حقيقتن جي دنيا ۾ نه ملي سگھي.ان سموري بحث جو تت اهو ته هر انسان  ۾فطري طور تي پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ ۽ پنهنجي اهميت جتائڻ جي خواهش وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي ۽ جيڪر انهن جي محنت کي نمايان ڪرڻ ۽ کين اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ته هنن کان آسانيء سان پنهنجي مرضيء موجب ڪم وٺي سگھجي ٿو.جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوء جي ڪم ۽ سوچن جي جائز تعريف ڪندا آهيون ته هن جي اندر موجود ان خواهش کي تسڪين ملندي آهي ۽ هو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته کيس اهميت ڏني پيئي وڃي،انهيء سان منجهن ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ آمادگي وڌي وڃي ٿي.پر اسان مان گھڻا ماڻهن جي مناسب حوصلا افزائي ۽ تعريف ڪرڻ بدران هر وقت انهن تي اجائي تنقيد ۽ نڪته چيني ڪندا رهندا آهن.ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ سان منجھس ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري نٿو سگھجي بلڪه اهڙي رويي سان ڪم ڪندڙ جي ڪارڪردگيء تي الٽو ناڪاري اثر پوي ٿو.پر اسان سڀ ڇا ڪندا آهيون؟ اسان کي جيڪر پنهنجي ماتحت،ملازم يا ٻارن جو ڪو ڪم پسند نه ايندو آهي ته انهن جي سهڻي نموني رهنمائي ڪرڻ بدران کين سخت ڇنڊ پٽي ويهندا آهيون.ڪنهن پوڙهي جي چوڻ موجب جڏهن مون سوين سٺا ڪم ڪيا ته ڪنهن هڪڙي شخص به مون کي ان تي شاباس نه ڏني پر جڏهن مون هڪڙو غلط ڪم ڪيو ته سوين ماڻهن نڪته چينيء سان منهنجو حشر نشر ڪري ڇڏيو.
ايڊورڊ ڪارنيگيء جي عادت هئي جو هو نه رڳو ماڻهن جي منهن تي پر انهن جي پرپٺ به سندن تعريف ڪندو هو ۽ شايد اهو ئي سندس ڪاميابيء جو اصل راز هو.اسان پنهنجن ٻارن ۽ ڪٽنب وارن جي جسماني نشو نما ۽ واڌ ويجھه جو ته گھڻو خيال رکندا آهيون پر ڇا اسان ڪڏهن سندن جائز تعريف ڪري سندن ذهني نشو نما جوبه بندوبست  ڪيون ٿا؟ ٻارن جي جيڪر ننڍي هوندي کان ئي جائز تعريف ۽ حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته وڏي هوندي نه رڳو انهن ۾ عظيم خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي  پر سندن دلين ۾ اسان لاء عزت ۽ احترام جو جذبو به هميشه قائم رهي ٿو.جن گھرن،اسڪولن ۽ ٻين ادارن ۾ ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪيو ۽ ڇينڀيو  وڃي ٿو  اهڙا ٻار احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڏي هوندي قانون شڪني ۽ بعاوت جو رستو اختيار ڪن ٿا.پر اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته تعريف ۽ چاپلوسيء ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.چاپلوسي هڪ بناوتي ۽ منافقت ڀريو رويو آهي جيڪو ڪنهن ڪوڙي سڪي جيان نيٺ دوکو ڏيئي ويهي ٿو.چاپلوسي ۽ جائز تعريف ۾ بنيادي فرق اهو آهي جو تعريف ڪندڙ ڪنهنجي تعريف دل سان ڪندو آهي ۽ اها تعريف ڪرڻ ۾ هو سچو ۽ مخلص هوندو آهي ۽ سندس لفظن ۾ سندس دل جا سچا جذبا شامل هوندا آهن  جڏهن ته چاپلوس ٺڳ ۽ منافق هوندو آهي جيڪو پنهنجي لفظن ۾ ڪوڙ ملائي ڪو مقصد حاصل ڪرڻ گھرندو آهي.هو اصل ۾ پنهنجي ان فن ذريعي ٻين کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.سندس لفظن جو سندس دل ۽ جذبن سان ڪو تعلق نه هوندو آهي.چاپلوس کي لفظ ڳولهڻا پون ٿا جڏهن ته جائز تعريف ڪندڙ کي لفظن جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي بلڪه اهي لفظ ته سندس دل ۾ هر وقت موجود هوندا آهن  ۽ جذبن جي صورت ۾ سندس زبان مان بي اختيار ادا ٿيندا آهن.
حاصل مطلب اهو ته ٻين کان ڪم وٺڻ جو بهترين ۽ موثر طريقو هڪڙو ئي آهي سو اهو ته ماڻهن کي عزت ۽ اهميت ڏجي،سندن ڪم ۽ صلاحتين جي دل کولي جائز تعريف ڪجي،کين ڪم جو حڪم ڏيڻ بدران منجھن ڪم ڪرڻ جو ارادو پيدا ڪجي  ۽ سندن ڪارڪردگيء تي کين شاباس ڏيئي کين وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاء همتائجي.